ڇا ڌارين لفظن جو استعمال ٻوليءَ ۾ بگاڙ آڻي ٿو... هي

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 آگسٽ 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ليکڪ:
    الطاف محبوب جوکيو
    ... ...
    سوال اهڙو آهي جنهن تحت عالمن جا مختلف رايا ۽ خيال سامهون ايندا آهن. ڪي عالم ۽ اديب ان خيال جا هوندا آهن ته جڏهن پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌاريا لفظ گهڻائيءَ سان استعمال ٿين ته اهڙي يلغار سان ٻوليءَ جي حيثيت کي ڌڪ لڳي ٿو. ٻئي پاسي، ڪن عالمن يا اديبن جو وري خيال هوندو آهي ته ٻوليءَ ۾ ڌارين لفظن جي استعمال سان ٻوليءَ جي ڍانچي يا حيثيت تي ڪو فرق نه ٿو پوي. پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ استعمال ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪڏهن ته تز لفظن جي نه ملڻ سبب، ترجمو ڪندي رهندو ٻوليءَ ۾ مونجهارو پيدا ڪيو ويندو آهي.
    هتي ان معاملي تي مختصر ئي پٽاڙ ڪري سگهبي، ڇاڪاڻ ته اهڙن معاملن اندر ڪافي سوال پيدا ٿين ٿا. اصل معاملو ٻوليءَ جي بنيادي ڍانچي جو هوندو آهي، ان بنيادي ڍانچي ۾ جيڪڏهن ڪٿي ڪا لچڪ پيدا ٿئي ٿي ته ان معاملي ۾ اعتراض مناسب هوندا آهن. ايئن کڻي سمجهجي ته ٻوليءَ جي ڍانچي جا 2 حصا ٿيندا آهن: هڪ: صَرف، جنهن جو لفظن جي بيهڪ سان لاڳاپو هوندو آهي ۽ ٻيو: نحوَ، جنهن جو جملي جي جوڙجڪ سان تعلق هوندو آهي.
    جيڪڏهن عربي جملي جي بيهڪ ڏسنداسين ته معيار مطابق جملي جي شروعات ئي “فعل” سان ٿئي ٿي، جيئن: لاتقنطوا من رحمت الله … اهدنا صراط المستقيم … اهڙن جملن جا جيڪڏهن هن خطي جي نسبت ترجمو ڪنداسين ته پوءِ جملي کي پويان کڻبو ته مناسب بيهندو (لاتقنطوا من رحمت الله(“الله جي ٻاجهه مان نراس نه ٿيو”. وري جڏهن انگريزي ڏسنداسين ته “فعل” ان جي وچ ۾ بيهي ٿو. سنڌي يا اردو موجب “فعل” جملي جي آخر ۾ اچي ٿو. اهڙي نموني جيڪڏهن اردو جو ڍانچو ڏسنداسين ته ان جي جملي ۽ لفظ (آخري آواز ساڪن) جي بيهڪ ساڳي هندي ٻوليءَ واري آهي، باقي لفظن ۾ مختلف ٻولين (عربي، فارسي ۽ ترڪي وغيره) جا لفظ استعمال ٿين ٿا، جنهن سبب لشڪري زبان سڏجي ٿي. سنڌي ٻوليءَ جو ڍانچو وري نرالو آهي، جنهن ۾ نحوي توڻي صرفي لحاظ کان آخري ڇوٽو سُر (Short Vowel) وڏي اهميت جو حامل آهي، جيئن:
    1- گهرُ- گهرَ (واحد-جمع)
    ڇوڪرُ- ڇوڪرِ (مذڪر- مؤنث)
    مان گهرِ آهيان. (گهرَ ۾ آهيان- حرف جر)
    گهوٽَ ماءُ (گهوٽ جي ماءُ- حرف اضافت)
    هي مانيءَ جو وقت ٿيو آهي (حرف اضافت سبب،/اي/سُر آواز سان “ءَ” جو اضافو)
    ساجنُ سڃاتو (مون ساجن کي سڃاتو- فاعلي صورت)
    ساجنَ سڃاتو (مون کي ساجنَ سڃاتو- مفعولي صورت) وغيره.
    صرفي لحاظ کان بي جان/غير جنسي شين تي “پيش” مذڪر ظاهر ڪندو آهي ۽ “زبر” مؤنث، جيئن: “منهنجو ڪتابُ” (غير جنسي مذڪر) ۽ “منهنجي سليٽَ” (غير جنسي مؤنث) وغيره.
    ان اصول تحت جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي معياري ٻوليءَ آهر، آخري ساڪن ٿيندو ته پوءِ ماقبل آخر وينجن (Consonant) تي اصولي طور ساڳي اعراب ڪم آندي ويندي، جيئن:
    لکندُم/لکندُس (م ۽ س ساڪن صورت ۾ مذڪر جو پيش ماقبل تي ڪم ايندو).
    لکندَم/ لکندَس (م ۽ س ساڪن صورت ۾ مؤنث واري زبر ماقبل آخر تي ڪم آڻبي).
    سنڌي ٻوليءَ موجب جڏهن ڪنهن لفظ پويان “حرف جر” لڳي ٿو ته ان صورت ۾ “حرف اضافت” وارو آخري ڇوٽو سُر به ڪم آندو ويندو، جيئن: “ڊاڪٽر الطاف جوکيو لسانيات ۾ سنڌي صورتخطي تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي”. جملي جي درست صورتخطي ٿيندي: “الطاف جوکيي، لسانيات ۾ سنڌي صورتخطيءَ تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي”. اخباري صورتخطيءَ ۾ ان ڳالهه جو خيال نه رکيو ويندو آهي. اهي ننڍڙا معاملا ٻوليءَ جي جسماني ڍانچي کي سالم رکڻ لاءِ لازمي آهن. اهو ٻوليءَ جو مزاج ظاهر ڪري ٿو (هتي “صورتخطي” جي پويان حرف جر “تي” اچي ٿو، ان ڪارڻ “ءَ” آخري ڇوٽي سُر جي نسبت ڪم آڻڻ نهايت سهائيندڙ آهي). ٻوليءَ جي ڍانچي موجب سنڌي ٻوليءَ جي اهڙين خاصيتن کي دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ سان برميچي نه ٿو سگهجي.
    ٻوليءَ جون اهي خصوصيتون اهڙيون آهن، جيڪي، جيڪڏهن وياڪرڻي/سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان ڪٿي ضايع ڪيون وڃن ٿيون ته ان صورت ۾ لازمي طور تنقيد ڪرڻي پوي ٿي. ٻي صورت ۾ ان کي ٻوليءَ جو بگاڙ ڪوٺبو.
    هڪ دوست، ڪچهري ڪندي اهو پڇيو ته: “فرض ڪريو ته جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ “نيرن” جو لفظ موجود آهي ته ان بدران “ناشتو” لفظ ڪم نه آڻڻ گهرجي، اهو ٻوليءَ جو بگاڙ آهي!” ان لاءِ مختصر اهو ئي چئي سگهبو ته بهتر آهي ته عام ٻوليءَ ۾ پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ ڪم آڻجن، جيڪڏهن پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ ڪم گهٽ آڻبا ته اهڙن لفظن کي زنگ لڳي ويندو، ان ڪارڻ ڪوشش ڪجي ته پنهنجي ٻوليءَ جا لفظ گهڻي کان گهڻا استعمال ۾ آڻجن. اضافي طور اها ڳالهه به چئي وٺبي ته جيڪڏهن روانيءَ ۾ “ڌاريا لفظ” ڪم آندا وڃن ٿا ته ان ۾ ڪو حرج ڪونهي. شرط صرف اهو آهي ته ان کي پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج مطابق ڪم آڻجي. فرض ڪريو ته “اسڪول” هڪ انگريزي لفظ آهي، انهن اهو لفظ ڪٿان کنيو هوندو، ان پاسي ڪونه ٿا وڃون، پر جڏهن اهو انگريزي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم آڻيون ٿا ته اسان تي لازم آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جي نسبت، ان ۾ آخري ڇوٽو سُر ڪم آڻيون، جيئن: اسڪولُ (واحد)، اسڪولَ (جمع)، “اسڪولِ آهيان” (اسڪولَ ۾ آهيان- حرف جر).
    ياد رهي ته ڀلي اهو لفظ انگريزي يا لاطيني هجي پر جڏهن اسان ان جي آخري ڇوٽي سُر جي نسبت تبديلي آڻيون ٿا ته اهو سنڌي لفظ بڻجي پوي ٿو. اهڙي حالت ۾ ان کي بگاڙ نه چئبو، پر جيڪڏهن “اسڪول” جو “لام” ساڪن ڪريون ٿا ته پڪ ڄاڻو ته اهو سنڌي ٻوليءَ جي وياڪرڻ موجب بگاڙ ٿئي ٿو.
    اچون ٿا ان ڳالهه تي ته جڏهن سنڌي ٻولي هڪ شاهوڪار ٻولي آهي ته پوءِ ڳالهائڻ يا لکڻ جي صورت ۾ ڌارين لفظن بجاءِ پنهنجي ٻوليءَ جي لفظن کي استعمال ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟
    اهو سوال ٻوليءَ جي وياڪرڻي اصولن کان الڳ آهي. انگريزي ٻولي هڪ شاهوڪار ٻولي سڏجي ٿي، توڻي جو ان جي صورتخطي پڙهڻ/آواز ۽ اکر جي لحاظ کان سڃاڻپ جوڳي (Decodable) ناهي، پر تنهن هوندي به شاهوڪار سڏجي ٿي، ان جو اهم سبب ته ان ۾ دنيا جي مختلف ٻولين جا لفظ پيا ٿا شامل ٿيندا رهن، ليڪن ان جي بنيادي ڍانچي يا جملي جي جوڙجڪ تي ڪو اثر نه ٿو پوي.
    اهڙي خيال کان جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي “لفظي ۽ جملي جي جوڙجڪ” تي ڪو بيجا اثر نه ٿو پوي، ته ان صورت ۾ ان کي بگاڙ نه چئبو. ٻيو ته ڳالهائجندڙ ٻوليءَ واري واهڙَ کي روڪڻ، ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. شهري ٻولي ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ فرق رهي ٿو، لکيل پڙهيل ماڻهوءَ جي ٻولي ۽ هڪ مزدور طبقي جي ٻوليءَ ۾ ويڇو بيهي ٿو. اهڙي صورت ۾ صرف ٻوليءَ جي بنيادي ڍانچي کي ڏسي ڪا راءِ ڏئي سگهجي ٿي. فرض ڪريو ته شهري ٻوليءَ ۾ “ڪتاب” جو جمع “ڪتابون” ڪم آڻجي يا مذڪر جي صورت کي مؤنث صورت ۾ (منهنجي ڪتاب) ٿو ڪم آڻجي ته ان صورت ۾ دانهن ڪبي ته اها ڪار مناسب ناهي، “ڪتابَ” يا “منهنجو ڪتابُ” ٿيندو؛ حالانڪ، “ڪتاب” به عربي ٻوليءَ جو ڌاريو لفظ آهي، پر اسان ان کي پنهنجي ٻوليءَ جي مزاج آهر ڏسنداسين.
    ٻوليءَ جي لحاظ کان ٻيو اهم مسئلو “لفظ/ ٽرم جي ترجمي” وارو سامهون اچي ٿو. مثال طور: “گلوبلائيزيشن” هڪ اصطلاح/ ٽرم آهي، جيڪو پوري دنيا ۾ هڪ مخصوص معنى جي دائري سان ڪم اچي ٿو. هاڻي جڏهن ان جو ترجمو “عالمگيريت” ڪريون ٿا ته وري مسئلو سامهون اچي ٿو ۽ ڪافي سوال کڙا ٿين ٿا. هڪ ته جڏهن اهڙن انگريزي ٽرمن جو ترجمو ڪندا آهيون ته اسان کي مجبورن عربي يا فارسي لفظ ڪم آڻڻا پون ٿا، ٻيو ته ان لفظ جي معنى جو جيڪو مخصوص دائرو آهي، اهو عام تائين واضح نه ٿو بيهي. حقيقت ۾ اهو معاملو ڪارپس پلاننگ تحت ڪنهن ٻوليءَ جي سرڪاري اداري جو آهي ته ڪو ڪٺ جوڙي، اهڙن لفظن جي ترجمي ۽ ان معنى واري دائري کي يڪسان طور عام ڪن؛ پر اها اسان سنڌي ماڻهن جي بدقسمتي آهي ته ادارا ڪمن لاءِ نه پر ماڻهن کي سهوليت ڏيڻ لاءِ قائم ٿيل آهن، پوءِ اهڙا معاملا وچ تي ئي رلي ٿا وڃن.
    لفظن جي ترجمي سان وري ٻي حالت اها ٿي ٿئي ته هڪ عالم ان جي ڪا هڪ لفظي معنى جوڙيندو ته ٻيو اٿي اختلاف رکي ڪا ٻي معنى جوڙيندو. ظاهر آهي ته اهڙي اختلاف کي ختم ڪرڻ ۽ ترجمي وارن لفظن جو تعين ڪرڻ، سرڪاري ادارن جو ئي فرض آهي، جيڪو پورو نه پيو ٿئي.
    ترجمي واري حالت جو هڪ مثال ڏجي ٿو جنهن مان اندازو ڪري سگهو ٿا ته اها ٻوليءَ ۾ بگاڙ پيدا ڪري ٿي يا سهوليت! هڪ اسان جي عالم کي ڪا “فائونڊيشن” قائم ڪرڻي هئي. ڄاڻو ٿا ته “فائونڊيشن” جي معنى ڪا هڪ ته آهي ڪونه. “فائونڊيش” هڪ اصطلاح/ ٽرم آهي، وري ان سان گڏ “ٽرسٽ” جو اضافو به ڪيو ويو. ترڪيب جڙي: “فائونڊيشن ٽرسٽ”، اڳيان وري پنهنجو تصور “اوسر” رکيو ويو. هاڻي ٿيو: “اوسر فائونڊيشن ٽرسٽ”. ان ڳالهه تي بحث آهي ئي ڪونه ته “فائونڊيشن ۽ ٽرسٽ” واري ترڪيب به جڙي سگهندي يا نه! هاڻي ان جي ترجمي، يعني سنڌي بڻائڻ وارو مرحلو آيو. غور ۽ فڪر بعد ان جو نالو وڃي بيٺو: “اوسر پيڙهڪا امانتاڻو”. فائونڊيشن جي معنى “پيڙهڪا”، ٽرسٽ جي معنى “امانتاڻو” هجڻ سان ته ڪو اختلاف ئي ڪونهي. ليڪن ان ترجمي سان سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته: “فائونڊيش يا ٽرسٽ” جي هڪ معنى- مراد آهي يا هڪ اصطلاح جي صورت ۾ دائرو آهي، سو “پيڙهڪا ۽ امانتاڻي” مان ملي پيو؟ عام ماڻهوءَ کي به خبر آهي ته “فائونڊيشن يا ٽرسٽ” جي مراد ڇا آهي! ليڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته: “پيڙهڪا يا امانتاڻو” وارا لفظ مٿين اصطلاحن جي دائري واري مراد ڏيڻ پيا؟
    اهڙي ٻوليءَ جي خدمت به سهوليت بجاءِ مونجهارا پيدا ڪندي آهي ۽ اهڙو جذبو، بيشڪ ڀلو آهي، پر ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ ڳڻجي ويندو. تنهنڪري ڪوشش ڪجي ته ٻوليءَ کي آسان بڻائجي ۽ جيڪڏهن جذبو جوان آهي ته ٻوليءَ جي اصولن تحت، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪجي.
    پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيل آرٽيڪل... آگسٽ 24، 2019
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو