راء ڏياچ

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    تبصرو;عاشق چانڊيو

    شام جو پھر آھي,ٿڌڙي ھير گھلي رھي آھي ۽ منھنجي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب آھي "راء ڏياچ!".آءٔ ڪتاب پڙھندي تمام گھڻو سڪون محسوس ڪري رھيو آھيان ۽ منھنجو من جھومڻ لڳو آھي ڇاڪاڻ تـ آءٔ ان بادشاھ جو قصو پڙھي رھيو آھيان جنھن سر تي سر ڏنو ھو ۽ ان ٻيجل جي ٻيجلي ٻڌي رھيو آھيان جنھن جي ٻيجلي جي سرن جي آواز تي جانور بـ رقص ڪرڻ لڳندا آھن.منھنجي دل بـ ٻيجل جي ٻيجلي ٻڌي رقص ڪري رھي آھي مٿان وري موسم بـ مست آھي سچ پڇو دل باغ بھار ٿي پئي آھي.اھا فطرت آھي جنھن جي ننڍڙي ادا ۾ بـ گھڻي موھت آھي.ڀلي ڪنھن ھال ۾ سوين ايسيون (AC) ھلنديون ھجن پر تڏھن بـ ڪنھن باغ ۾ ويٺي شام جي ٿڌڙي ھير تمام گھڻو متاثر ڪندي آھي.تڏھن تـ ھن بھادر بادشاھ "راء ڏياچ" جنھن کي ڪو تلوار ذريعي ختم نـ پئي ڪري سگھيو تنھن رڳو ٻيجل جي ٻيجلي تي پنھنجو سر ڏئي ڇڏيو.خير مونکي ڪتاب بابت ڳالھائڻ گھرجي.ھي ناول ھڪ لوڪ ڪھاڻي "راء ڏياچ" تي لکيل آھي پر ھن ڪتاب جو افسانوي انداز نرالو آھي ۽ ناول جي صنف ۾ زندھ ڪردار ڪھاڻي جي اھميت وڌائي ڇڏين ٿا.ھن ناول ۾ سنڌ جي ان وقت جي تاريخ جو ذڪر بـ ڪيل آھي تـ ڪيئن ان دؤر ۾ ايرانين جو سنڌين تي اثر رسوخ ھيو ۽ سنڌي ڪھڙي نـ ذلالپ جي زندگي بسر ڪري رھيا ھئا.ھنن جا حال غلامي ۾ ھيڻا ٿي چڪا ھئا,سڀني جي اميدن جو جنازو کڄي چڪو ھو.پوء ھڪڙو مانجھي مرد پيدا ٿيو جنھن جي اچڻ جي سڀني کي اميد ۽ انتظار ھيو.ان مانجھي مرد جي ارادن گھڻن جي اميدن کي اجاڳر ڪري وڌو.ان مرد جو نالو آھي "راء ڏياچ!"
    راء ڏياچ غلامي کي گار سمجھيو ۽ ايرانين خلاف بغاوت جو اعلان ڪيائين.ھو ماڻھن جي ميڙن سان مخاطب ٿي کين غلامي جي گار کان نجات ڏيارڻ جو وچن ڪيو ۽ آزادي جو احساس ڏيارڻ شروع ڪيو.راء ڏياچ جا ساٿي وڌڻ لڳا ۽ ھنن ايرانين تي حملا ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ۽ ايراني بادشاھن کي ختم ڪري آزاد سنڌ جو تصور آندو.آزاد سنڌ جو بادشاھ راء ڏياچ ٿيو ۽ کيس سورٺ راڻي بڻي.ھي بھادر بادشاھ جنھن کي تلوارن سان ختم نـ پيو ڪري سگھجي اھو سر ساز مان تمام گھڻو متاثر ھو جو سر تي جان بـ ڏئي پئي سگھيو ۽ ھن سر تي جان ڏني بـ. جنھن ڪري ھو تاريخ ۾ پھريون بادشاھ بڻجي ويو جنھن سر تي سر ڏنو ۽ ڪلا سان عشق جو ريڪارڊ قائم ڪيو.ناول ۾ سنڌ جي بادشاھ جي حب الوطني ۽ وطن جي امن پسندي جو پس منظر ملي ٿو تـ جڏھن ايراني سنڌ تي ڪاھ ڪري آيا ۽ ھن سنڌ جي ان وقت جي بادشاھ کي چيو تـ سنڌ اسان جي حوالي ڪري تڏھن ھن چيو تـ "جيسيتائين مان زندھ آھيان سنڌ آزاد رھندي"تنھن کانپوء ھن کي ماريو ويو.ان مان وطن دوستي جو سبق ملي ٿو.سنڌ جي امن پسندي اھا ھئي تـ جڏھن راء ڏياچ بادشاھ ٿيو ۽ سنڌ طاقتور رياست ٿي تڏھن بـ ھنن ڪنھن ٻي قوم کي غلام بڻائڻ جو تصور ئي نـ ڪيو.اھو سنڌ جو امن پسندي وارو سبق تاريخ جي بابن ۾ ھميشـ نمايان رھندو.ڪليم ٻٽ کي جس پيش ڪجي ٿو جنھن راء ڏياچ جي قصي کي نواڻ سان پيش ڪيو آھي.ھي ناول 96 صفحن تي پکڙيل آھي ۽ ڪويتا پبليڪشن پاران شايع ٿيل آھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو