ممتاز لوهار جي شعري مجموعي ڪئنواس تي بارش جو جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    ممتاز لوهار جي شعري مجموعي، ڪئنواس تي بارش جو جائزو....
    فقير محمد سنڌي.
    کسي جو ننڊ وئي آهين، اکين ۾ آب ڦٿڪن ٿا،
    رُنيون چنڊ ساڻ تعبيرون، اسان جا خواب ڦٿڪن ٿا.

    سنڌي ٻولي متعلق، ايڇ ٽي. سورلي جو رايو آهي ته : ٻولي ڪنهن قوم جي سمجهڻ لاءِ هوندي آهي، سنڌي ٻولي هڪ خوبصورت ۽ مڪمل وسيلو آهي. جيڪا انهيءَ تهذيب ۽ثقافت جي مزاج سان ٺھڪي ٿي اچي،، اهڙو ئي شاعري جو ڪتاب ممتاز لوهار پنهنجي مادري ٻولي ۾ سرجيو آهي. ڪئنواس تي بارش، جنھن ۾ ممتاز لوهار درد ڌمال ۾ بيٺل شخص ٿو نظر اچي. جنهن کي پنهنجي جيو کان سواءِ دنيا جهان جو درد به پنهنجو ٿو محسوس ٿئي. ممتاز لوهار ڪائنات ۽ فطرت کي پنهنجي حساس ذهن، اکين ۽ دل سان محسوس ڪيو آهي. ڪئنواس تي بارش جي شروعات نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظمن سان ٿئي ٿي، جنھن جو تعداد 117 آهي، ڪتاب جو پهريون نظم، آتم ڪٿا جي عنوان شروع ٿئي ٿو، جنھن مختصر حصو ڏئڻ ٿو چاهيان.
    اِئين جي رهيو آهيان،
    زندگي ڄڻ گم ٿي وئي هجي ڪٿي.
    پاڻ کي ڳولهيم،
    ته آئيني رڙ ڪئي.
    منهنجي گھر جي چلھ،
    گاسليٽ يا گئس سان نه،
    منهنجي خون ۽ پگھر سان ٻرندي آهي.
    ڪوي جي زندگي ۾ هر ڏينهن نئون سوال کڻي ٿو اچي ۽ رات جو حصو وري نئين دنيا اڏڻ تي بضد هوندي آهي. ان سڄي ڪشمڪش جي جھان کي جمالياتي حسن کي پنهنجي تخيل پيش ڪري ٿو. ممتاز لوهار جا ٻه نظم مٿي ڳالھ جو چٽو حوالو آهن.
    چنڊ وانگر.
    تنهنجي پيار جي ابتدا ڀي،
    پھري تي چنڊ وانگر ھُئي.
    روز بروز وسيع ۽ روشن،
    تنهنجي پيار جو عروج،
    چوڏهين جي چانڊوڪي جيئن هئو.
    تنهنجي پيار جي انتھا،
    پوئياڙي جي چنڊ وانگر نڪتي.
    روز بروز کٽندي رهي ٿي.
    تون ڀي چنڊ وانگر آهين.
    تو ۾ ڀي آ ساڳيو داغ.
    ٻيو نظم.
    مبهم
    تنهنجو مزاج ڪڏهن ڪڏهن،
    ايترو مبهم لڳندو آهي.
    جيترو بنا اڊريس جي،
    ڪوئي خط.
    اهڙا ڪيترائي، نظم، آزاد نظم۽ نثر نظم ڪتاب جي سونهن ۾ واڌارو ڪري بيٺا آهن. جيئن نصير آباد شهر نرالوآ ...... چوڏهن پيجن تي سرجيل نظم، نصير آباد شهر جي مختصر تاريخ به آهي ۽ ممتاز لوهار جي ذهن جي يادگيري پڻ. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ممتاز لوهار پنهنجي شهر کي ڪيتري باريڪ بينيء سان محسوس ڪيو آهي. ڪئنواس تي بارش ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري ليکڪ حبدار سولنگي لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا صاحبِ ڪتاب انسان دوستن کي ڪئي آهي، جنھن عبدالستار ايڌي ،ڊاڪٽر اديب رضوي، ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ۽ ليکڪ پنهنجي ڌيءَ امرتا جي نانءُ ڪئي آهي. ڪتاب ڪئنواس تي بارش جي ٻئين حصي ۾ 37 غزل شامل آهن، ممتاز لوهار پنهنجي غزلن ۾ سماجي ڏکن جو جوهر نمايان طور پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. جينيئس خيال جيئن محسوس ڪيا اٿس پيش ڪرڻ جي وصعت کي به ايتري آساني سان لفظن جي صورت ۾ پيش ڪيو اٿس. ڪجھ غزل جا بيت آهن ته :
    ملي گهاءُ مُرڪون، نچي ڏک ڀُلايون،
    اسان هن صديءَ جا، قلندر ته ناهيو. ***
    ڪيترا مانگر مڙيا ميهر نه هو!
    جنھن گهڙيءَ سهڻي ٻڏي مهراڻ ۾.
    ***
    چَيُئي ڇا چَپن ۾ سکي چنڊ کي؟.
    لڳي باھ ڪيڏي وئي چنڊ کي!.
    ممتاز لوهار وٽ خيال پرجوش آهن، انهن خيالن جي ديوي ممتاز پنهنجي سماج لاءِ سنيهو سمجھي ٿو، ان پيغام کي هرڪوئي پنهنجي اندر جو احساس سمجھي ٿو. ڄڻ اهي احساس، خيال ۽ ورتاءَ منهنجا ئي آهن، اهڙي حقيقت پسندي کي پيش ڪرڻ ۾ شاعر ڪامياب ويو آهي. ممتاز جي غزل جا ڪجھ بيت :
    ڪوئي ته گوليءَ سان به مرندو ڪونه آ،
    ڪو ته ويندو آ مري، اکيون ڏسي.
    ****
    هِي نه ايندو هوش ۾ رِندن چيو،
    هِن چکي آ مڌ ذري، اکيون ڏسي.
    ***
    روز ٿو سوچان ته، رسندو مانس اڄ،
    روز ويندو هان ٺري، اکيون ڏسي.
    ***
    ٿي ويو سارو بدن واريءَ سندو،
    هاءِ! تنهجون هي ٿري، اکيون ڏسي.
    ***
    ممتاز لوهار پنهنجي ديس ۾ جبر برداشت نه ٿو، وڏي واقعي دانهن ٿو ڪري ۽ وقت جي حڪمرانن کي جهنجهوڙي اٿارڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.

    ٿي تڪي هيءَ قوم تاريندين ڪڏهن؟
    ٻاٽ ۾ ڪا لاٽ ٻاريندين ڪڏهن؟
    ***
    سنڌُ، سُڏڪي آ چيو ڀوتار کي،
    پڪ اٿ منھنجو نه تون ٿيندين ڪڏهن.
    ***
    ايم پي اي کي چيو هڪ پرسن،
    او ٻَٻُر! ڏَسِ ٻَير تون ڏيندين ڪڏهن؟
    ***
    يا وري ٻئي غزل جو بيت اٿس ته :

    هن شھر جو ڌڻي ڳالھ سمجهي نه ٿو،
    آءُ ڳولهيون اُهو جو ، ٻڌي ڳالھ ڪا.
    ****
    ممتاز لوهار سماج کي سجاڳ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪثر ڪونه ڇڏي آهي. هي صوفي مزاج رکندڙ شخص جيڪو درد جي ڌمال ۾ بيٺل آهي، پنهنجي نظمن جي ذريعي منفرد نموني سان عوام جي نمائندگي ڪري سندن دردن جو آواز بڻجي ٿو.
    ممتاز لوهار جي وائي جو خوبصورت حصو،
    مرڪي تو جو هٿ کنيو،
    اُڀ تي روشن چنڊ،
    ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو.
    ممتاز لوهار پنهنجي نظم، آزاد نظم، نثري نظم، غزل، وائي ، هائيڪا ،ٽيڙو، ٽي سٽا ۽ بيت ۾ بيشمار ديسي تمثيلون، ڪنايا، تشبيھون ۽ استعارا شامل ڪيا آهن. شاعريءَ جي حسن کي برقرار رکندي ممتاز لوهار منظر نگاريءَ جون خوبيون به شامل رکيون آهن. ڪئنواس تي بارش شعري مجموعي ۾، رضوان گل، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو ۽ بيڪ ٽائيٽل تي امر اقبال، ممتاز لوهار جي زندگي ،علم ۽ ادب تي مختصر طور تي جامع راءِ ڏني آهي. ممتاز لوهار کي ڪتاب جون لک واڌايون سندس ئي بيتن جي صورت ۾ هي ڀيٽا ته :
    مون کي سمجھائي، پاڻ منجھي آهي پيو،
    هاڻي هجي ٻيو، جو ٻنھي کي دڳ لائي.
    ***
    مون کي سمجھائي، پاڻ پئي غلطيون ڪري،
    ڪوئي ٻڌائي ، هن کي وڃي هوريان.
    ****
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو