کنوڻ ڇا آھي؟حقيقتون ۽ بچاءَ!

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 آگسٽ 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    کنوڻ ڇا آھي؟حقيقتون ۽ بچاءَ!

    کنوڻ ٿيڻ ۽ ڪِرڻ ھڪ قدرتي عمل آھي. کنوڻ درحقيقت اليڪٽريڪل ڊسچارج آھي. ٻين لفظن ۾ کڻي ائين چئجي تہ، کنوڻ، اليڪٽرڪ ڪرنٽ جي، ڪڪر جي هڪ حصي کان ٻئي حصي يا هڪ بادل کان ٻئي بادل يا بادل کان ڌرتي طرف وِھڻ کي چئبو آھي. ڪڪرن تي ڪاٽو ۽ واڌو چارجز گاٺِ يعني فِرڪشن جي ڪري پيدا ٿين ٿيون؛ بادل پنهنجو پاڻ سان ۽ ھوا سان ٽڪرائجندا رهن ٿا. گاٺ جي نتيجي ۾ ساڳئي ڪڪر جي هڪ حصي تي ڪاٽو ۽ هڪ حصي تي واڌو چارجز يا هڪ بادل تي ڪاٽو ۽ ٻئي تي واڌو چارجز جمع ٿي پون ٿيون، پوءَ اهي چارجون، ڪاٽو کان واڌو طرف وهڻ شروع ڪن ٿيون. جڏھن وهن ٿيون تڏهن روشني پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي توهان کنوڻ چئو ٿا. جڏهن اهي اليڪٽريڪل چارجز هوا مان وهن ٿيون، تڏھن هوا ۾ موجود گئسن جي ماليڪيولن جا ائٽم گرم ٿي آيونائيز ٿي وڃن ٿا، جنهنڪري چارجن کي اڳتي وهڻ جو وسيلو ملندو رهي ٿو ۽ انهي عمل جي دوران آواز پيدا ٿئي ٿو جنهن کي گاج چئون ٿا.
    بادل جي مٿئين سطح تي واڌو ۽ ھيٺين يعني ڌرتي واري پاسي ڪاٽو چارجي گڏ ٿين ٿيون . بادل جي ڌرتي واري پاسي واريون ڪاٽو چارجز ، ڌرتي تي واڌو چارجز گڏ ڪن ٿيون ، نتيجي ۾ بادل کان چارجز ڪرنٽ جي شڪل ۾ ڌرتي طرف وهڻ لڳن ٿيون..جنهن کي کنوڻ جو ڪِرڻ چئون ٿا.

    ڪجھ حقيقتون!
    کنوڻ سج جي سطح کان 5 ڀيرا وڌيڪ گرم ٿئي ٿي.
    _ وچ آفريڪا، لاطيني آمريڪا۽ ھماليہ تي وڌيڪ کنوڻ ڪِري آھي
    _هڪ جڳھ تي ٻہ دفعا ڪري سگهي ٿي
    _ڌرتي جو گرمي پد سان گڏ کنوڻ جي ڪِرڻ جي شرح وڌي آھي.
    _مردن تي عورتن جي ڀيٽ ۾ پنج ڀيرا وڌيڪ کنوڻ ڪِري آھي.
    _تحقيق موجب،2100 تائين لائيٽننگ اسٽرائيڪ يعني کنوڻ جي ڪِرڻ جا واقعا پنجاه سيڪڙو وڌي ويندا.
    _ آزادي جي مجسمي تي 500ڀيرا کنوڻ ڪري چڪي آھي.
    _ کنوڻ ڪرڻ دوران ٽي کان پنج هزار ايمپئر تائين ڪرنٽ پيدا ٿئي ٿو.
    _ کنوڻ جو فليش ٽي ميل ڊگهو ٿي سگهي ٿو

    کنوڻ کان بچاءَ!!!!!!
    _ ڪا بہ کليل جاءِ کنوڻ کان غير محفوظ آھي
    _ بند ڪمرو يا بند گهر سڀ کان محفوظ جڳھ آھي.
    _ کنوڻ دوران ڪمري ،ڪار يا گاڏي جون دريون بند رکجن.
    _ دنيا ۾ سڀ وڌ کنوڻ وڏن ۽ ڊگهن وڻن تي ڪري آھي. سو جهنگ ۾ کنوڻ دوران وڏن وڻن ھيٺ ويهڻ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
    _ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي وڌيڪ کنوڻ پاڻي تي ڪِري آھي، تنهنڪري کنوڻ دوران ترائي يا پاڻي کان پري چوپائي مال کي بہ ڇڏجي ۽ پاڻ بہ پري رهجي.
    _ جهنگ ۾ننڍن وڻن تي کنوڻ تمام گهٽ ڪري ٿي
    _ اگر مينهن نہ آھي پر مٿي کنوڻ ٿي رهي آھي تہ بہ ڪِرڻ جو خطرو موجود هوندو آهي.
    _ سج جي روشني جي موجودگي ۾ کنوڻ ڪِري سگهي ٿي.
    _ چوٽي واري ڇٽي کنوڻ دوران خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.
    _ جيئن تہ کنوڻ بہ اليڪٽريڪل ڪرنٽ آ، سو، بجلي جي مشينن ۽ پسرائيندڙ شين کان پري رهجي!
    _کنوڻ دوران بجلي جي ٿنڀن ۽ تارن کان پري رهجي.
    _ کنوڻ دوران ڪا بہ ٽيليفون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪجي.
    _ ڪمري جي در يا دري مان مٿو ڪڍي کنوڻ جو منظر ڏسڻ جي ڪوشش نہ ڪجي، اگر ڪوشش ڪئي تہ ٿي سگهي ٿو پاڙي وارا کنوڻ جي ڪرڻ جو آواز ٻڌن .
    _ کنوڻ اوچائي واري جاء کي اڪثر ٽارگيٽ ڪندي آهي....

    Copy from Facebook
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي

هن صفحي کي مشهور ڪريو