وڻ

'شاعري' فورم ۾ عاشق علي چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2019۔

  1. عاشق علي چانڊيو

    عاشق علي چانڊيو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2019
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ماڳ:
    وارھ
    ھو جڏھن ٻوٽي مان وڌي وڻ ٿيو,
    تڏھن ھن ڌرتي تي ڇانو ڪئي,
    ھن ٿڪل مسافرن کي آرام ڏنو,
    ۽ پنھنجي ھر ھڪ پن سان ايتري تـ محبت ڪئي
    جو اگر ڪنھن ھن جي ھڪ پن کي بـ پٽيو تـ ھن
    جي ٽاري پن جو ساٿ ڏيڻ لاء آخري پھچ تائين
    ڳنڍي آئي پر جڏھن وس نـ ھليو,
    ۽ پن ڌار ٿي ويو,
    تڏھن ئي بي وس ٿي واپس وري.
    انسان بـ جيڪر ان وڻ وانگر سخي ٿي پوي,
    بي سھارن جو سھارو بڻجي,
    بي وسن جي مدد ڪري,
    ۽ ھر انسان سان ايتري محبت ڪري,
    جو اگر ڪنھن کي ڇنو وڃي
    تـ پنھنجي آخري پھچ تائين
    کيس ڳنڍڻ جو زور لائي
    تـ يقينن ڌرتي جنت بڻجي ويندي.

    عاشق چانڊيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو