ڪشمير تي غيرقانوني قبضو مسلمانن جي خلاف هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو آهي: وزيراعظم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير تي غيرقانوني قبضو مسلمانن جي خلاف هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو آهي.

    وزيراعظم عمران خان مودي سرڪار کي بنگلاديشي مهاجرن جي آڙ ۾ مسلمانن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڪوششن جي رد عمل ۾ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هندستاني ۽ عالمي ميڊيا ۾ مودي سرڪار جي هٿان مسلمانن جي نسل ڪشي جي خبرن سان سموري دنيا ۾ خطري جون گهنٽيون وڄڻ گهرجن.

    هن چيو ته ڪشمير تي غيرقانوني قبضو مسلمانن جي خلاف هڪ وڏي حڪمت عملي جو حصو آهي. هوڏانهن ڀارتي حڪومت پاران شهريت بابت رجسٽريشن لسٽ جاري ڪندي 19 لک 6 هزار 657 ماڻهن کي ڀارتي شهريت کان محروم ڪيو ويو. ان ماڻهن ۾ ڪيترائي بنگلاديشي مسلمان آهن جنهن کي هاڻ زمينن، ووٽ وجهڻ جو حق ۽ آزادي ڦري کين گرفتار ڪرڻ کان علاوه ملڪ بدر ڪرڻ جو به امڪان آهي.

    اهڙي رد عمل کان بچڻ لاءِ رياست ۾ 80 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪري قلم 144 لاڳو ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ان لسٽ کي آسام ۾ انتهاپسندن جي مطالبن جي لاءِ تيار ڪيو ويو جيڪي رياست ۾ مسلمانن جي اچڻ جي ڪري هندو اڪثريت جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جي امڪان سبب خوفزده هئا.
    Sindhi News
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو