ڏات سفر ۾آ جو سرسري جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 آگسٽ 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    صالح عباسي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ڏات سفر ۾ آ، جو سرسري جائزو
    فقير محمد سنڌي
    گلاب جو گل آهي پيار جي علامت، ليڪن ڪتاب آهي زندگيءَ جوساٿي، جيڪو اخلاق به سيکاري ٿو، فڪري ۽ معاشرتي سڌارا به آڻي ٿو. اهڙي ئي فڪري دڳ تي صالح عباسي به آهي، جنھن پنھنجي زندگيءَ جي آئيڊيل شخصيتن کي پنھنجي هن ڪتاب ”ڏات سفر ۾ آ“۾ شامل ڪيو آهي، جن جي زندگي سدائين غور فڪر جي جاکوڙ ۾ رهي آهي ۽ رهندي پئي اچي. انهن سڀني حسن وارن کي صالح عباسي پنھنجي ڪوشش سان هڪ گلدستي ۾ سجائي پيش ڪيو آهي. گهڻن دوستن جو صحافتي دؤر ڪک پَنُ ٿي ويندو آهي، ٿورا ئي صحافي آهن جن پنھنجي پورهيي کي سنڀاليو آهي، انهن ۾ صالح عباسي به شامل آهي، جنھن روزاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻو لاءِ ڪيل انٽرويوز سنڀالي هن ڪتاب کي تاريخي ورقن جي حيثيت بخشي آهي، جيڪا صدين تائين امر رهڻي آهي. انهن شخصيتن جي خدمت ۽ محنت کي دنيا قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي.
    صالح عباسيءَ کي جَسُ آهي جنھن سگهڙائپ جي فن، سياسي، سماجي ۽ ادبي ذوق رکندڙ شخصن ۽ هستين کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، اهڙن عالمن، عارفن ۽ مفڪرن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو آهي ته:
    هو پڻ ڪونهي هن ريءَ، هي نه هُنھان ڌارَ،
    الانـسـانُ سِــري و اَنـا سِــرهه پروڙج پچارَ،
    ڪــنــدا ويــا تــنــوارَ، عــالم عارف اهڙي.
    صالح عباسي پنھنجي ڪتاب ۾ سگهڙائپ واري شاعري، استاد محمد ملوڪ عباسي جي زندگيءَ بابت تفصيلي ذڪر، 20 ڏات ڌڻي منھنجي ڳوٺ جا ۽ صحافتي دؤر ۾ وقت به وقت جيڪي ڪالم ۽ مضمون لکيا، سي هن ڪتاب جي وسعت کي اڃا وڌيڪ حسن بخشي رهيا آهن.
    ڏات جي حوالي سان ”ول ڊيورانٽ“ جا خيال برجستا آهن، لکي ٿو ته: موجوده دؤر جي ترقي يافته يا برتر هجڻ جو سبب اهو ناهي ته اسين پيدائشي طور تي ماضي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي نسبت ۾ وڌيڪ صحتمند آهيون ۽ زياده عقلمند آهيون. بلڪه هي ترقي ته ان ڪري ئي آهي ته اسان ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ زياده قيمتي، علمي، تھذيبي ۽ ثقافتي ورثي جا مالڪ آهيون ۽ اسين پيدائشي طور تي ان بلند مقام تي فائز ٿي چڪا آهيون جيڪو اسان جي بقا جي بنياد ۽ استحڪام جي لاءِ علوم ۽ فنون جي جمع ٿيڻ سببان قائم ٿيو آهي، جيئن جيئن تمدني ورثي جي سطح بلند تر ٿيندي ويندي تيئن تيئن ان جي وارث انسانن جو رتبو به بلند ٿيندو ويندو.
    ڳالهه جيڪڏهن وراثت جي ڪجي ته صالح عباسي کي بنيادي طور تي شاعري ۽ سگهڙائپ خانداني طور ورثي ۾ ملي آهي. انهيءَ وراثت جي نگھباني سدائين سندس مَنَ کي آرام ڪرڻ ڪونه ٿي ڏئي، جنھن جي ڪري صالح عباسي مسلسل ادبي کيتر ۾ پاڻ موکي رهيو آهي. سنڌي ادب ۽ معاشري لاءِ بھتر ڪردار سندس هيءُ ڪتاب ئي آهي.

    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو