جيئند علي مھر جي شعري مجموعي اوسيئڙي ۾ شام جو جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    جيئند علي مھر جي شعري مجموعي، اوسيئڙي ۾شام، جو جائزو....
    فقير محمد سنڌي.
    اڀيون تڙ پوڄين وهون وڻجارن جيون،
    آڻيو آکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي. -( شاھ )
    سنڌي شاعريءَ ۾وائي ڪلاسيڪل صنف آهي ،جنھن کي پنهنجي مڪمل طور تي راڳداري جي سر زمين ميسر آهي ،وائي کي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي هميشه لاءِ راڳ جو مڪمل روپ ڏئي ڪلاسيڪيت جو شرف بخشيو. اهڙي نموني وائي کي جديديت جو عملي جامو سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز پرايو. جنهن جي ڪري موجوده دور ۾ وائي جي صنف کي هر عام ۽ خاص انسان آساني سان سمجهي سگهي ٿو. انهيءَ راھ تي جيئند علي مھر به آهي جيڪو مسلسل وائي جي صنف سان نڀاءُ رکندو پيو اچي، ان جو بهترين ثبوت سندن ڪتاب اوسيئڙي ۾شام آهي. جنھن ۾ 110 وايون شامل آهن. سنڌ ۾ شاعري جا ٿورا ڪتاب موجود آهن جيڪي هڪ صنف تي سرجيل آهن. جس آهي انهن شاعرن ۽ شاعرائن کي گهڻي محنت ۽ جفاڪشي سان هڪ صنف تي طبع آزمائي ڪري، ان کي وري ڪتابي ڏئي عام پڙهندڙن تائين رسايو. اهو جيئند علي مھر سميت انھن شاعرن ۽شاعرائن جو سنڌي ٻوليءَ پيار ۽ انس وارو تعلق آهي. اوسيئڙي ۾ شام، ڪتاب ۾ جيئند علي مھر پنهنجا احساس پنهنجي ٻوليءَ ۾ عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۽ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. ٻوليءَ ۾ حسناڪي تڏھن پيدا ٿيندي جڏهن ليکڪ ۽شاعر جو مطالعو وسيع هجي، پنهنجي معاشري جا احساس پنهنجي اصل ٻوليءَ ۾ پيش ڪري سگهڻ جي صلاحيت رکندو هجي. جيئند علي مھر جي هيءَ وائي، ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ اتساهه جو سبب آهي.
    اسان جي اکين جي،
    سنڌُ روشني آن تون!
    سِرُ سِرَ تي جان گھوري،
    جوڳ ۾ جوڳين جي -
    سنڌ روشني آن تون!
    پيار محبت آهي عبادت،
    سڪ ۾ ئي صوفين جي.
    سنڌَ روشني آن تون!
    ٽي - ايس ايليٽ جي چواڻي ته : اها طئي شدھ ڳالھ آھي ته ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ جي شاعريءَ ۾ ئي پنهنجا سڀ کان شديد احساس ظاهر ڪري سگهن ٿا. هڪ قوم جي ماڻهن ماڻهن ۾،نفيس ترين ۽ پيچده ترين جذبا توڙي سادا۽اڻ گهڙيل جذبا ڪا نه ڪا هڪ جھڙائي رکن ٿا. جيڪا ٻيءَ ٻوليءَ جي ماڻھن جي ساڳئي طبقي ۾ نٿي ملي سگھي، ان ڪري عظيم شاعر کي پنهنجي هم وطنن لاءِ ۽ هم وطنن جي هر ذهني سطع لاءِ لکڻو آهي.
    اهڙيءَ ئي دڳ تي پنهنجو جيئند علي مهر به آهي، پنهنجن دردن سان گڏ عام جي سورن کي به ڪونه ٿو وساري. ڏسون جيئند مهر جي هي وائي.
    روح ۾ رازن سان،
    ٽاڪي خوشيون ٿي!
    مڪلي، منڇر، ڪينجهر، ڪلاچي،
    تھذيب ماڳن سان.
    ٽاڪي خوشيون ٿي!
    هن وائي جي مطلع ڏسو.
    ساٿ ملي جيڪر جيئند،
    هڪڙيء آس کي.
    آخر تو لوڙهي ڇڏيو!
    فطرت جي حسناڪي کي شاعر باريڪ بيني سان ڏسي ٿو. انسان ۽ انساني سمجھ جا سڀ جو سڀ شاعر پنهنجي ذهني پروڙ ۾ آڻي خيالن جي معراج کي پسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    نگاهن کي ڇاهي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا!
    ڪو مري ڪو جيئي ڀلا،
    ادائن کي ڇا هي؟
    ڀوڳيون يار اسان ٿا؟
    جيئند مهر جي هي وائي پيار جي اظهار جو ذريعو آهي جنهن پوري ڪرڻ جي تمنا رکي ويٺو آهي.
    منهنجي جذبن کي،
    ڪو نانءُ ڏئي وڃجانءِ!
    سانوري اومن بانوري،
    وهندڙ لڙڪن کي.
    ڪو نانءُ ڏئي وڃجانءِ.!
    اوسيئڙي ۾شام جو مھاڳ سنڌ جي ناليواري ليکڪ ڊاڪٽر مهر خادم لکيو آهي، مھاڳ مختصر پر جامع لکيل آهي، وائي جي گھڻن پاسن ۽ جيئند مهر جي وائين تي ڊاڪٽر مهر خادم سٺو نڀايو آهي. شاعر جي اڻاين تي به ڊاڪٽر مهر خادم جي نظر پئي آهي. ظاهر ڳالھ آھي شاعري ۾ فن ۽ فڪر هجڻ تمام ضروري آهي. جڏهن شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر ٺيڪ آهي ته اها شاعري رس چس واري رهندي ۽ عوام ۾ مقبول به رهندي. ڪتاب اوسيئڙي ۾ شام ۾ جن دوستن پنهنجي مختصر راءِ ڏني آهي انهن ۾ سجاد ميراڻي، خليل عارف سومرو، معشوق ڌاريجو، گوهر سنڌي، قمر کوسو، لطيف سيال، مهر ڊٻائي ۽ ياسين جوڻيجو شامل آهن. محبتن جي ڀيٽا ۾ جن جيئند مھر کي ياد ڪيو آهي انهن ۾ مهدي شاهه، ناشاد سمون، عبدالرحيم عزمي، غلام اڪبر مھر، رفيق انور جمالي، حاڪم گل، اداسي جکراڻي، غني غمدل، عين سحر، پريمي وقار، رحمت ڪنول آخوند، عبدالسلام انڙ، سميع ساجد جوڻيجو، مهر عبيد، ناز نصر اللہ ۽ اشرف علي مھر شامل آهن. اسان وارو يار جيئند مهر به زرعي علائقي جو رهاڪو آهي، زرعي سماج جي رهڻ ڪھڻي انسان کي گھڻي ڪجھ سيکاري ٿي، جيئند مھر جي پنهنجي علائقي جي هڪ شاندار تاريخ آهي، جنھن تي هتي لکي نٿو سگھجي. علاقائي رهڻي ڪهڻيء، تھذيب، ثقافت، ۽ زرعي معيشت جو اثر فرد تي ضرور پئي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن اهي منظر ۽ حادثا فرد کي جهنجهوڙڻندا آهن ۽ ڪڏهن وري روح سڪون به بخشيندا آهن، جنھن جيئند مهر وائي جي صورت ۾ انهن منظرن جي عڪاسي ڪئي آهي.
    اسان جي ڳوٺ ۾،
    سرنهن ڦولاري آ.
    مرڪ تنهنجي جي لئه آتي ڄڻ،
    نگر نگر چوءواٽن ۾،
    سرنهن ڦولاري آ.
    سرنهن کان پوءِ ساڳي سر زمين تي سون ڀرين سنگن جو جڏهن ڳاھ ٿو ڳائجي ته شاعر جي دل اڌمو کائي ڪجهه هن طرح پنهنجي پرين لاءِ تڙپي ٿي.
    کڻي پيرَ پيار جا،
    ڳلي مِل اچي ڳاھ تي!
    هِنَ ھُنَ کي ڪبو ڇا!؟
    ڇڏي خيال سنسار جا،
    ڳلي مِل اچي ڳاھ تي!
    جيئند مهر جي هن وائي جو ٿل تمام خوبصورت انداز سان دل کي ڇوهي ٿو.
    اکين جي اشاري،
    پيار ڇوليون ٿو هڻي.
    فن ۽ شاعري رياضت گهرن ٿا، جڏهن رياض آرٽسٽ جي دل ۽ دماغ ۾ پنهنجا نقش چٽي ٿو ته ان آرٽسٽ کي دنيا عظيم سمجھي ٿي ڇو جو ان جي مشاهدي مان هرڪو پاڻ پسي ٿو.
    سنڌي شاعريءَ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي راءِ آهي ته : عام ماڻهو ۽ پورهيت طبقي جي ٻولي ماحول، توڙي جذبن کي شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ واري نظريي جي خيال کان سنڌي شاعريءَ مغربي شاعريءَ کان گهڻو اڳتي آهي، لوڪ ادب جي دور کان پوءِ اسان جا سنڌي شاعر ئي آهن جن پنهنجي ملڪ جي مسڪين ماڻهن کي ان لائق سمجهيو جو هو شعر جو موضوع ٿي سگهن ۽ هنن جي نماڻيء ۽ ننڍڙي پر رنگين سادن سچن جذبن سان ڀريل دنيا شاعرن جي شعر ۾ سمائجي سگھي.
    آخر ۾ جيئند مهر لاءِ شاھ لطيف جو هي بيت ته :
    تو هٿڙا سون جا، ڪوھ نه ڪَتين رڏَ،
    ويھي ڪاپو ڪريين نه ڪنڊ ۾، کٽيون ڳالهيون ڇڏ،
    ته صرافاڻي سڏ مرڪيو هوند مٽائيين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو