1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

سنڌ ۾ تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪيئن اڪارجي؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    94
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڪامريڊ منان چانڊيو
    دنيا جا اهي ملڪ، انهن جون قومون ۽ ماڻھون سياسي، اخلاقي ۽ مالي حساب سان پاڻ ڀرا ۽ مٿڀرا هوندا آھن جتي تعليم جي شرح بهتر هوندي آھي، پوءِ اها تعليم سياسي، سائنسي طبي، ميڊيڪلي، هنري، يا اقتصادي هجي. بهرحال تعليم ملڪن، قومن، ۽ عوام جي ترقي ۽ تعمير جي ضامن هوندي آھي. بدقسمتي سان سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ڪيترن ئي سالن کان وٺي وچ سير ۾ لُڏي لمي رهيو آھي. سنڌ سرڪار پنهنجي پر ۾ تعليم کي بهتر ۽ عام ڪرڻ لاءِ ڪيترا ئي طور طريقا استعمال ڪيا، مثال طور تي: بايوميٽرڪ، يا تعليمي ايمرجنسي لاڳو ۽ متارف ڪرائي پر پوءِ به گهربل نتيجا حاصل ڪو نه ٿي سگهيا. جيتوڻيڪ ڪجھ وقت اڳ تائين سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير سردار علي شاھ جيڪو هڪ اديب، دانشور ۽ شاعر پڻ آھي ان صاحب موصوف به ڪيترا هيلا هلايا، پر هو به ان معامري ۾ خبر ناهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري مورڳو پنهنجي وزارت ئي وڃائي ويٺو. هاڻي وري سنڌ ۾ تعليم جي ڪرندڙ معيار کي بلند ڪرڻ خاطر يا بند پيل پرائمري اسڪولن کي کولڻ ۽ ھلائڻ لاءِ ساڍا چار هزار ماسترن جون بدليون هڪ اسڪول کان ٻين اسڪولن ڏانهن ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، يا پروپوزل ترتيب ڏنو ويو آھي. اسان جا استاد حضرات ۽ انهن جون نمائنده تنظيمون اهڙي عمل کي جبري بدليون چئي رد ڪري احتجاج جي تحريڪ هلائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي. سنڌ سرڪار جو فيصلو درست آھي يا ماسترن جا تحفظات صحيح آھن اها ڳالھ پنهنجي جڳھ تي اهميت رکي ٿي جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ انتهائي ضروري آھي. پر اها به حقيقت آھي ته سنڌ تعليم جي معامري ۾ ملڪ جي ٻين صوبن کان پوئتي ٿي وئي آھي. پرائمري کان هاءِ اسڪول سطح تائين اسڪولن ۾ ٻارڙن جو تعداد گهٽبو پيو وڃي، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ليول تائين به تعليم جي تباهي عالم آشڪار آھي. پڙھائي وارو ڪلچر به غير معياري ٿيندو پيو وڃي. سنڌ ميلنيم ڊولپمينٽ گولز جي حُصول ۾ گهڻو پوئتي رهجي وئي آھي. سنڌ حڪومت ڪنهن به قسم جي سنجيدگي ڏيکارڻ بجاءِ تعليم ۽ پڙھندڙ نوجوانن جي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ نوان ۽ انوکا تجربا ڪندي پئي رهي. سنڌ حڪومت تعليم واري مسئلي جي اهميت نٿي ڄاڻي، بلڪه کيس اها به سُڌ نه آھي ته جديد ٽيڪنلاجي ۽ گلوبلائيزيشن جي دور ۾ رڳو تعليم ۽ هنر ئي ٻه اھڙا هٿيار آھن جن سان قومون ترقي ڪري خوشحالي ماڻي سگهن ٿيون. تعليم جي اهميت تي جڳ مشھور سائنسدان آئنسٽائن جو چوڻ آھي ته
    ''پيارا شاگردو اها ڳالھ ذھن ۾ رکو ته جيڪي سُٺيون شيون اوهان پنهنجي اسڪول ۾ سکو ۽ پرايو ٿا اهي ڪيترن ئي نسلن جو پورهيو آھي دنيا جي هر ملڪ جي لامحدود محنت ڪوشش جو نتيجو آھن اهو سڀ ڪجھ توهان جي هٿن ۾ ھڪ ورثي طور سونپيو وڃي ٿو ته جيئن توهان ان کي وصول ڪريو، ان جو احترام ڪيو، ان جو واڌارو ڪيو ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪري سگهو. اهڙي ريت اسين فاني انسان انهن شين ۾ لافانيت ماڻيون ٿا. جيڪي گڏيل محنت جو نتيجو ٿين ٿيون. جيڪڏھن توهان پنهنجي ذھن ۾ اهي ڳالهيو رکي پڙھندا ته توهان کي زندگي ۽ ڪم ۾ معنيٰ ۽ مقصد ملندو، توهان ٻين قومن ۽ نسلن ڏانهن درست رويو ماڻيندا“ .
    خير اهي ته هئا عظيم شخصيت جا عظيم لفظ پر اسان جنهن قومي طبقاتي متڀيد واري سماج ۾ رهون ٿا ان ۾ عدل انصاف اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي. عوام کي جيڪي به ننڍا يا وڏا مسئلا درپيش آھن انهن کي حل ڪرڻ رياست ۽ ان جي ماتحت ادارن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري هوندي آھي. ڇاڪاڻ ته وفاقي يا صوبائي سرڪار جا جيڪي به کاتا آھن انهن جي جوڙ جڪ به انڪري ڪئي وئي آھي ته اهي بنا ڪنهن دير، لالچ لوڀ ۽ خوف خطري پنهنجو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ضرورتمند ماڻھن کي جائز، جلد ۽ سستو رليف فراهم ڪن. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته واسطيدار ڌُريون ۽ فرد پنهنجي فرضن ۽ ذميوارين کان ڄاڻي واڻي ۽ مجرماڻي غفلت واري منفي روش رکي عوام جا اهنج گهٽائڻ بدران وڌائي رهيا آھن. تنهنڪري مختلف سرڪاري، نيم سرڪاري ادارن ۽ عام ماڻھن جي گهڻائي جائز مسئلن جي مناسب ۽ اثرائتي حل لاءِ مختلف قسم جي احتجاجن جو سلسلو شروع ڪري مختلف شھرن جي چونڪن، روڊن خصوصن پريس ڪلبن تي پهچي وس وارن جي ذنگيل ضمير کي جنجهوڙي يا وري ستل ضمير کي جاڳائڻ لاءِ ٻاڪاريندا رهن ٿا. حقيقت ۾ جتي مصيبت جا ماريل ماڻھو درد جون دانهون ڪن ٿا اتي وري ڪيتريون ئي ڌريون ۽ فرد به پنهنجي ذاتي پسند ناپسند، ۽ مفادن جي حاصلات يا وري مورڳو ئي ڪنهن ٻئي ڌُر، اداري يا فرد کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪن ٿا ۽ ڪرائين ٿا. اها به حقيقت آھي ته روز روز ڪنهن عام مسئلي جي حل يا پنهنجي شخصي فائدن جي ساڀيان لاءِ ٿيندڙ احتجاجن ڪري ڄڻ ته هاڻي احتجاجن جي اهميت ختم ٿي وئي آھي، يا ختم ٿيڻ واري آھي. وڏو ويل اهو به آھي ته هروڀرو ٿيندڙ احتجاجن جي ڪري اصل مشڪلاتن جي منهن ۾ مبتلا ٿيندڙ ڌُرين ۽ فردن جي احتجاجن تي به ناڪاري اثر پون ٿا. احتجاجن جي ذريعي عوام جا مسئلا حل ٿين ٿا يا نه؟پر پوءِ به پرامن احتجاج هر هڪ ڌُر ۽ فرد جو جمهوري، قانوني ۽ انساني حق آھي ته اهي پنهنجو آواز مجاز اٿارٽيز تائين پهچائين. بهرحال اڄ ڪالھ اسان جي استاد برادري ۽ انهن جي تنظيم
    ''پ ٽ الف'' استادن جي جبري بدلين خلاف سراپا احتجاج بنيل آھي. ڪٿي پريسن جي اڳيان ڪلاڪن جا ڪلاڪ علامتي بک هڙتال ڪئي پئي وڃي. ڪٿي شھر جي چوراهن تي ڌرڻا هنيا پيا وڃن، ڪٿي معزز ماستر ۽ ماسترياڻيون پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آھن. اھڙا احتجاج جائز آھن يا ناجائز؟ اهڙن احتجاجن ذريعي استاد برادري پاڻ سان ٿيل سندن چوڻ موجب رياستي ڏاڍ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندي يا وري قانوني ۽ پنهنجي کاتي توڙي اخلاقي ذميواريون ادا ڪرڻ کان لنوائي رهيون آھن. اهو هڪ وڏو اهم بحث آھي جيڪو ٿيڻ به گهرجي ته جيئن اصل صورتحال کان عام ۽ خاص واقف ٿي سگهي. پر ان جهنجهٽ ۾ پوڻ ڄڻ ته ککر ۾ کڙو هڻڻ برابر آھي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته استاد برادري جي دل آزاري ٿئي، پر تنهن هوندي به ان پيچيده ۽ سنجيده معامري جي پنهنجي ذھني سطح موجب ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ ضروري ٿيو پئي. يا ائين کڻي چئجي ته هر هڪ ليکڪ کي پنهنجي راءِ ڏيڻ جو پورو پورو جمهوري ۽ انساني آذادي يا وري اظھار جي آذادي واري مڃيل اصول موجب حق آھي، پر اها راءِ ٻئي ڪنهن تي مڙھي نٿي سگهجي نه وري حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ ڪا دانائي ٿيندي.
    اسين پنهنجي راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ پڙھندڙن کي اهو ٻڌائيندا هلون ته تازو تازو سنڌ سرڪار 18 هزار گوسڙو ماسترن ڏانهن شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کين هدايت ۽ وارننگ ڏني آھي ته ايندڙ 14 ڏينهن اندر غير حاضر رهڻ جا مناسب سبب نه ڄاڻايا ويندا ته کين نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو. سنڌ سرڪار ۽ تعليم جي سيڪريٽري جو اهو به چوڻ آھي ته هن وقت سنڌ ۾ 8 هزار اسڪول بند پيل آھن انڪري اهڙن اسڪولن کي هلائڻ لاءِ ماسترن جون بدليون انتهائي ضروري آھن جن تي هر صورت ۾ عمل ڪرايو ويندو.
    خير پاڻ ڳالھ ڪري رهيا آھيون سنڌ اندر استادن جي جبري يا دستوري بدلين جي ته اها عام چوڻي هوندي آھي ته
    ''ڪنهن به سرڪاري ملازم جي بدلي سروس جو حصو يا ڏاج هوندي آھي'' .
    هونئن به ظاهر آھي ته ڪو به سرڪاري ملازم سروس جو پورو عرصو يا ڪيترا ئي سال هڪ جاءِ تي نٿو رهي سگهي، انڪري هڪ شھر کان ٻئي شھر ڏانهن، هڪ اسڪول، ڪاليج يا آفيس ڏانهن بدليون ۽ مقرريون هڪ نارمل طريقو هوندو آھي. ان تي عمل ڪرڻ هر هڪ سرڪاري سرونٽ جو فرض ۽ ذمو بنجي ٿو. جنهن تي پورو لهڻ نه صرف سٺو سنوڻ آھي پر قانون ۽ کاتي جو طئه ٿيل اصول پڻ آھي. ها ٻئي ڳالھ ته ڪنهن به سرڪاري ملازم جي بدلي، مقرري، معطلي يا برطرفي سياسي يا ذاتي پسند ناپسند توڙي ڏوڪڙن ۽ سفارش تي نه ٿيڻ گهرجي. بهرحال استادن جي بدلين تي سنڌ سرڪار تعليم کاتي جي اعليٰ آفيسرن، استاد برادري جي نمائنده تنظيمن وچ ۾ ھلندڙ ڇڪتاڻ ۽ اختلاف کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي راءِ موجب وزراعت تعليم ۽ اهم آفيسرن کي گهرجي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪُرڇ ۾ جيڪي هزارين بند پيل اسڪول آھن يا وري ماستر گهٽ ۽ شاگرد وڌ ھئڻ جي ڪري درست نموني نٿا هلي سگهن، انهن کي بنا دير هلائڻ لاءِ استاد برادري جي نمائندن توڙي سنڌ جي سُڄاڻ ڌرين ۽ فردن سان گڏجي ڪائونسلنگ ڪري اهڙو بهتر فيصلو ۽ عمل ڪن جنهن سان هڪ طرف بند پيل اسڪول هلي سگهن، ۽ ٻئي طرف هلندڙ اسڪولن جي تعليمي ڪار وهنوار ۾ به رنڊڪ نه پوي. ان لاءِ ٿيڻ ايئن گهرجي ته جن به اسڪولن ۾ ضرورت کان وڌيڪ استاد مقرر ٿيل آھن انهن کي اتان بدلي ڪري بند پيل اسڪولن ڏانهن موڪليو وڃي. استادن جي بدلين وقت اها ڪوشش ڪئي وڃي ته علائقي جي مناسبت سان استادن کي مقرر ڪيو وڃي. ۽ سڀ کان اهم ڳالھ اها آھي ته جيڪڏھن واقعي سرڪار سڳوري سنڌ جي تعليم کي بهتر بنائڻ گهري ٿي ته پوءِ استادن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ اهل نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي بطور ماستر کنيو وڃي يا برٿي ڪيا وڃن. ۽ انهن جي مقررين لاءِ هروڀرو غير ضروري ۽ وڏا شرط نه رکيا وڃن ته پوءِ يقينن سنڌ ۾ تعليم جي ٻُڏندڙ ٻيڙي کي وچ سير مان محفوظ ڪناري تي رسائي سگهجي ٿو.
    اسين آخر ۾ استاد برادري ۽ ان جي نمائندن کي گذارش ٿا ڪريون ته بدلين جي معمولي مامري کي وڏو اشو نه بڻائين پر پنهنجو پاڻ کي تعليم، سنڌي قوم خصوصن ٻارڙن کي ارپڻ لاءِ پيش ڪن ته جيئن سندن پيغمبري پيشي جي حقيقي عڪاسي ۽ بجاوري ٿي سگهي. هونئن به قانوني طور تي هو پنهنجي شھرن يا گهرن کان پري يا ويجهو نوڪري ڪرڻ جا پابند آهن ڇو ته هو عوام جي پگهر پورهئي جي ڪمائي مان حاصل ٿيندڙ ۽ سرڪار کي ملندڙ ٽيڪس واري رقم مان اڌ لک کان لک تائين ماهوار پگهارون حاصل ڪن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو