1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

دارا شڪوھ جو دردناڪ داستان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    دارا شڪوھ جو دردناڪ داستان

    استاد لغاري

    محمد دارا شڪوھ جو جنم 20 مارچ 1615ع تي، هندوستان جي مشهور بادشاھ شهاب الدين محمد يا سلطان خُرم، عرف شاهجهان جي گھر ۾ ٿيو. سندس والده جو نالو، ارجمند بانو عرف ممتاز محل هو. دارا شڪوھ جو لقب “شاھ بلند اقبال” هو. دارا شڪوھ، شاهجهان جو وڏو پٽ ۽ اورنگزيب عالمگير جو وڏو ڀاءُ هو. جنهن کي پنهنجي پيءُ شاهجهان، 1633ع ۾، پنهنجو ولي عهد مقرر ڪيو هو. شاهجهان کي چار پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون، جن جا نالا هيٺينءَ ريت آهن: محمد دارا شڪوھ، اورنگزيب، شجاع، مراد بخش، جهان آرا، روشن آرا ۽ گوهر بيگم. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي جلد نمبر 11هين ۾، صفحي نمبر 59 تي، شاهجهان جا ٽي پٽ ڄاڻايل آهن. جن ۾ شجاع جو نالو ڏيکاريل ڪونهي. جڏهن ته انسائيڪلو پيڊيا جي جلد نمبر پهريين ۾، صفحي نمبر 326 تي لکيل آهي، ته “اورنگزيب، پنهنجن وڏن ڀائرن، يعني دارا ۽ شجاع کي پاڻ ۾ ويڙهايو”. تاريخ ۾ لکيل آهي، ته اورنگزيب، پنهنجن ٻنهي ڀائرن، دارا ۽ شجاع کي قتل ڪرڻ کان پوءِ، آخر ۾ پنهنجي ننڍي ڀاءُ مراد بخش کي، علي نقي جي قتل واري ڪوڙي ڪيس ۾، قاضيءَ کان فتويٰ ڏيارائي، سال 1661ع تي، گواليار جي قلعي ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. هندوستان تي جن مغل بادشاهن پنهنجون بادشاهيون قائم ڪيون، انهن ۾ ظهير الدين بابر (جنم 1443ع ۽ وفات 1530ع)، همايون (جنم....وفات 1556ع)، محمد اڪبر (جنم 1542ع ۽ وفات 1605ع)، جھانگير (جنم 1569ع ۽ وفات 1627ع)، شاهجهان (جنم 1592ع ۽ وفات 1666ع)، اورنگزيب (1618ع ۽ وفات 1707ع)، بهادر شاھ ظفر (جنم 1775ع ۽ وفات 1862ع).

    دارا شڪوھ جي اُڪي احوال کان اڳ۾، ٿورڙو شاهجهان جي زندگيءَ تي به هڪ نظر وجھندا هلون. شاهجهان مغل سلطنت جو پنجون بادشاھ هيو. پاڻ 05 جنوري 1592ع تي، جهانگير بادشاھ جي گھر، لاهور ۾ پيدا ٿيو. 1628ع تي تخت نشين ٿيو. 1657ع تي کيس بيمار ڄاڻائي، ٽين نمبر پٽ اورنگزيب جي طرفان، بادشاهيءَ تي قبضو ڪيو ويو. 1658ع تي کيس گرفتار ڪري، آگري جي قلعي جي قيد خاني ۾ بند ڪيو ويو. جتي اسيريءَ واري حالت ۾، قيد تنهائي دوران، 22 جنوري 1666ع ۾ وفات ڪيائين. وفات وقت ان جي عمر 64 سال هئي.
    دارا شڪوھ جو ننڍپڻ، پنهنجي ڏاڏا شهنشاھ جهانگير وٽ علم حاصل ڪندي گذريو. باقي تعليم پنهنجي والد شاهجهان وٽ پڙهي پوري ڪيائين. هن جو مقصد هندستان جي وسيع تر مفاد ۾، هندومت ۽ اسلام جي وچ ۾ ايڪتا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي سوچ سان، ٻنهي مذهبن جي وچ ۾، باهمي تعلق ۽ ربط پيدا ڪرڻ هو. هن پنهنجي قلم جي نوڪ سان، ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ سفينته الاولياءَ، سڪينته الاولياءَ، رساله حق نما، حُسنات العارفين، مجمع البحرين، ترجمه ڀڳوت گيتا، نادرالنڪات، بياض دارا شڪوھ، ديوان دارا شڪوھ ۽ سر اڪبر گھڻا مشهور آهن.
    دارا شڪوھ کي، پنهنجي والد شاهجهان پاران، ولي عهد مقرر ڪرڻ کان پوءِ، 1654ع ۾ الھ آباد جو منصب نگار مقرر ڪيو ويو. جنهن بعد پنجاب، ملتان ۽ بِهار جا علائقا سندس حوالي ڪيا ويا. دارا شڪوھ کان، سندس ننڍي ڀاءُ اورنگزيب بغاوت ڪندي، 1658ع ۾ آگري ۽ دولپور جي درميان، “ساموڳڙھ” وٽ لڙائي ڪئي، جنهن ۾ دارا شڪست کاڌي. 12 مارچ 1659ع تي، ٻنهي ڀائرن جي وچ ۾ وري ٻيهر اجمير ويجھو لڙائي لڳي. 14 مارچ تي دارا کي ٻيهر شڪست نصيب ٿي ۽ سندس سمورو لشڪر تباھ ٿي ويو. هاڻي دارا ڪجھ هزار سپاهين، برادريءَ جي ماڻهن ۽ ٻارن ٻچن سميت، بکر، بدين، ٺٽي ۽ سيوهڻ تائين آيو. بلوچستان جي علائقي بولان ۽ ڍاڍر جي ڀر ۾، 09 جون 1659ع تي، ملڪ جيوڻ خان غداريءَ ڪري، کيس چَوکنڀو ٻڌي، دهليءَ ۾ وڃي اورنگزيب جي اڳيان پيش ڪيو. 23 آگسٽ 1659ع تي، سندس مٿو اگھاڙو ڪري، ٻانهون پٺيءَ سان ٻڌي، هاٿيءَ تي چاڙهي، دهليءَ جي شهر جو گشت ڪرايو ويو. 30 آگسٽ 1659ع تي شام جو، اميرن جو اجلاس گھرائي، کيس قتل ڪرڻ جو فيصلو صادر ڪيو ويو. شائسته خان، محمد امين خان، بهادر خان ۽ حڪيم دائود، هر حالت ۾ کيس قتل ڪرڻ تي اسرار ڪيو. روشن آرا بيگم پڻ زور ڀريو، ته دارا شڪوھ کي ضرور قتل ڪيو وڃي. صرف دانشمند خان، جان بخشيءَ جي لاءِ عرض ڪيو، جيڪو نامنظور ٿيو. شام جو اورنگزيب حڪم ڪيو، ته “دارا کي فورن ڪُٺو وڃي”. 30 آگسٽ جي شام جو، سج لٿي کان پوءِ، سيف خان جي نظرداريءَ هيٺ، جلاد نظربيگ ۽ ان جا ڪجھ ٻيا مددگار، بندي خاني ۾ داخل ٿيا. دارا سان سندس پٽ سپهر شڪوھ به ننڊ ۾گڏ ستل هو. ان کي زوري جدا ڪري، ٻئي ڪمري ۾ واڙي، کيس دري کولي ڏني ويئي، ته جيئن پنهنجي پيءُ جي ڪُسجڻ جو ڪامياب ڪارنامو، آلين ۽ المناڪ اکين سان ڏسندو رهي. دارا جو سر تلوار جي هڪڙي ڌڪ سان ڌار نه ڪيو ويو. سندس هٿ ۽ پير پويان کان ٻڌي، زمين تي ليٽائي، وڏن وارن کان وٺي، ڪلايل ڪاتيءَ سان، قسطن ۾ ڪٺو ويو. 31 آگسٽ 1659ع تي صبح جو سوير دارا جي سسي، اورنگزيب جي اڳيان پيش ڪئي ويئي. جيڪا هن ڏسي ڏاڍي سرهائيءَ محسوس ڪئي ۽ وڏا ٽهڪ ڏنا. پوءِ اورنگزيب اها لٿل سسي، هڪ خونچي ۾ بند ڪري، پنهنجي بيمار پيءُ شاهجهان ڏانهن، ناشتي طور قيد خاني ڏياري موڪلي. سسي اڃان بند هئي، ته شاهجهان چيو: “خدا جو شڪر آهي، جو ايترن ڏينهن کان پوءِ، منهنجي مهربان پٽ مون کي ياد فرمايو آهي”. ايئن چئي جڏهن خونچي جو ڍڪ مٿي کنيائين، ته دارا جي وڍيل سسي ڏسي، صدمي ۾ بيهوش ٿي ويو. هوڏانهن دارا جو لاش هاٿيءَ تي رکي، ساري شهر مان گھمائي، همايون جي مقبري ۾، بي ڪفن دفن ڪيو ويو. جنازي نماز به ڪو نه پڙهي ويئي. پنهنجي پيار ڪندڙ شفيق ۽ مهربان پيءُ شاهجهان کي قيد ڪرڻ کان پوءِ، پنهنجن ٽن ٿڃ شريڪ سڳن ڀائرن، رت جي رشتن، ممتا جي مٺڙن، امڙ جي آسرن، آيل جي اکڙين ۽ جيجل جي جگرن، دارا، شجاع ۽ مراد بخش سان، اورنگزيب جيڪي ڪلور ڪيا، خصوصن وڏي ۽ ولي عهد ڀاءُ محمد دارا شڪوھ سان، اورنگزيب جو اهڙو سفاڪانه سُلوڪ ڏسي، اسان جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اهڙيءَ ريت اسان جي ٻي اسلامي تاريخ به، وڏن واقعن، هزارين حملن، جابرانا جنگين، لاتعداد لڙاين، ناحق ناانصافين، خونريزين، خنجرن، ڦاسين، ڦاهين، ڦندن، ڦٽڪن، تيرن، تلوارن، تيل ڪڙهاين، ڪاتن، ڪاترن، ڪُهاڙين، گولين، گوگھن، گزن، گُڙزن، گھاڻن، وِھُ وٽن، نيزن، نوڪن، ڀالن، بمن، باهين، بڙڇين، بندوقن، سُولين، صليبن، سنگينن، سنگسارن ۽ سختين سان سراسر سينگاري پيئي آهي. دارا شڪوھ هڪ وڏو عالم، وحدت الوجودي صوفي ۽ وقت جي وڏي بزرگ سرمد جو پوئلڳ ۽ ميان مير سنڌيءَ جو مريد هو. جنهن جي بيوسي، بيڪسي ۽ درد جو داستان پڙهي، اسان جو وجود ڪنبي ۽ ڪنڌ حيرت مان هيٺ جھڪي وڃي ٿو.

    ustadlaghari333@gmail.com
    هلال پاڪستان جي ٿورن سان
    جمعو 30 آگسٽ 2019 ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو