1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

حضرت منٺار فقير راڄڙ (مشهور شاعر ۽ ولي الله)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2019۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    50
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    نور سنڌي

    منٺار فقير راڄڙ سنڌ جو مشهور ولي الله ۽ صوفي شاعر ٿي گذريو آهي، سندس شاعري روح کي ڇهندڙ آهي. راڄڙ برادري لاءِ روايت آهي ته پاڻ سنڌ جي قديم سمان جي هڪ شاخ مان آهن. فقير جا وڏا ڀارتي رياست جيسلمير جا رهواسي هئا، جتي لاڳيتو ڪجهه سال بارش نه پوڻ جي ڪري ڏڪار وارين حالتن سبب ميرن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. فقير منٺار راڄڙ جو خاندان حضرت مخدوم نوح جو مريد هو. روايتون آهن ته هن خاندان ۾ ڪجهه مشهور بزرگ به ٿي گذريا آهن. انهن ۾ مهراڻ فقير راڄڙ، منٺار فقير ڪنگور وارو به شامل آهن، منٺار فقير راڄڙ تقريبن ۱۸۸۵ع ۾ قبول محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.، کيس ظاهري تعليم نه هئي، روايت آهي ته منٺار فقير جي ولادت کان ڪجهه وقت پوءِ چار درويش دروازي تي آيا ۽ اهي صدائون بلند ڪيون ته جيجان، اسان کي ڏاڏي جي زيارت ڪرايو. ان تي فقير صاحب جي امڙ کيس دروازي تي کڻي وئي. انهن درويشن مان هڪ ٻارڙي کي هنج ۾ ورتو، پيار ڪيو ۽ پنهنجي پِڪ سندس وات ۾ وڌي ۽ اهو چئي هليا ويا ته منٺار فقير ڪنگوري هتي آيو آهي، هي دنيا ۾ مشهور ٿيندو. هن جو ادب ڪجو، فقير والدين کي ننڍو فرزند هجڻ ڪري ڏاڍي لاڏ ڪوڏ ۾ پليو. پاڻ ڄمندي ڄام هو. جڏهن جوان ٿيو ته ان زماني ۾ سندس مرشد حضرت پکن ڌڻي راهونڊ ۾ چلو مڪمل ڪري هالا پهتو هو ۽ جماعت وارا سندس زيارت لاءِ هالا ۾ اچي رهيا هئا. منٺار فقير به مرشد جي زيارت ڪرڻ ۽ بعيت وٺڻ لاءِ هالا پهتو. ان ڏينهن ذڪر ڏيڻ جو سلسلو بند هو پر جي حاضري واري کي فقير صاحب منٿ ڪئي ته مٿس خاص مهرباني ٿئي، حاضري وارو جيڪو سيد هو ان فقير کان سندس باري ۾ حال احوال وٺي پکن ڌڻي کي عرض ڪيو ته پکن ڌڻي کيس گهرائي نظرون ملايون ۽ ذڪر ڏنائون، ڪجهه عرصي کانپوءِ پکن ڌڻي وصال ڪري ويو.


    فقير صاحب مجازي عشق بعد حقيقي عشق ڏانهن مائل ٿيو ۽ ذڪر الاهي ۾ مصروف هوندو، جڏهن عبادت ۽ ذڪر الاهي کان فارغ ٿيندو هو ته شاعري ڪندو هو، پاڻ اجمير به ويو ۽ خواجه غريب نواز جي مزار جي زيارت ڪيائين. اتان کان پوءِ هالا شريف پهتو جتي حضرت مخدوم نوح پکڻ ڌڻي ۽ ٻين جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ پکن ڌڻي بعد گادي تي ويٺل مرشد حضرت مخدوم محمد الزمان جي زيارت ڪيائين. اتان سيوهڻ شريف ويو. فقير صاحب جي خاص طالبن ۾ احمد آباد ڀارت جو دائود فقير مڱڻهار سيد روشن شاهه هو. جيڪو سندس خدمت ۾ هو. دائود فقير لاءِ چون ٿا ته پاڻ منٺار فقير جي دعائن سان رچي لال ٿيو. پاڻ فقير صاحب جي شاعري به ڳائيندو هو ۽ به شاعري ڪئي. سندس گهڻي شاعري منٺار فقير جي شان ۾ چيل آهي. دائود فقير جي شاعري جو ڪتاب ته نه ڇپيو پر لکت ۾ درگاهه منٺار فقير تي محفوظ آهي. پاڻ حسن ۽ عشق کي تمام گهڻو ڳايو آهي، سندس شاعري پڙهڻ بعد اندازو ٿئي ٿو ته ٻولي منٺار فقير جي محتاج آهي، پاڻ چئن زبانن سنڌي، هندي، اردو، سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آهي. شاعري دل ۾ چُڀي وڃڻ واري آهي، سندس ڪافي شعرن ۾ قراني آيتون به آهن. سندس داستانن جون ڪافيون ته سماج، ريتن، رسمن جي عڪاسي ڪن ٿيون، پاڻ موسيقي جو به ماهر هو. سندس راڳ ويراڳ سان تمام وڏي دلچسپي هئي. هر وقت سندس خدمت ۾ فنڪار هوندا هئا.
    منٺار فقير پهرين شوال ۱۳۵۳هه عيد الفطر جي نماز پڙهي مائٽن ۽ فقراءَ کي وٺي پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ جتي پاڻ پنهنجي لاءِ لحد ۽ قبو پهرين ٺهرايو هو اتي کين چيو ته منهنجي آخري آرام گاهه ڀرسان ۲جايون ٿينديون، اهي آئون پنهنجي ٻنهي پوٽن کي ڏيان ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس فرزند سندس حياتي ۾ وصال ڪري ويو هو. اتي سندس ڀائيٽي حاجي مير حسن کيس چيو ته الله سائين اوهان کي وڏي ڄمار ڏيندو ان تي پاڻ فرمايائون ته آئون اوهان وٽ صرف ڏهه ڏينهن مهمان آهيان. مون گهري ته محرم جي ڏهين تاريخ هئي پر ملي شوال جي ڏهين! پاڻ ڏهين محرم تي وصال واري خواهش ۾ شعر به چيو آهي.
    ”ماهه محرم جي ڏهين تاريخ ۾ شل دم ڏيان،
    حب رکي حسين ڏي روئندي هتان راهي ٿيا.“
    پاڻ ۱۰ شوال تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس سجاده نشين، سندس فرزند سندس حياتي ۾ وصال ڪري ويو. ان ڪري سندس پهريون سندس وڏو پوٽو فقير ولي بخش هو پاڻ ۲۹ محرم ۱۴۰۴ تي وصال ڪري ويو، ان بعد فقير ولي بخش جو فرزند فقير ولي محمد سجاده نشين ٿيو، جنهن جو وصال ۲۶ رجب ۱۴۰۵هه بمطابق ۱۷ اپريل ۱۹۸۵ع تي ٿيو، موجود سجاده نشين فقير محمد بخش ضامن آهي. پاڻ درگاهه تي ڪافي ڪم ڪرايو آهي. تقريبن هر رات جو راڳ ٿئي ٿو. هر وقت درگاهه منٺار فقير تي عقيدمندن جو ميڙ متل هوندو آهي. ڪيترائي سوالي اچن ٿا. سوال پورا ٿيڻ بعد باسون کڻي اچن ٿا. هر سال فقير صاحب جا ٻه ميلا ھڪ وصال واري تاريخ تي ۽ ٻيو ۱۰ ربيع الثاني تي وڏي عقيدت سان ملهايو وڃي ٿو. شاندار ادبي ڪانفرنس مشاعرو ۽ صوفياڻي راڳ جون محفلون ٿين ٿيون، جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا فنڪار فن جو مظاهرو ڪن ٿا. درگاهه تي فقير محمد بخش ضامن پاران لنگر به هلي ٿو. پاڻ فقير منش انسان آهي.
    حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه
    ساليانو عرس جي حوالي سان
    استاد لغاري
    حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه (جنم۱۸۶۵ع وفات ۱۰ شوال ۱۳۵۳ھ موجب ۱۹۳۸ع) سنڌ جو تمام وڏو صوفي بزرگ ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندن اصل وڏا جيسلمير جا رهاڪو هئا، جيڪي بعد ۾ لڏي اچي ڳوٺ کاڻي راڄڙ، تعلقي کپري ۾ ويٺا. فقير صاحب جا وڏا، اصل کان ئي حضرت غوث الحق قطب العارفين مخدوم نوح سرور رحمت الله عليه (جنم۹۱۱ھ وصال۹۹۸ھ) جن جا مريد هوندا هئا. سروري جماعت سان سندن طريقت ۽ مريديءَ وارو سلسلو، حضرت منٺار فقير رحه جي موجوده سجاده نشين، محترم فقير محمد بخش “ضامن” صاحب جن تائين، هلندو اچي ٿو. فقير صاحب جي ظاهري تعليم حاصل ڪيل ڪونه هئي، ڇو جو ان وقت تعليم عام مروج ڪا نه هوندي هئي. فقير صاحب جيڪا شاعريءَ ڪندا هئا، ته اها کين برزبان ياد هوندي هئي. جنهن کي بعد ۾، سندس عقيدت مند ۽ حاضرين مجلس فقير لکي وٺندا هئا. خاص ڪري سندن ڪلام جو ڪاتب، ڌرمون مل (ڀيل؟) هوندو هيو. جيڪو سندن مجلس ۾ هر وقت موجود رهندو هيو. منٺار فقير راڄڙ رحه، حضرت مخدوم امين محمد “پکن ڌڻي” رحه جن جي هٿ تي بيعت ڪري، سلسلئه طريقت ۾ داخل ٿيا. فقير صاحب جوانيءَ واري زماني کان وٺي، اڪثر گوشانشينيءَ ۾ گذاريندا هئا ۽ بنھ گھٽ ڳالهائيندا هئا. زمينداري ٻار هئڻ جي باوجود، ڪڏهن به غرور ۽ تڪبر ۾ ڪو نه آيا.
    چون ٿا ته فقير صاحب، هڪ غير مسلم (ڀيل) ڇوڪريءَ جي عشق ۾ محوَ ٿي ويا. اُها ڇوڪري، سُونهن ۽ صورت ۾ گھڻي سُهڻي ۽ سرس هوندي هئي. جڏهن فقير صاحب جي ان تي، نينهن واري نظر پيئي، ته پاڻ حال ۽ بي خوديءَ واري حالت ۾ هليا ويا. “مُون کي ماءُ! مَجاجَ، پِڃاري جِيئَن پِڃيو، هَٿَنِ ڇَڏِي حاجَ، ويئِي سارَ سَرِيرَ مان”.(شاھ) چون ٿا ته ان ڇوڪريءَ تي، ۵۶ڇوڪرا ٻيا به عاشق هئا. ليڪن فقير صاحب، پنهنجي نينهن واري نيڪ نظر سان، کين پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. فقير صاحب پاڻ پنهنجي هڪ شعر ۾ فرمائن ٿا، ته “اَچِي ساماڻِي اوچَتِي، ناز ڀَرِي نينگرَ، جنهن تي مڙيئي عاشق ٿيا، ڇاونجاھ ڇوڪر، مهت مليو“منٺار” کي، جنهن ڇيهو ڪيو ڇوڪر”. هن مجازي محبت ۾ ثابت قدم رهڻ سببان، کين پنهنجي مرشد پاڪ ۽ هاديءَ رهبر، عشق حقيقيءَ جي چاڙهيءَ تي آڻي، کين ناسوت، ملڪوت، جبروت ۽ لاهوت واريون سُلوڪ جون منزلون پار ڪرائي ڇڏيون. “وَاَمامَن خافَ مَقام رَبه، اِيءَ لَنگھيائين لَنگھ، سِڪَندِيَنِ کي سَيد چَئي، ڪِين جَھليندو جَھنگ” ، “جي تارُو هُئا توڙا، تَنِ هُڻبُ ڀانيو هيڪَڙو”.(شاھ)
    حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه، سنڌ جا مشهور صوفي بزرگ هجڻ سان گڏوگڏ، صوفي شاعر به هئا. سندن ڪلام کي، چئن حصن ۾ تقسيم ڪري ترتيب ڏنو ويو آهي. جنهن ۾، ۱ رسالو خُدائي، ۲ رسالو مُرتضائي، ۳ رسالو رهنمائي ۽ ۴ رسالو سدائي شامل آهن. هي چوٿون رسالو قلمي صورت ۾، مالڪن وٽ موجود ۽ محفوظ آهي. فقير صاحب چئن ٻولين ۾ شاعري ڪئي، جنهن ۾ سنڌي، سرائيڪي، هندي ۽ اردو ٻوليون شامل آهن. ان ڳالھ مان پتو پوي ٿو ته فقير صاحب کي، انهن ٻولين تي دسترس حاصل هوندي هئي. پنهنجي ڪلام ۾، ڪٿي ڪٿي قرآني آيتون به استعمال ڪيون اٿس. ان کان علاوه سُرن واريون سموريون ڪافيون، پڻ پوريءَ طرح سان شاعرانه مزاج ۽ موسيقيءَ جي ترنم سان ڀرپور ۽ طرز تي چيل آهن: “هَل ته پهچين هوتَ کي، لاهي ويھُ م لڏ لا! ڪم نه ايندئي ڪيچ ري، ڪا ٻِي اَڏاوت اڏ لا! ڀنڀا هن ڀنڀور جا، نيئي رسائيندئي کڏ لا! ٻانڀڻ! عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪرئِي سڏ لا! هَل ته ڪيچ قبول ٿئين، هِتِ رُلاءِ م هڏ لا! متان منجھين “منٺار” تون، ڏينهن وڃن ئِي ٿا ڏڏ لا!”. فقير صاحب جي سرائيڪي ڪلام جو سَلوڻو ۽ سُهڻو سُلوڪ پڻ پڙهڻ وٽان ۽ هنئين سان هنڍائڻ جهڙو آهي. “مَين ڏُوجھا درد پِرايا هَئي، تَيڏي دِيدارَ وِچ دِلبر مَيڏا! مَيڪُون ڪُسڻَ وَلَ ياد آيا هَئي”. اهڙيءَ ريت، وري اردو شاعريءَ جو اُسلوبِ بيان به، رس ۽ ميٺاج ۾، پنهنجو مٽ پاڻ آهي. “ديکا عجب هَئي مين ني، ديدار دلربا ڪا، ڪَيسي ڪَهُون زبان سي؟ اظهار اُس سما ڪا. جِس په نظر ڪري، تو تقدير بدل ڊالي، ساري هِي ڪام اُس ڪي، بِگڙِي هُوئِي بَنالي، هر اڪ ثناخوان هَئي، اُس هِي ڪِي هر ادا ڪا”. فقير صاحب جي مڪمل ڪلام تي آڌاريل“ڪُلياتِ منٺار فقير” ترتيب ڏيئي، شايع ڪرائڻ جي، هن وقت اشد ضرورت آهي. جنهن ۾ چئني رسالن خُدائي، مُرتصائي، رهنمائي ۽ سدائي ۾ شامل ڪلام ۽ سندس زندگيءَ بابت، احوال کي به سهيڙي، سموهي، سهڻي نموني سان سينگاري بيهارجي، ته جيئن پي ايڇ ڊي وغيره ڪندڙ طالب علمن لاءِ، هڪڙي ئي جلد ۾، جامع مواد مهيا ٿي پوي.
    حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه جي موجوده سجاده نشين، محترم فقير محمد بخش “ضامن” صاحب جن جي خوش اُصلوبيءَ کي جس هجي، جيڪي بزمِ طالب الموليٰ، درگاھ حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه ۽ ان تي ايندڙ عقيدت مندن ۽ ٻين پانڌيئڙن جي، دل جي خلوص سان ڀرپور خدمت ڪري رهيا آهن. علاوه پيارو خان شر، محترم سرفراز راڄڙ صاحب، علي اڪبر هنڱورجو، حڪيم امام بخش مڱريو ۽ محمد رمضان“قسيم” سميجو صاحبن کي پڻ آفرين هجي، جيڪي همه وقت، خدمت ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجھن ٿا ۽ اڃان تائين ناتو نڀائيندا ٿا اچن. اسين ناقص، ناچِيز، ڪَمتر، ڪُهسر، اَحقر، عاجُز ۽ اَدنيٰ انسان آهيون، جن جي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ وارو احساس، شال! اسان جي لاءِ، دُعا جو سبب بنجي.
    سروريءَ جماعت سان وابسته، سنڌ جي هن سرموڙ صوفي شاعر، حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه جون، ظاهري دنيا کان ترڪِ تعلق ۽ موڪلاڻيءَ واري منظر بابت، ڪيتريون ئي ڪافيون چيل آهن. پر هيٺينءَ ڪافي جڏهن مطالعي هيٺ آڻجي ٿي، ته سندس فنا، روانگي ۽ اُميد واري اَجھل جذبي ۽ اُڌمي جو احساس، انسان جي روح تائين لهي وڃي ٿو. چڱو! ٻيو احوال ڪنهن ٻئي ڀيري، فقير صاحب جِي هن ڪافيءَ تي، پنهنجي قلم ۽ ڪاغذ جِي ڪايا کي، في الحال ٺپجي ٿو: “پَڳھ ڇوڙي پَنڌ پيا، مُون ويٺي وڻجارا، وي ميان! آئون روئندي وئِي رهجي. کيئڻ پيئڻ ٿيم کارا. آئون اَڀرِي ٿي آهيان، سامُونڊرين کي ساري، مون خاطر يا موليٰ! وڻجارن کي واري، اي ميان! اُن آئي سڀ سُونهن، اڱڻ وهڻ سڀ اوتارا. چئي “منٺار” ملندم، مون ويٺِيءَ کي ورِي، ڏکيا ڏينهڙا ويندا، پوندم نيڻ ٺَرِي، اي ميان! شال نصيب ٿيندم، من مقصد موچارا. پڳھ ڇوڙي پنڌ پيا”.
    حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي خاص تحرير. منٺار فقير راڄڙ
    سارنگ علي سولنگي
    منٺار فقير ولد قبول محمد راڄڙ ڳوٺ کاڻي راڄڙ، تعلقه کپرو، ضلع سانگهر جو ويٺل هو. منٺار فقير جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي فقيري ڏي مائل هئي. سندس آباءُ و اجداد، حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليه رحمة جا مريد هئا ۽ پاڻ حضرت غوث الحق رحه جي ۱۳ھون سجاده نشين، مخدوم محمد امين صاحب “امين” جن جي هٿ تي بيعت ڪيائين. هڪ سچي طالب ۽ سچي فقير جو رتبو حاصل ڪيائين. مرشد جي وفات بعد، بيحد اداس ٿي پيو ۽ سندس ڏاهاڙا بي چينيءَ ۾ گذرڻ لڳا.
    هڪ رات پنهنجي مرشد کي خواب ۾ ڏٺائين ته پاڻ کيس هڪ ڪاغذ ڏنائون ۽ چيائون ته؛ توهان کي پڙهايون ٿا ۽ پڙهو. پوءِ پاڻ لڪيل اکرن تي آڱر رکندا پڙهندا هليا ۽ فقير صاحب به اهي لفظ چوندو هليو. صبح جو فقير صاحب کي شناس ٿي ويئي ۽ ڪوشش سان سنڌي ۽ اردوءَ جو چڱو ڄاڻو ٿي ويو ۽ پنهنجي وقت ۾ شاعر به چڱو ٿيو.
    منٺار فقير جو وصال ۱۶_ جنوري ۱۹۳۰ع ۾ ٿيو.
    هيٺين ڪافي فقير صاحب کي خواب ۾ پڙهائي ويئي.

    ڪلام
    لاهي ويهه م لڏ، لاھ م لڏ، هل ته پهچين هوت کي.
    ڪم نه ايندئي ڪيچ ري، ڪا ٻي اڏاوت اڏ.
    ڀنڀا هن ڀنڀور جا، نيئي رسائيندئي کڏ.
    ٻانڀڻ عشق ٻروچ جو، بيٺو ڪريئي سڏ.
    متان منجهين “منٺار” تون، ڏينهن وڃنئي ٿا ڏڏ.
     
    حرسانوڻ راڄڙ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. حرسانوڻ راڄڙ

    حرسانوڻ راڄڙ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماڳ:
    اڇڙوٿر
    بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو