اختيار ڌڻي ڪڏهن سنجيده ٿيندا؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏28 آگسٽ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ملڪ جي اقتداري ايوانن ۾ هن وقت اهو ”اهم ترين“ موضوع بحث هيٺ آهي ته نيب جي اختيارن ۾ ڪيئن ”توازن“ پيدا ڪيو وڃي ۽ انهيء کي ڪهڙي طريقي سان حڪمران اشرافيا،ڪاروباري مافيا ۽ نوڪرشاهيء جي جن لاء ”بي ضرر“ بنايو وڃي.بلڪل اهڙيء طرح جهڙيء طرح هلاڪو خان جي بغداد تي حملي وقت درٻارن ۾ نام نهاد ملان اهو بحث ڪري رهيا هئا ته ”ڪانء حلال آهي يا حرام؟“ ايستائين جو هلاڪو خان جي بي رحم تلوارن سندن سسيون ڌڙن کان ڌار ڪري ڇڏيون ۽ اهي بحث بنان ڪنهن فيصلي جي اڌ ۾ رهجي ويا.يا وري اهي بحث جاري آهن ته جيلن ۾ موجود سياسي اشرافيا کي ٽي وي ۽ اي سي جي سهولت هئڻ گھرجي يا نه؟انهن سان هفتي ۾ ڪيترن پيارن جي ڪيترا دفعا ملاقات ڪرائي سگھجي ٿي وغيره وغيره.يا وري عمران خان سان فون تي ٿيل صدر ٽرمپ جي ڳالهه ٻولهه تي ڊانسون ٿي رهيون آهن.هن سموري اشرافيا کي ذري جو به اندازو ،ادراڪ ۽ احساس ناهي ته هن وقت هي پورو خطو خاص طور تي پاڪستان ڪهڙن خطرناڪ بحرانن مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت ملڪ جي سلامتيء کي ڪيترا شديد خطرا لاڳو آهن.ڪشميرين سان ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن ۽ ڀارت طرفان والاريل ڪشمير ۾ ڏهه لک فوج گڏ ڪرڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟لڳي ٿو ته ملڪ ۾ سياسي اڳواڻيء جو هڪ اهڙو خال پيدا ٿي پيو آهي جنهن کي ڪوبه ڀرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ڪري رهيو آهي.جيڪي سياسي اڳواڻ اڳ ۾ ئي جيل ۾ آهن انهن خلاف وڌيڪ ڪيس جڙي يا کلي رهيا آهن ۽ جيڪي ٻاهر آهن انهن کي اندر موڪلڻ جون تياريون به جاري آهن.انهن حالتن ۾ حڪومت پلاسٽڪ جي ٿيلين خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي ۽ اهو آپريشن شروع ڪرڻ جو وقت به اهو ئي چونڊيو ويو آهي.انهن ٿيلين جي بندش وارو فيصلو پنهنجي جڳهه تي درست پر انهيء جو متبادل عوام کي ڇا ٻڌايو ويو آهي،ڪا خبر ناهي.هاڻي ته هر شيء انهن ٿيلين اندر ئي گھر پهچي ٿي پر نه ته اڳ ۾ عوام اندر ڪا اهڙي آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي ۽ نه ئي انهن کي ان جو متبادل مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.ٻاهرئين محاذ تي جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اندروني طور تي سياسي ڇڪتاڻ جو ان کان به وڌيڪ لاوو پچي رهيو آهي.قومي ايڪتا ۽ اتحاد جون ڳالهيون تقريرن جي سونهن ضرور بڻيل آهن پر جڏهن ڪا قوم موجود ئي ناهي ته قومي ايڪتا ڪٿي ڳولهجي؟ هتي ته هڪڙو بي ترتيب،ڇڙواڳ ۽ جذباتي هجوم آهي جنهن جي زبان تي جنگ،جنگ ۽ جنگ جون صدائون گونجي رهيون آهن.اهو احساس ڪرڻ سواء ته جنگين سان رڳو انسان مرندا آهن،ٻار يتيم ۽ عورتون بيواه ٿينديون آهن ۽ نوجوان معذور ٿيندا آهن.ڪا مربوط حڪمت عملي ڪا متحده پاليسي ۽ ڪو سياڻپ ڀريو لاحئه عمل نه ته حڪمرانن جي صفن ۾ ۽ نه ئي مخالف ڌر جي محفلن ۾ نظر اچي ٿو. وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون پنهنجا ٽي سو پنجهٺ ڏينهن پورا ڪري چڪيون آهن پر هر طرف اهي ئي ڪاريء وار ڪک نظر اچن ٿا.مهنگائيء جو بار ماڻهن تان گھٽجڻ بدران وڌندو ٿو وڃي.خبر ناهي ڪيترا پئسا ٻاهرين ملڪن مان واپس موٽڻا هئا،ڪيترن ماڻهن کان ٽيڪس وصول ڪرڻو هو پر هاڻي ته ايف ٻي آر جو چئرمين ئي عيد جو چنڊ بڻجي ويو آهي،.قوم کي ڪابه ڳالهه سچ نه پيئي ٻڌائي وڃي.ڪراچيء ۾ صفائي ڪندي ڪندي سياسي گند جا ڍير لڳندا ٿا وڃن ۽ هڪ ٻئي جي ڏاڙهي پٽ جاري آهي.سنڌ حڪومت سڄو گند وفاقي حڪومت ۽ ميونسپل اختيارن تي اڇلي رهي آهي ته ايم ڪيو ايم وري سنڌ حڪومت تي ڪچرو ڦٽي ڪري پنهنجو پاڻ کي پوتر ثابت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل نظر اچي ٿي،ايم ڪيو ايم جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو ميئر ٻئي هڪ ٻئي کي چور چور ڪوٺيندي عقيدت جا گل پارائي رهيا آهن.پي ٽي آئي جو علي زيدي شهر صاف ڪرڻ لاء ڇا نڪتو ،سينن ۾ لڪيل بغض واريون گندگيء جون ڀريون گھٽين ۾ پکڙجڻ لڳي وييون.شايد اها ئي پراڻي ريت ته نه ڪم ڪبو ۽ نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏبو تي عمل جاري آهي.ڪراچي ڏينهون ڏينهن کنڊر بڻجندي ٿي وڃي،رڳو سوين ماڻهو بجليء جا جھٽڪا لڳڻ سبب هي جهان ئي ڇڏي چڪا آهن پر اختيار ڌڻين جون من مستيون ۽ شاهاڻا شوق جيئن جو تيئن جاري آهن.گھٽرن مليل برسات جي پاڻيء ۾ اڃا تائين به شهر جا ڪجهه حصا ٻڏل نظر اچن ٿا پر پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ آهي.اربين روپين جي رقم جيڪا هن شهر جي ترقي ۽ سڌاري لاء هتي پهتي سا خبر ناهي ڪهڙي لالو کيٽ ۾ دفن ٿي ويئي.اهي ئي انڌيون اهي ئي جنڊ،اها ئي سياستبازي،اهي ئي الزام تراشيون ۽ اها ئي پنهنجن ذميدارين کان ڪنڌ ڪڍرائي ٻين کي ملعون ڪرڻ جي پراڻي روش جاري آهي.انهيء سموري تماشي ۾ جيڪو سڀ کان گھڻو ايذاء ۽ اذيت جو شڪار آهي سو آهي ”جمهور“ جنهن جي نالي تي اهي سڀ ووٽ وٺي اختيار حاصل ڪن ٿا ۽ پوء سياسي اداڪاري ڪرڻ لڳي وڃن ٿا.هن شهر مان هر ڪو هر قسم جا فائدا ته حاصل ڪري ٿو پر ڪوبه ان جي مالڪي ڪرڻ لاء تيار ناهي.بجليء جو جيڪو حشر آهي ۽ ٽرانسپورٽ جي جيڪا مصيبت آهي انهيء تي سوچڻ لاء ڪنهن وٽ به وقت ڪونهي.سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال تيزيء سان خراب ٿي رهي آهي ۽ ڌاڙيل فيڪٽر وري پاڙون پکيڙي رهيو آهي پر حڪومت انهيء بحث ۾ ڦاٿل آهي ته پوليس آفيسرن جي بدلين جو اختيار آئي جي وٽ هجڻ گھرجي يا وڏي وزير وٽ؟ ايندڙ ڏينهن ۾ ڪراچيء ۾ اهي پراڻيون سياسي ۽ دهشتگرد ڌريون وري سرگرم ٿيندي نظر اچن ٿيون جن ماضيء ۾ هن شهر جو امن امان برباد ڪري شهرين جو جيئڻ زهر ڪري ڇڏيو هو. اهي ڌريون وري منظم ۽ متحرڪ ٿي رهيون آهن ۽ دهشتگرديء جي امڪاني واقعن کي به رد ڪري نٿو سگھجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو