مثال بڻجي ڏيکاريو....!!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ : قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار : امتياز علي رند

    ڪيترائي ماڻهو پنهنجن ڳالهين جي وضاحت جي لاءِ وڏين وڏين شخصيتن جي مثال ڏيندا آهن. ليکڪ پنهنجي تحريرن ۾ جان وجهڻ جي لاءِ وڏن وڏن معتبر نالن جي مثال ڏيندا آهن. ڪنهن نظريي جي وڪالت جي لاءِ دليلن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترين ئي عظيم هستين جي نالن جو مثال ڏنو ويندو آهي پر غور ڪرڻ جي هي ڳالهه آهي ته" مثال ڏيڻ وارا بيشمار هوندا آهن ۽ مثال بڻجڻ وارا گهٽ هوندا آهن". هن زندگي ۽ هن زندگي جا مسئلا سڀني جي لاءِ هڪ جهڙا هوندا آهن. دانشور ٻين جي تجربن ۽ غور وفڪر سان فهم ۽ دانش جا گهرا موتي ڪڍندا آهن ۽ عام انسان زندگيءَ جي مسئلن، پريشانين، مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن ۾ ڦاسي ڪري گمنام ٿي هليو ويندو آهي. چوندا آهن ته برسات جا قطرا سڀني جڳهين تي هڪجهڙا پوندا آهن پر نتيجا مختلف نڪرندا آهن. جيڪڏهن ڪو برسات جو قطرو تلاءُ ۾ وڃي پوي ته اهو تلاءُ جو حصو بڻجي ويندو آهي. ڪو قطرو سمنڊ ۾ پيو ته سمنڊ بڻجي ويو. ڪو قطرو بنجر زمين تي پوندو آهي ته زمين بنجر ئي رهندي آهي. زمين بنجر هجي ته برسات سان ڇا ٿيندو؟ ڪو خوشنصيب قطرو جيڪڏهن ذرخيز زمين تي پيو ته فصل ٿيڻ لڳا ۽ ماڻهن کي اناج ملڻ لڳو. اهو ئي برسات جو قطرو جيڪڏهن نانگ جي منهن ۾ وڃي پيو ته اهو زهر بڻجي ويو ۽ ڪو وڏو ئي خوشنصيب قطرو جيڪڏهن ڪنهن سيپي جي منهن ۾ وڃي پيو ته اهو موتي بڻجي ويو. برسات هڪ ئي آهي ۽ پاڻي به هڪ آهي پر برسات جو پاڻي وصول ڪرڻ کان بعد خوشگوار نتيجو پنهنجو پنهنجو نصيب آهي. اڄ هر نوجوان زندگيءَ ۾ وڏيون وڏيون خواهشون کڻي هلندا آهن ۽ هي وساري ڇڏيندا آهن ته صرف خواهش سان ڳالھ ناهي بڻجندي پر چيو ويندو آهي ته وڏي ڪاميابي جي قيمت جا ٻه ئي حصا هوندا آهن ۽ ٻنهن حصن جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي آهي هڪ ڪاميابي جي لاءِ هڪ شديد خواهش يا جنون ٻيو سخت محنت، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ذهانت جي انتها هجي پر اهو ڪجهه ڪرڻ جي شديد خواهش نه رکندو ته اهو ڪجه به حاصل ڪري نه سگهندو. دنيا جو تيز ترين اڏرڻ وارو سپر جهاز به بغير پيٽرول Fule جي نٿو هلي سگهي. بلڪل اهڙي طرح ڪاميابي جو فيول سچي خواهش آهي ڪاتب تقدير به ڪاميابي انهن جي مقدر ۾ لکندو آهي جيڪي ٻيڙيون جلائي ڪري سفر ڪندا آهن. ڪجه بڻجي ڏيکارڻ جو جذبو انهن کي سڪون سان ناهي ويهڻ ڏيندو. هڪ دفعي سقراط وٽ هڪ شخص آيو ۽ ان هڪ عجيب سوال ڪيو ته توهان وٽ ايترو علم آهي جو ماڻهو توهان کي عقل جو پيغمبر چوندا آهن ۽ دنيا اوهان جي ديواني آهي هي سڄو علم، دانائي، فهم و فراست ۽ هي عقل توهان ڪٿان حاصل ڪيو؟ سقراط چيو ته هل مون سان درياه تي ڇو ته هن سوال جو جواب مان توکي درياهه تي ئي پهچي ڪري ڏئي سگھان ٿو. اهو شخص ۽ سقراط درياھ تي پهتا. سقراط چيو ته هن پاڻي کي غور سان ڏسو هن ۾ تنهنجي سوال جو جواب آهي اهو شخص پاڻي کي غور سان ڏسڻ لڳو پر ڪجهه سمجهه ۾ نه آيس پوءِ چيائين ته مونکي ڪو جواب نه مليو، سقراط موٽ ۾ چيو ته غور سان ڏس ته جواب صاف نظر اچي پيو، ان پنهنجيون اکيو وڌيڪ پاڻي جي ويجھو ڪيون سقراط ان جي مٿي کي زور سان پڪڙي ڪري پاڻي ۾ وڌو. ان شخص کي ڏاڍا غوطا آيا ۽ ان ڏاڍا هٿ ۽ پير هنيا پر سقراط ان جي مٿي کي نه ڇڏيو، جڏهن اهو مرڻ جي ويجهو هيو ته سقراط ان کي ٻاهر ڪڍيو ۽ چيائين ته هاڻي ٻڌاءِ توکي سمجھ آئي اهو شخص دانهون ڪري چوڻ لڳو ته توهان مون کي مارڻ لڳا هيو، سقراط چيو ته مان توکي کي تنهنجي سوال جو جواب ڏنو. اهو شخص چوڻ لڳو ته توهان غلط پيا چئو توهان ته مون کي مارڻ لڳا هيو، سقراط چوڻ لڳو ته ڀلا مون کي هي ٻڌاءِ ته جڏهن تنهنجو مٿو پاڻي ۾ ٻڏل هو ته تنهنجي سڀ کان وڏي خواهش ڇا هئي؟ ان چيو ته مان زندهه بچي وڃان، سقراط چيو ته جهڙي طرح هڪ مرڻ واري وٽ هڪ خواهش هوندي آهي ته مان بچي وڃان بلڪل اهڙي طرح منهنجي هر لمحي خواهش هوندي آهي ته مان وڌيڪ علم سکا، انهيءَ شديد خواهش جي ڪري علم و دانش ۽ فهم و فراست منهنجي گهر جي ٻانهي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو