سخي ڄام صاحب قبرستان

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2019۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    [​IMG]
    سخي ڄام صاحب قبرستان (ماڳ):
    ٻارھين/ تيرھين ھجريءَ جو هي قبرستان ڳوٺ ڄام صاحب، ديهه نصرت 110 تعلقي ۽ ضلعي نوابشاھه ۾ ڄام صاحب جي مقبري جي ويجھو آھي. هي قبرستان نوابشاھه شھر کان 28 ڪلوميٽر اوڀر طرف واقع آھي. منڍ جمڙائو ھن جي اتر اولھه تي 45 ڪلوميٽرن تي، گپچاڻي ڳوٺ اٽڪل 15 ڪلوميٽر اتر ۾ ۽ ڄام مائينر ھڪ ڪلوميٽر ڏکڻ اولھه ۾ آھي. ھي ماڳ 26017'25 ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 68038'10'' ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آھي.
    ھن قبرستان ۾ موجود ٻن قبرن جو احوال ھيٺ ڏجي ٿو:
    الف: قبر جي ڊيگھه 1.70 ميٽر اتر ڏکڻ ۽ 30 سينٽي ميٽر اوڀر اولهه. ھن ۾ جنگشاھيءَ جو پٿر استعمال ٿيل آھي. قبر مستطيل آھي. ھيءَ غلام محمد جتوئيءَ جي قبر آھي.بٺيجنگ شاھيءَ جي پيلن پٿرن جي ٺھيل آھي. ان تي ڪلمو شريف لکيل آھي. ھي قبر ھڪ ٿلھي تي پڪين سرن جي آھي. سيرانديءَ کان ڪتبي تي غلام محمد جتوئي وفات 1208ھه لکيل آھي.
    ب: ھن قبر جي ڊيگھه 1.30 ميٽر ويڪر 30 سينٽي ميٽر ۽ اوچائي 80 سينٽي ميٽر آھي. قبر مستطيل آھي. ھي جنگ شاھيءَ وارن پيلن پٿرن جي گھڙيل آھي. ھي قيصر جتوئيءَ جي قبر آھي. بٺيءَ تي ڪلمو شريف لکيل آھي. بٺيءَ تي مھندسي ليڪون ۽ گل ٻوٽااڪريل آھن. ھيءَ ھڪ پڪ سرائين ٿلھي تي ٺھيل آھي. سيراندي کان ڪتبي تي قيصرجتوئي 1217ھجري لکيل اٿس. موجوده وقت ۾ قبرستان ۾ گھڻي تعداد ۾ سرن جا اڌڙ پکڙيل آھن. مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي، اتي گھاڙيون گھڻي تعداد ۾ ھيون. پر وقت گذرڻ سان ضايع يا چوري ٿي ويون. ھينئر فقط ھي ٻه قبرون گھاڙيءَ واريون ٻيون ھزارين ڪچيون پڪيون قبرون موجود آھن.
     
  2. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ھن مضمون جا وڌيڪ تفصيل ملن ته واھ واھ ٿي وڃي، اصل ۾ ھن تي ڊاڪيومينٽري ٺاھڻ چاھيان ٿو
     
    Mozmil هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو