پنهنجي سوچ کي بدلايو، زندگي پاڻھي بدلجي ويندي...!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    نهايت وڏي شخصيت بڻجڻ جي لاءِ توهان جي سوچ نهايت وڏي هئڻ گهرجي. دنيا جي وڏي کان وڏي ڪاميابي جي شروعات به هڪ سوچ کان ٿي آهي. غارن جي دور کان اڄ تائين جي تمام ترقي انسان جي سوچ ۽ غور فڪر جو نتيجو آهي. انسان شروع کان ئي زندگيءَ کي سولو بنائڻ جي لاءِ سوچڻ شروع ڪيو ۽ اڄ ان سوچڻ جي عادت جي ڪري بجلي، ٽيليفون، هوائي جهاز، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون جهڙيون سهولتون هر هڪ کي ميسر آهن. عظيم ماڻهن کي منفرد بڻائڻ واري طاقت جو نالو انهن جي سوچ آهي. هڪ سوچ کي پنهنجي ڪا به حقيقت ناهي هوندي ڇو ته هر شخص جي هڪ ئي واقعي جي حوالي سان سوچ مختلف هوندي آهي پر هر سوچ هڪ حقيقت کي جنم ڏيندي آهي. توهان جا تمام موجوده حالات توهان جي سوچ جي ڪري ئي آهن ڇو ته توهان جهڙو سوچيندا آهيو اهڙا بڻجي ويندا آهيو. جيڪو شخص ڪاميابي ۽ خوشحالي جو نه سوچيندو آهي اهو ان کي حاصل به نه ٿو ڪري سگهي. سوچ پاڻي جي وهڪري وانگر آهي جڏهن پاڻي جو قطرو لڳاتار هڪ پٿر تي پوندو آهي ته اهو سخت پٿر به ڪٽجي ويندو آهي ۽ ان کي رستو به ڏيندو آهي. هن دنيا ۾ نه ڪجھ سٺو آهي نه ئي برو، هي فقط توهان جي سوچڻ جو انداز آهي. ماڻهو پنهنجي زندگي بدلائڻ چاهن ٿا پر سوچ بدلائڻ جي لاءِ تيار ناھن ھوندا انهيءَ ڪري انهن جي زندگي ڪامياب ناهي هوندي. اسان جا حالات اسان جو انتخاب ناهن پر اسان پنهنجي خيالن کي ضرور منتخب ڪري سگهو ٿا هي اٽل حقيقت آهي ته اسان پنهنجي خيالن کي بدلائي ڪري پنهنجي حالات کي بدلائي سگهو ٿا. هڪ سٺو انسان بڻجڻ جي لاءِ سٺو ۽ مثبت سوچجي، حديث مبارڪ جو مفهوم آهي ته نيڪ گمان رکڻ عبادت جو حصو آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهڙي سوچ اپنايو جيڪي توهان جي صلاحيتن کي اڀاري. اهي ماڻهو جيڪي توهان کان بهتر حالت ۾ آهن انهن سان ڪچهري ڪيو ۽ انهن جي خيالن ۽ سوچ کي اپنايو،
    توهان کي به انهن جهڙا نتيجا ملڻ شروع ٿي ويندا. سوچڻ هڪ فن آهي منفرد سوچ توهان کي منفرد بڻائيندي آهي. ٺيڪ آ توهان سٺو نٿا سوچي سگهو ته برو به نه سوچو. منفي سوچ اڏوهي وانگر آهي جيڪي توهان جي ذات کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آهي هي توهان جون خوشيون کسي وٺندي آهي. دنيا ۾ هڪ پائيدار ۽ مضبوط ڪاٺي وارو وڻ آهي جنھن کي اڏوهي ناهي لڳندي، ڇو ته اڏوهي ان جي ذائقي کي پسند ناهي ڪندي. توهان به منفي سوچ جيڪا اڏوهي وانگر آهي ان کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيو. اهڙي طرح توهان مضبوط شخصيت جا مالڪ بڻجي ويندو. هر سوچ ٻج وانگر ھوندي آھي ۽ توهان جو ذهن باغ جيان هوندو آهي. توهان ان باغ ۾ پنهنجي مرضيءَ سان گلن وارا ٻوٽا نه پوکيا ته غير ضروري ڊڀ ۽ ڪنڊا ڦٽڻ لڳندا. هڪ سوچ هڪ عمل کي جنم ڏيندي آهي. جيڪڏهن توهان ڪو عمل بار بار ڪندا آهيو ته اها توهان جي عادت بڻجي ويندي آهي. توهان جي عادت پختي ٿي وڃي ته توھان جي ڪردار کي جنم ڏيندي آهي ۽ توهان جو ڪردار توهان جي تقدير ٺاهيندو آهي انهيءَ ڪري پنهنجي تقدير بدلائڻ لاءِ توهان کي پنهنجي سوچ بدلائڻي پوندي. سٺي سوچ سٺي رويي کي پيدا ڪندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته "Our attitude determines our altitude" يعني زندگيءَ ۾ اسان جي بلنديءَ جو تعين اسان جا رويا ڪندا آهن. پنهنجي رويي کي شاندار بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي سوچ کي جاندار بڻايو. توهان جي موجوده حالت توهان جي ماضيءَ جي سوچن جو نتيجو آهي ۽ توهان جي مستقبل کي توهان جي اڄ جون سوچون متاثر ڪنديون آهن. سٺي قسمت جو ٻيو نالو سٺو سوچڻ ۽ خيالات آهن. ڇو ته هي ٿي نه ٿو سگهي ته هڪ شخص باڪمال سوچي ۽ ان کي شاندار نتيجا نه ملن. هن دنيا ۾ اڄ تائين ائين نه ٿيو آهي ته ڪو ڪڻڪ پوکي ۽ ڪپھ جو فصل ٿي وڃي جيڪو پوکيو ويندو آهي اهي لڻيو ويندو آهي. ھر شيء جو حصول ممڪن آهي جيڪڏهن ان جي باري ۾ سوچيو وڃي. الميو هي آهي ته ماڻهو ناڪامي کان بچڻ جو سوچيندا آهن پر انهن کي ڪاميابي جو سوچڻ گهرجي. ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگيءَ کي فقط گزارڻ جو سوچيندا رھندا آهن انهن کي گهرجي ته پنهنجي زندگي کي خوشحال بنائڻ جو سوچڻ گهرجي. شاگرد فيل نه ٿيڻ جو سوچيندا رهندا آهن انهن کي به سٺا نمبر حاصل ڪرڻ جو سوچڻ گھرجي، اهڙي طرح ماڻهو جرم، برايون، سماجي خرابيون، خودڪشي، غربت، بدنظمي، بدحالي، مسئلن ۽ بيمارين جي متعلق سوچيندا رهندا آهن. هي سڀئي سوچون انهن کي ۽ انهن جي شخصيت کي تباھ ڪري ڇڏينديون آهن. انسان جڏهن ڳالهائيندو آهي ته پنهنجي سوچ ۽ شخصيت کي ظاهر ڪندو آهي ۽ اڄ انهن مسئلن ۽ مشڪلاتن جا تذڪرا ۽ تبصرا هر زبان تي آهن. توهان پاڻ انصاف ڪيو ته براين کي سوچڻ ۽ انهن کي زير بحث آڻڻ سان ڇا اُهي ختم ٿينديون. تمام گهٽ ماڻهو انهن براين ۽ مسئلن جي حل متعلق غور فڪر ڪري رهيا آهن ۽ اُهي ئي هيرو چورائڻ جا حقدار آهن. جيڪڏهن توهان پهريان ڪڏهن پنهنجي زندگيءَ کي شاندار بڻائڻ جي متعلق ناهي سوچيو ته هاڻي سوچيو، سوچ تي ڪا به پابندي ناهي. خواب ڏسڻ ڪو جرم ناهي. توهان گهڻي کان گهڻو دولت ڪمائڻ جي باري ۾ سوچو، ان دولت جي مدد سان توهان هڪ عاليشان گهر حاصل ڪري سگهو ٿا. هڪ وڏي گاڏي توهان جي گيراج ۾ بيٺي هوندي. وڌ کان وڌ عزت، احترام، محبت ۽ چاهت سان ڀرپور زندگيءَ جي باري ۾ سوچيو، سير و تفريح جا ڪيترائي موقعا، خوشين ۽ مسرتن جو تصور ذهن ۾ آڻيو، پنهنجي من پسند زندگي گذارڻ جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ لاتعداد محبت ڪرڻ وارا دوست احباب توهان سان گڏ هوندا، توهان هر طرح جي فڪرن کان آزاد ٿي ڪري هڪ امن ۽ سڪون واري زندگي گذاري رهيا هوندو. توهان جي زندگي ٻين جي لاءِ فائديمند بڻجي ويندي ۽ توهان هڪ مثالي انسان بنجي ويندو. جيستائين توهان اهڙي طرح جون فائيديمند سوچون پنهنجي اندر داخل ٿيڻ نه ڏيندو ته توهان جي زندگي نه بدلجندي. وڏو سوچيو ڇو ته چيو ويندو آهي ته "Think more, get more" هي زندگي انهن ماڻهن کي محدود نتيجا ڏيندي آهي جيڪي محدود سوچ اپنائيندا آهن. هي اصول ياد رکو ته فقط هڪ دفعي سوچڻ سان ڳالھ ناهي ٺهندي، مسلسل سوچيندا رهو، ڇو ته دنيا جا تمام وڏا ماڻهو ڏينهن جو کليل اکين سان خواب ڏسڻ جا عادي هوندا آهن. توهان بار بار سوچو ته توهان کي ڇا حاصل ڪرڻو آهي. اهڙي طرح هي سوچ توهان جي اندر لڪيل جِنَ کي جاڳائي ڇڏيندي. هي جِنَ توهان جو لاشعور آهي. لاشعور جنهن خيال ۽ سوچ کي هڪ دفعو پڪڙي ڇڏي ته اهو ان کي حاصل ڪري ئي رهندو آهي. هن کي فعال (Activate) ڪرڻ جي لاءِ توهان کي بار بار پنهنجي ڪاميابي جي لاءِ سوچڻو آهي. توهان پهريان هي سوچيو ته توهان کي آئينده کان ڇا سوچڻو آهي جيڪڏهن هڪ شخص صحيح انداز ۾ سوچڻ جي فن کان آشنا ٿي وڃي ته يقينا ان زندگي گذارڻ جو فن سکي ڇڏيو.

هن صفحي کي مشهور ڪريو