ڪوانٽم گريوٽي يا طبيعاتي هيڪڙائي!

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ذراتي طبيعات سائنس جي اها شاخ آهي جنهن مطابق ڪائنات جي هر شيء اهڙن نه ورهائجڻ جهڙن ذرن سان ملي جڙي آهي.جيتوڻيڪ اهو نظريو قديم يونان جي ديموقراطيس جي ايٽم کان شروع ٿئي ٿو پر ان بابت سڀ کان گھڻو ڪم گذريل صديء ۾ ٿيو.1896ع ۾ جي جي ٿامسن ايٽم جي اندر اليڪٽران نالي ڪاٽو بار واري هڪ ذري جي دريافت ڪري ايٽم کي ورهائجڻ قابل قرار ڏنو.اهڙيء طرح گولڊ اسٽائين جي تجربن سان پروٽان نالي واڌو ذري ۽ 1932ع ۾ جيمز چيڊوڪ جي نيوٽران جي دريافتن ان نظريي کي مضبوطي ڏني ته ايٽم وڌيڪ ڪيترن ئي ذرن تي ٻڌل ٿي سگھي ٿو.پال ڊيراڪ ڪوانٽم نظريي جي بنياد تي آئن اسٽائن جي خاص اضافيت واري نظريي ۾ هڪ اهڙي مساوات جو واڌارو ڪيو جنهنجي نتيجي ۾ ڪاٽو اليڪٽران جو جاڙو ذرو واڌو پروٽان يعني پوزيٽران جي اڳڪٿي ٿي جنهن کي 1932ع ۾ اينڊرسن پنهنجن تجربن سان ثابت ڪري ڏيکاريو. ڪائنات ۾ لڌل تارن ۽ ڪهڪشائن مان ايندڙ ڪرڻن جو تجزيو ڪندي وڌيڪ ذرا جهڙوڪ پائي اون وغيره دريافت ٿيا.انهيء دوران ايٽم جي مرڪز يعني نيوڪليس مان نڪرندڙ تابڪاري شعائن تي تحقيق ڪندي هڪ اهڙو رياضياتي طريقو پيش ڪيو ويو جنهن کي فيلڊ ٿيوري چيو وڃي ٿو يعني هر ذرو بنيادي طور تي هڪ فيلڊ يا ميدان سان تعلق رکي ٿو.فيلڊ ٿيوري مطابق ڪائنات ۾ موجود سموريون قوتون جيئن ڪمزور ۽ طاقتور نيوڪلائي قوت،برقي مقناطيسيت وغيره سميت سمورا ذرا پنهنجا مختلف ميدان پيدا ڪن ٿا.جيئن برقي چارج کان برقي ميدان،مقناطيس کان مقناطيسي ميدان ۽ گريوٽي کان ڪشس ثقل جو ميدان يا فيلڊ پيدا ٿئي ٿي.فيلڊ ٿيوري ۾ ڪوانٽم نظريي جا اثر ڏٺا ويا ته معلوم ٿيو ته ڪائنات جون بنيادي قوتون ۽ ذرا دراصل انهن ميدانن جو نتيجو آهن يعني ذرو بذات خود ان وقت تائين وجود نٿو رکي جيستائين ان جو لاڳاپيل ميدان قائم نٿو ٿئي.هر ميدان دراصل انرجيء جو هڪ وسيع مرڪز آهي.آئن اسٽائن مطابق انرجيء جو اهو مرڪز ڪميتي شڪل يعني مايي جي طور تي پنهنجو اظهار ڪري سگھي ٿو ان ڪري هر ميدان پنهنجي انرجي سان خاص ذرا پيدا ڪري ٿو.برق مقناطيسي ميدان سان جيڪو ذرو پيدا ٿئي ٿو ان کي فوٽان چئبو آهي جنهنجي هڪ شڪل ڏسڻ جهڙي روشني آهي.بعد ۾ پاڪستاني سائنسدان عبدالسلام ۽ ٻن آمريڪي سائنسدانن اسٽيون وائنبرگ ۽ شيلڊن گلاشو وغيره پنهنجي تحقيق سان ثابت ڪيو ته مختلف نظر ايندڙ ذرا بنيادي طور تي هڪ ئي فيلڊ يا ميدان جا مختلف اظهار ٿي سگھن ٿا.انهن برق مقناطيسي ميدان ۽ ڪمزور نيوڪلائي قوت کي گڏي ڇڏيو ۽ هڪ نئين فيلڊ يا قوت جنهن کي اليڪٽرو ويڪ قوت چئبو آهي جو بنياد وڌو.ان نئين ميدان مان ٽن نون ذرن يعني ٻه W۽هڪ Zجي اڳڪٿي ڪئي ويئي جن کي تمام جلد دريافت ڪري ورتو ويو.پروفيسر عبدالسلام کي باقي ٻنهي سائنسدانن سميت 1979ع ۾ سائنس جو سڀ کان اعليٰ انعام يعني نوبل پرائيز ڏنو ويو.اهي نوان ذرا پروٽان جي ڀيٽ ۾ سو ڀيرا وڌيڪ مايو رکندا آهن ۽ انهيء ڪري عام انرجيء جي ڀيٽ ۾ گھڻي انرجي تي نظر ايندا آهن.اهو ئي سبب آهي جو اليڪٽران ۽ پروٽان جي ڀيٽ ۾ اهي ذرا قائم نٿا رهن ۽ عام انرجيء تي ٻين ذرن ۾ حل ٿي وڃن ٿا.پروفيسر عبدالسلام جيان ٻيا سائنسدان به هاڻي اهڙن ميدانن جي ڳولا ۾ ڦرڻ لڳا جيڪي باقي رهيل فطري قوتن ۽ ذرن کي به يڪجا ڪندي هڪ طبيعاتي وحدتن ۾ پروئي سگھن.ان سلسلي ۾ اڃا تائين سائنسدان ٽن بنيادي قوتن کي ڪٺو ڪري سگھيا آهن يعني اليڪٽرو ويڪ قوت سان گڏ طاقتور نيوڪلائي قوت جو اتحاد ڪيو ويو آهي.اهو ڪم گذريل صديء جي آخري ڏهاڪن ۾ سرانجام ڏنو ويو هو.پروٽان ۽ نيوٽران وغيره جڏهن گھڻي توانائيء واري ڪنهن علائقي مان گذاريو وڃي ته سندن رفتار نهايت ئي تيز ٿي وڃي ٿي ۽ ان قدر تيز رفتاريء تي انهن کي پاڻ ۾ ٽڪرايو وڃي ته اهي ذرا وڌيڪ تحليل ٿي ڪجهه وڌيڪ نون ننڍن ذرن کي جنم ڏين ٿا جن کي اڄ ڪوارڪ جو نالو ڏنو وڃي ٿو.ڪوارڪ جا نظرياتي بنياد گيل مين نالي سائنسدان رکيا هئا.اهي ننڍا ذرا ٽن نسلن جي شڪل ۾ رهن ٿا جن مان هر نسل جا ٻه فرد ئي ٿين ٿا.ڄڻ اهي ڇهه مختلف ڪوارڪ ٿين ٿا ۽ عام طور تي ٻٽي Doubletيا ٽيڻي Tripletجي شڪل ۾ ڳنڍيل ٿين ٿا.ٻٽي نموني جي ذرن کي ميزون جڏهن ته ٽيڻي نموني جي زرن کي بيري چيو ويندو آهي.پروٽان ۽ نيوٽران ٽن ڪوارڪ مان ٺهن ٿا.بهرحال انهن ڇهن ڪوارڪ جي مختلف شڪلين مان وڌيڪ ذرا به جوڙي سگھجن ٿا.ٽن بنيادي قوتن کي هڪ ئي ميدان جي توانائيء جون مختلف شڪليون قرار ڏيڻ گذريل صديء جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي ۽ انهيء ڪاميابيء جي پيش نظر ئي سائنسدانن طبيعاتي وحدت جو خواب ڏٺو آهي جن مان هڪڙي ڪوانٽم گريوٽي به آهي.ان ماڊل مطابق اسان گريوٽي جي نيدان کي به هڪ ذري جي شڪل ۾ ڏسي سگھون ٿا ۽ گذريل قوتن جي وحدت دوران جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو هو ان مطابق گريوٽي جي ذري جون ڪجهه خاصيتون واضح ڪيون وييون آهن،جيئن اها ته ان ذري جو مايو ٻڙي ٿيندو ۽ ان جي رفتار روشنيء جي رفتار جي برابر هوندي.ان جي اندروني يا ڪوانٽم گردش جو مقدار فوٽان کان ٻيڻو ٿيندو.ان مفروضي واري ذري جو نالو گريويٽان رکيو ويو آهي.6 آگسٽ 2012ع تي ڊينمارڪ ۾ ٿيندڙ پوائن ڪري ليڪچر ۾ مشهور نوبل انعان يافتا سائنسدان ڊائيسن چيو هو ته جيڪر ٻين ذرن جيان گريويٽان جي لاء به ڪو تجربو ڪيو ويو ته اهو گريويٽان ايڏو ڳرو ٿي ويندو جو هڪ بليڪ هول بڻجي سگھي ٿو ڇو ته اهو ذرو ايتري ته توانائيء سان سامهون ايندو جنهن کي اسان زمين تي موجود ڪنهن به تجربيگاهه ۾ پيدا ڪري نٿا سگھون ان ڪري گھڻا سائنسدان اڄ به سمجھن ٿا ته شايد گريويٽان تجربي ۾ سامهون نه اچي سگھي.پر ان بي يقيني واري صورتحال ۾ گذريل ڏينهن ۾ نيدر لينڊ جي هڪ سائنسدان رچرڊ نورٽ هڪ سادو طريقو دريافت ڪيو آهي جنهن سان گريويٽان جي اثرن کي ڏسي سگھجي ٿو.آئن اسٽائن مطابق هر ذرو انرجيء جي ئي هڪ شڪل ٿئي ٿو ان ڪري گريويٽان به انرجي رکندڙ هڪ ذرو آهي.ڪوانٽم نظريي مطابق ان ذري جي انرجي ڪڏهن به ٻڙي ٿي نٿي سگھي.ان ڪري هر اها جڳهه جتي ڪشش ثقل موجود آهي اتي گريويٽان جي توانائي موجود هوندي ايستائين جو خلا ۾ به اها توانائي پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪندي.اهڙيء طرح توانائي جاڙن ذرن جي شڪل ۾ پنهنجو اظهار ڪري ٿي جن کي واهمي ذرا Virtual Particles چئبو آهي.ان طرح جو عمل اڳ ۾ به فوٽان لاء ڏسجي چڪو آهي ۽ اصطلاح ۾ ان کي ڪيزي مير جو اثر Casmir Effect چئبو آهي.ان اثر مطابق جيڪڏهن خلا ۾ ٻن پليٽن کي ويجھو رکيو وڃي ته ته برقي مقناطيسي ميدان جي توانائي جو مقدار ڪڏهن به ٻڙي نٿو ٿي سگھي.ان ڪري پليٽن ۾ لرزش سان ثابت ٿئي ٿو ته خلا به خالي ناهي!

    گريوٽيء جو ميدان ڇوته خلا ۾ به موجود هوندو آهي ان ڪري جيڪر مڪمل موصل ايليومينم جي پليٽن کي خلا ۾ ويجھو رکيو وڃي ته انهن جي وچ ۾ لرزشي اثر پيدا ٿي سگھي ٿو.20 جولائي 2018ع ۾ پروفيسر نورٽ طبيعات جي مشهور ميگزين فزيڪل ويو ليٽرز ۾ پنهنجي تحقيق جا نتيجا پيش ڪيا.ان تجربي ۾ اهڙو ڪوبه اثر سامهون نه آيو يعني گريويٽان اڃا به ناقابل دريافت آهي. بهرحال انسان جي اندر موجود وحدت جي تلاش جي جبلت جو اظهار طبيعات جي جديد نظرين ۾ نظر اچي رهيو آهي ۽ شايد اها ئي جبلت ڪنهن ڏينهن ڪوانٽم گريوٽي جي شڪل م ڪائنات جي طبيعاتي وحدت جو اظهار ڪري وٺندي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو