حر مجاهد ڪپتان فقير اربيلو غازي ستاره جرات

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2019۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

    [​IMG]

    ڪمانڊر صاحب بت ناھن وڙھندا... غيرت وڙھندي آ...!
    مان جيڪي ڪاروايون ڪندس انھن جون خبرون توھان ھندستاني ريڊيو تي ٻڌندو..!
    اھي لفظ حر مجاھد ڪپتان اربيلو فقير غازي ان وقت چيا ھئا جڏھن پاڻ 1965 جي جنگ ۾ رضاڪارانہ طور ڀرتي لاءِ آيو ھو ۽ ڪمانڊر کيس ڀرتي ڪرڻ کان ان سبب انڪاريو ھوتہ ھي ڇوڪرو عمر ۾ ننڍو قد ڪاٺ ۾ پورو ناھي.. ھي تہ رائيفل بہ سنڀالي نہ سگھندو..
    اربيلو فقير پنھنجي براداري جي سردار جو پٽ ھو.. ان سان گڏ 500 غازين جو لشڪر بہ ھو.. جن کيس شامل ڪرڻ لاءِ جڏھن احتجاج ڪيو ته ڪمانڊر مجبوري ۾ کيس سليڪٽ ڪيو.. ۽ پوءِ ٿيو بہ ائين .. جيڪو غازيءَ ڪمانڊر کي چيو ھو... انڊين ريڊيو آڪشواڻي خبرون نشر ڪرڻ لڳو تہ پاڪستاني سول ڪميونٽي حر مجاھد جي جوانن اربيلو جي اڳواڻي ۾ ھندستان جو 2200 چورس ميٽر علائقو قبضي ۾ آڻي ورتو آھي..
    انڊين آرمي جي پوري بٽالين ان قبضي جي ھيٺ آھي.. حر مجاھدن جي تعداد گھٽ پرجرات بھادري ۾ پير صاحب پاگاري شھيد جي انگريزن خلاف گوريلا ڪاروائي جي تجربي ۽ علائقي کان واقفيت ڪري انڊين آرمي جي مٿان حاوي ثابت ٿيا..
    اربيلو فقير نشر ٿيندڙ ھڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو هو تہ اسان پنج پنج مجاھدن جي ٽولين جي صورت ۾ پنھنجي پوزيشن تبديل ڪندي حملا ڪندا آھيون ان سان انڊين آرمي کي محسوس ٿيندو آھي تہ اسان تعداد ۾ گھڻا آھيون.. جڏھن کائن پڇيو ويو ته توھان وٽ خوراڪ ۽ اسلحو ڪيئن ٿو پھچي ته اربيلو فقير جو چوڻ ھو تہ خوراڪ جي ڪا پرواھ ناھي ۽ ھٿيار ڪجھ پنھنجا ۽ باقي انڊين آرمي کان کسي استعمال ڪندا آھيون...
    جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ اعزاز ملڻ جي تقريب ۾ دنيا ڏڍو تہ صرف ٻن غازين کي تمغاء جرات ڏنو ويو .. ھڪ ايم ايم عالم ۽ ٻيو اربيلو فقير غازي.. اعزاز ملڻ وقت حال دير تائين تاڙيو وڄائيندو رھيو... پر افسوس جو ٻنھي غازين کي دنيا ائين به ڏٺو جو ايم ايم عالم پنھنجي سموري عمر پاڻ لاءِ گھر خريد نہ ڪري سگھيو ۽ اربيلو فقير غازي جنھن جو ذڪر ڪڏھن به ميڊيا ۾ قومي سرمائي جي حيثيت سان نہ ڪيو ويو...!!
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

هن صفحي کي مشهور ڪريو