ھو جڏھن ٻوٽي مان وڌي وڻ ٿيو, تڏھن ھن ڌرتي تي ڇانو ڪئي, ھن ٿڪل مسافرن کي آرام ڏنو, ۽ پنھنجي ھر ھڪ پن سان ايتري تـ محبت ڪئي جو اگر ڪنھن ھن جي ھڪ پن کي بـ پٽيو تـ ھن جي ٽاري پن جو ساٿ ڏيڻ لاء آخري پھچ تائين ڳنڍي آئي پر جڏھن وس نـ ھليو, ۽ پن ڌار ٿي ويو, تڏھن ئي بي وس ٿي واپس وري. انسان بـ جيڪر ان وڻ وانگر سخي ٿي پوي, بي سھارن جو سھارو بڻجي, بي وسن جي مدد ڪري, ۽ ھر انسان سان ايتري محبت ڪري, جو اگر ڪنھن کي ڇنو وڃي تـ پنھنجي آخري پھچ تائين کيس ڳنڍڻ جو زور لائي تـ يقينن ڌرتي جنت بڻجي ويندي. عاشق چانڊيو