توهان جو اختيار ماضي، حال يا مستقبل...!!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ : قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار : امتياز علي رند

    هڪ احمق جزيري تي سير ڪرڻ هليو ويو. رات جي پوئين پهر ان جو گهر واپس موٽڻ تي دل چاهيو. اهو سامان ٻيڙي ۾ رکندو آهي ۽ چپو هلائڻ شروع ڪندو آهي، چپو هلائيندي هلائيندي صبح ٿي ويندي آهي اهو ٿڪاوٽ کان چڪناچور ٿي ويندو آهي. جڏهن اهو سامهون ڏسندو آهي ته ڏاڍو حيران ٿي ويندو آهي ڇو ته منزل جو پري پري تائين ڪو نشان موجود ناهي هوندو، پوئتي مڙي ڪري نهاريندو آهي ته ان جا اوسان خطا ٿي ويندا آهن ڇو ته هو ٻيڙي سان ٻڌل رسي کي کولڻ کان بغير سڄي رات چپو هلائيندو رهيو ۽ ٻيڙي پنهنجي جاءِ تان ٻن انچن جو فاصلو به طي نه ڪري سگهي. هن مثال جي طرح بي شمار ماڻهو ماضي جي واقعن، تلخين ۽ ناانصافين جو سوچيندا رهندا آهن ۽ انهن جي زندگي جي ٻيڙي پنهنجي جڳھ تي ئي بيٺي هوندي آهي. اهي ماضي سان ٻڌل رسي کي نه کوليندا آهن. انهي لاءِ ماضي به انهن جو پيڇو نه ڇڏيندو آهي. توھان پاڻ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اڳتي وڌڻو هجي ۽ منزل جي طرف پٺي ڏئي هلڻ شروع ڪري ڏني ته ڇا اهو منزل تائين پهچي سگهندو؟ ڪڏھن به نه. ماضي توهان کي ڪجھ سبق سيکارڻ آيو هيو ته جيئن توهان انهن تجربن جي نتيجن کي ياد رکندي اڳتي وڌي سگھو. اسان ڪنهن به طاقت جي زور تي ماضي کي بدلائي نه ٿا سگهون. گذريل ڏينهن ڪڏهن به واپس نه ايندا. ها هڪ شي ممڪن آهي جو اسان ماضي جون غير ضروري يادون ۽ تلخ تجربن کي وساري ڇڏيون، انهن جي مطابق نه سوچيون ۽ نه ئي انهن جي متعلق ڳالهيون ڪيون. زندگي جي شروعاتي ڏينهن جون غلطيون تمام اهم هونديون آهن. هي اسان کي ذهني ۽ جذباتي طور تي پختو ڪري ڇڏينديون آهن. اهڙي طرح ڪيترائي ماڻهو مستقبل جي خوابن ۾ گم رهندا آهن. مستقبل جي هاڻي ڪا حقيقت ناهي، سڀاڻي ڪنهن ڏٺي ناهي. سڀاڻي جي فڪر نه ڪيو سڀاڻي ايندي ته ڏٺو ويندو. توھان جي اصل دولت آڄ آهي. ٻين لفظن ۾ موجوده وقت حال آهي ڇو ته توھان حال President کي تبديل ڪري پنهنجي مستقبل کي شاندار بڻائي سگھو ٿا. اهو وقت پري ناهي جڏهن هي وقت به ختم ٿي ويندو. اچڻ واري وقت کي متاثر ڪرڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته توهان حال ۾ جيئڻ سکو. واصف علي واصف رح فرمائن ٿا ته: "جنهن جوانيءَ ۾ پنهنجي مستقبل جو خيال رکيو ان کي ڪراڙپ ۾ حسرتن جو شمار گهٽ ئي ڪرڻو پوندو آهي." هر لمحو، هر ڏينهن ۽ هر سال توهان کي الله حافظ چئي رهيو آهي. اهم ڳالھ هي ناهي ته توهان ڪيترا پل ۽ ڪيترا لمحا زنده رهيا آهيو پر اهم هي ڳالھ آھي ته توهان ڪيترن لمحن ۾ زندگي ڀري ڇڏي آهي ۽ انهن مان فائدو حاصل ڪيو آهي. سڀ کان وڌيڪ قيمتي موجود لمحا آهن. حال ۾ رهندي محنت ۽ ڪوشش ڪيو توهان جو مستقبل سنور جي ويندو. ماضي ياد آهي ۽ مستقبل خواب، صرف حال ئي حقيقت آهي حال توهان جي توجھ جو جو سڀ کان وڌيڪ مستحق آهي. عقل مند ماضي جو ماتم نه ڪندو آهي ۽ نه ئي مستقبل جو فڪر، پر اهو حال کي سنواريندو آهي. انهي لاءِ اهو بي خوف ٿي ڪري جيئندو آهي. بي فڪري به هڪ نعمت کان گهٽ ناهي. ماڻهو ڪم ڪندي دماغي طور تي غير حاضر هوندا آهن. اهي ماضي جي يادن ۾ گم هوندا آهن. انهي لاءِ انهن جي ڪم کي پورو توجھ نه ملندو آهي ۽ اهي ناڪام ٿي ويندا آهن. کاڌو کائيندي، گاڏي هلائيندي، سير، تفریح جي جڳھين تي ۽ فيملي سان گڏ وقت گذاريندي ماڻهو ذهني طور تي ماضي جي پريشانين يا مستقبل جي انديشن ۾ غرق هوندا. انهي ڪري اهي زندگي مان صحيح طور تي لطف اندوز ناهن ٿيندا ۽ ان ماڻهوءَ سان ڳالھ ٻولھ ڪري توهان پاڻ به اداس ٿي ويندا آهيو. اداسي ۽ نااميدي ذهن جي توانائي کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. سڪون واري حالت ۾ ذهن وڌيڪ توانو هوندو آهي. انسان پرسڪون تڏهن ئي هوندو آهي. جڏهن اهو حال ۾ رهڻ سکندو آهي. دنيا جا سڀئي روحاني اسڪول حال ۾ رهڻ جي تبليغ ڪندا آهن ڇو ته اهڙي طرح سان توهان پنهنجن صلاحيتن کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهو ٿا. مستقبل جي پريشانين کي پري ڀڄايو. اڄ ۾ رهڻ سکو ۽ قناعت ڪندي زندگي گذاريو. ياد رکو اسان وٽ جيڪو ڪجھ آهي ان تي راضي رهڻ صحيح آهي پر اسان جيڪو ڪجھ آهيون ان تي قناعت ڪرڻ هرگز صحيح ناهي. ماضي ۽ مستقبل کان بي نياز ٿي ڪري ڪم ڪيو. اڄ کي بهتر ڪيو سڀاڻي پاڻهي بھترين ملندو. اهو مالڪ جنهن توهان کي ڪلھ به رزق ڏنو ۽ اڄ به توھان کي رزق ڏئي رهيو آهي. اهو يقينا آئيندي به توهان کي رزق ڏيندو. انهي ڪري پريشان هجڻ جي ضرورت ناهي پر صبر جو دامن پڪڙي ڪري محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. سک حاصل ڪرڻ جي لاءِ مطمئن رهو. اڄ ۾ جيئڻ سکو ڇو ته اطمينان سڀ کان وڏي دولت آهي. سڀاڻي جيڪي گل ٽڙندا انهن جا ٻج توهان جي هٿن ۾ آهن. اڄ ئي انهن کي پوکيو، توهان کي سڀاڻي شاندار ملندو. گوتم بدھ جو چوڻ آهي ته اسان جي مستقبل جو دارومدار اسان جي اڄ جي خيالن ۽ عملن تي آهي. جيستائين توهان روشن مستقبل جي لاءِ سچي دل سان محنت نه ٿا ڪيو ته توھان ڪامياب نه ٿي سگهندؤ. معجزن جو انتظار نه ڪيو، زندگي عمل سان بڻجندي آهي معجزن سان نه. پنهنجي مستقبل کي جنت نظير بڻايو ۽ اڄ کان محنت شروع ڪيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو