طنز و مزاح؛ فيسبڪي دانشورن لاء صلاحون!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اسان جي قوم قومي ريس جو شڪار آهي ان ڪري جڏهن ڪو شخص ڪرياني جو دوڪان کولي ٿو ته ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان جي آس پاس ڪرياني جا ڪيترائي دوڪان کلي وڃن ٿا.ڪو بس ۾ معجون يا چورن وڪڻندو آهي ته پوري قوم هٿ ۾ ٿيلهو کڻي اهو ڌنڌو شروع ڪري ڏئي ٿي.هڪڙو ڪو ڊاڪٽر بڻجي ٿو ته پويان لائين لڳي وڃي ٿي.ڪو ون وهيلنگ ڪري ٿو ته باقي قوم وري اڌ وهيلنگ ڪرڻ لاء تيار ٿيو وڃي.اڄ ڪلهه قوم کي جنهن شيء جو دورو پيل آهي سو آهي فيس بڪي دانشوريء جو.فيس بڪي دانشور بنجڻ م سڀ کان وڏي آساني اها آهي جو اوهان وٽ رڳو انٽرنيٽ جو هئڻ ضروري آهي باقي عقل،سوچ،تعليم وغيره جي ڪا خاص ضرورت نٿي پوي.هڪ سٺو فيسبڪي دانشور ٿيڻ لاء ڪجهه اهم ۽ بنيادي تجويزن تي عمل ضروري آهي.سڀ کان اڳ پنهنجو اصلي نالو وساري ڪو نئون فيسبڪي نالو تجويز ڪريو.نالو جيترو عجيب هوندو ان جو اوترو ئي سٺو اثر ٿيندو.جيڪر نالو يا اڪائونٽ زنانو ٺاهجي ته شهرت ۾ ترت چار چنڊ لڳي سگھن ٿا.هاڻي پوسٽنگ جو مرحلو اچي ٿو.هتي اوهان وٽ چوائس آپشن آهن ته اوهان ڪهڙي قسم جا دانشور بنجڻ گھرو ٿا.قوم جا غمخوار،محبت جا خدائي خوار،مذهبي نمڪ خوار،سائنسي شيرخوار،اخلاقي پنشن خوار يا وري سازشي پڪوڙي خوار.قوم جا غمخوار اهي آهن جن کي رات ڏينهن،اٿندي ويهندي قوم جو درد کائيندو رهي ٿو.جيڪر ڪو برو ڪم ڪري ته انهن کي تڪليف ٿيندي آهي ۽ جيڪر ڪو سٺو ڪم ڪري تڏهن به کين تڪليف ٿيندي آهي جو اهي چڱائيء مان به برائي ڪڍڻ جا ماهر هوندا آهن.محبت جا خدائي خوار اهي آهن جن جو سڄو سال ئي ڊسمبر بڻيل هوندو آهي ۽ عشق محبت ۾ تڙپي تڙپي آسپاس وارن جو ساهه منجھائڻ ۾ مهارت رکندا آهن.انهن کي ڪيترائي ابتا سبتا شعر ياد هوندا آهن ۽ ان سوز ۾ ٻڌائيندا آهن جو عام حالتن ۾ اوهين پڙهو يا ٻڌو ته شعر تي شير کي ترجيح ڏيڻ لڳو.مذهبي نمڪ خوار اهي ماڻهو آهن جيڪي رات ڏينهن مذهبي بحث ڇيڙيندا رهندا آهن ۽ هر ڳالهه ۾ مذهب جي چتي هڻڻ ۾ دير نٿا ڪن. سائنسي شير خوار اهي آهن جيڪي ٻه ٽي ڪتاب پڙهي هر معاملي کي سائنسي نگاهه سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ عام شيون ڏسڻ کان به محروم ٿي وڃن ٿا.ڀلي اهي ميٽرڪ م فزڪس ۽ ڪيمسٽريء ۾ بار بار فيل ٿيا هجن پر هر وقت پنهنجا سائنسي خيال ٻين جي دماغ ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن.انهن ماڻهن سان هڪڙو مسئلو اهو به هوندو آهي ته اهي هر وقت مذهب کان بيزار رهندا آهن.پاڪستان ۾ ڪهڙو به مسئلو ٿي پوي ته ان کي وڃي مذهب سان ڳنڍيندا آهن.اخلاقي پنشن خوار اهي هوندا آهن جن ماڻهن جا اخلاق سڌارڻ جو پنهنجي طور تي ٺيڪو کڻي ڇڏيو هوندو آهي.هونئن ته قوم جي غمخوار جي ويجھو ٽولو آهي پر هنن جو سڄو زور اخلاقيات تي هوندو آهي توڙي جو اهي سندن عام زندگيء ۾ ماڻهن سان کلي ڳالهائڻ جي صلاحيت کان به محروم هجن پر فيسبڪ تي اخلاقيات بابت پوسٽون ڏيندي نٿا ٿڪن.آخري قسم سازشي پڪوڙا خوارن جوآهي ۽ الله جو شڪر آهي جو پاڪستان ۾ انهن جو تعداد ايترو ناهي ۽ جيترا آهن اهي گھڻا انگريزي ميڊيم آهن پر جيترا به آهن اهي گھڻو ڪجهه آهن.ڪجهه به ٿئي ته هو ان مان ڪونه ڪو سازشي نڪتو ڳولهي وٺندا آهن.اڄ ڪلهه سياسي ماحول ۾ انهن جي گھڻي گھرج آهي جو هڪ سڌي سنئين ڳالهه کي به گھمائي ڦيرائي ماڻهن کي به گھمائي ڇڏيندا آهن.هاڻي اهو فيصلو اوهان کي ڪرڻو آهي ته اوهين ڪهڙي قسم جا دانشور بنجڻ گھرو ٿا.اڄڪلهه سڀ کان وڏو اسڪوپ قوم جي غمخوارن جو آهي جن ۾ ڪي انصافي ته ڪي وري نوني آهن.فيس بڪي دانشور بنجڻ جو آسان طريقو اهو آهي ته سڀ کان پهرين تحريڪ انصاف جي حمايت ڪريو ۽ جڏهن پنج هزار کن فالوئر ملي وڃن ته نوني بڻجي وڃو.انهيء سان اهي پنج سو يا هزار ٻيا وٺي ايندا جيڪي اوهان تي لعنت ملامت ڪندا اهڙيء طرح اوهان ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چوڻي ترقي ڪندا.ٻيو طريقو اهو آهي ته اوهين فقط تحريڪ جا ئي حامي رهو پر ان لاء اوهان کي نون جي مخالفت ۾ ڪا نواڻ آڻڻي پوندي نه ته ته اهي انقلابي وري ڪنهن ٻئي دانشور پويان هلڻ لڳندا.محبت جا خدائي خوار بنجڻ لاء اوهان کي جليل سڙيل شعر،ڇوڪرين جون تصويرون،ڪجهه ابتن سبتن ناولن جا ااقتباس گھرجن جيڪي اوهين اهڙي رفتار سان پوسٽ ڪيو جنهن رفتار سان ساوڻ م گيسٽرو پکڙجندي آهي.مذهبي معاملن لاء ٻه رستا آهن يا ته مڪمل ماڊرن بنجي وڃو يا وري بلڪل پراڻن خيالن وارا.جيڪو به گروپ ۾ داخل ٿئي ان لاء لازم هجي ته هو هر وقت ٻئي ٽولي کي ڇيڙيندو رهي.سائنسي شيرخوار بنجڻ لاء سائنسي نظريا ۽ ٿيوريون فيس بڪ تي ڏسو ۽ جيڪا به خراب ڳالهه هجي ان جو ناتو سائنسي تعليم ۽ نظرين جي کوٽ سان جوڙي ڇڏيو.ريل حادثو ٿئي ته سائنسي اوزارن جو نه هئڻ، باهه لڳي ته سائنسي نظرين جو نه هئڻ،ڪو مري وڃي ته سائنس کي پنهنجي مٿان لاڳو نه ڪرڻ،مطلب ته سائنس جو نه هئڻ ئي اسم اعظم بڻجي وڃي.اخلاقي پنشن خوار بنجڻ ته نهايت ئي آسان آهي.پنهنجي محلي يا پاڙي جي ڪنهن پوڙهي يا پوڙهيء کي ڏسي وٺو ته اهي ڪهڙيء طرح نوجوانن جي هر ڳالهه ۾ آسانيء سان اخلاقيات جي گھٽتائيء جو الزام ڏين ٿا.سازشي پڪوڙي خوار بنجڻ لاء ٿوري محنت ڪرڻي پوي ٿي ان ڪري مشورو اهو آهي ته اهو ڪم جيڪي ڪري رهيا آهن انهن کي ئي ڪرڻ ڏيو جيڪر وڌيڪ شوق آهي ته انهن جي ڪم تي هٿ جي صفائي ڏيکاريو ۽ سندن ڪاپي ڪري پيسٽ ڪرڻ شروع ڪري ڏيو.ڪجهه ٻيا اهم مشورا اهي آهن ته ڪڏهن به مناسب ۽ متناسب ڳالهه نه ڪيو بلڪه هر معاملي ۾ انتهائي حدن تي هليا وڃو.ڪڏهن به پاڻ هار نه مڃيو ۽ جيڪر جواب نه ملي ته ترت ذاتيات تي لهي اچو.اها ڳالهه چڱيء طرح سمجھي ڇڏيو ته اوهين ئي عقل ڪل آهيو ۽ ٻيا سڀ ماڻهو پاڳل آهن ۽ اوهان خدائي فوجدار آهيو جن جو ڪم ڏنڊي سان ماڻهن کي سڌو ڪرڻو آهي.ڪڏهن به نه مڃيو ته اوهين ڪنهن خاص گروهه سان تعلق رکو ٿا بلڪه ٻئي گروهه کي گاريون ڏيندي چوندا رهو ته اوهين غير جانبدار آهيو.اهڙيء طرح اوهان جا فالوئرز چوندا ته ڏسو هي غير جانبدار ماڻهو به اسان جو پاسو کڻي رهيو آهي،اهڙيء طرح اوهان جا فالوئر وڌندا.گاريون گند،بد زباني ۽ فحش ڪلامي هن راند جو حصو آهن ان ڪري ان جي استعمال کان هٻڪ نه ڪيو.اسٽيٽس جيترا وڌيڪ ۽ جيترا ڪٽر ٻين لفظن ۾ گٽر هوندا ڪاميابيء جا امڪان ايترائي روشن هوندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو