سنڌي ٻولي لاءِ رومن رسم الخط اپنائڻ لاءِ ڪوششون
(قسط پهرين)
مختيار احمد ملاح
ڪجهه ڏينهن کان سنڌي پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري فيميل) شڪارپور صفيه عباسيءَ رومن لپيءَ ۾ سرڪاري سرڪيولر مؤرخه 20-8-2019ع تي جاري ڪرڻ تي سنڌي ٻوليءَ جي رومن رسم الخط جي حمايت ۽ مخالفت ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب به پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪري رهيا آهن. اڄ اسان سنڌي ميڊيم اسڪولن جي ڳالهه ته ڪري رهيا آهيون ۽ سنڌي نصاب جي پهرين درجي کان يونيورسٽيءَ تائين نافذ ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪري رهيا آهيون، پر جديد ٽيڪنالاجي، جهڙوڪ، موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر انٽرنيٽ لاءِ اسان وٽ ٻوليءَ جي فروغ جي غربت آهي يا موجوده الف- ب ۾اصلاح جي ضرورت؟ ڪجهه سال اڳ، جڏهن اڃان انٽرنيٽ، گوگل سرچ يا موبائل فون جو استعمال، دنيا جي هن خطي ۾عام نه ٿيو هو، تڏهن ڪجهه عالمن ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي للڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون تجويزون ڏنيون هيون، جن تي اڄ سوڌو طنز ۽ تنقيد ٿيندي اچي پئي.
اهو هڪ پراڻو پر اهم موضوع آهي، جنهن جي منفي ۽ مثبت حوالن کان سنجيده بحث ڪرڻ ضروري آهي. ڇو جو اڄ ايڪويهين صديءَ ۾جڏهن ترقي يافته ٻولين جو سمورو علم و ادب ڪمپيوٽر ذريعي انٽرنيٽ تي منتقل ٿي رهيو آهي، تڏهن به اسان وٽ اهي ساڳيا سوال ڪر کنيو بيٺا آهن ته سنڌي آريائي زبان آهي يا غير آريائي؟ موهن جي دڙي وارا رهواسي سنڌي هئا يا نه؟ سندن ٻوليءَ سان اسان جو واسطو ٺاهجي يا نه وغيره. سنڌي ٻولي مختلف دورن کان مختلف لپين ۾لکجندي ٿي آئي. ڪئپٽن رچرڊ برٽن مطابق سنڌي زبان لکڻ لاءِ گھٽ ۾گھٽ 8 قسمن جون آئيويٽائون ٿينديون هيون مثال طور؛ (1) خدا آبادي يا واڻڪا اکر، (2) ٺٽئي، جنھن جا 2 قسم آھن. (الف) لوھاڻا ۽ (ب) ڀاٽيه آئيويٽا، (3) سرائي، جي اتر سنڌ ۾ ڪم آڻيندا آھن. (4) خوجن جا اکر، (5) ميمڻن جا اکر، (6) پنجابيءَ جو اچڪو نمونو، (7) پنجابيءَ جي لھندي صورت ۽ (8) گرمکي يا پنجابي. جڏهن ته ڪئپٽن جارج اسٽئڪ سنڌ ۾ مروج 17 لپين جو گڏيل چارٽ پنهنجي گرامر واري ڪتاب ۾ ڏنو آهي. سندس ٺاهيل چارٽن ۾ “رومن”، “ديوناگري”، “گرمکي”، “خداوادي”، “شڪارپوري”، “ساکرو”، “لوهاڻڪي”، “ڀاٽيا”، “لاڙائي”، “ونگائي”، “راجائي”، “حيدرآبادي”، “ٺٽائي”، “پنجابي”، “ميمڻڪو”، “سيوهاڻي” وغيره شامل آهن. انگريزن جي دور ۾ سرڪاري طور تي سنڌي ٻوليءَ جي صرف عربي سنڌي رسم الخط ڪو نه هلندي هئي، پر سرڪاري اسڪولن ۽ ادبي دنيا ۾ خداوادي، گجراتي ۽ گرمکيءَ جو به استعمال ٿيندو هو. ان کان علاوه غيرسرڪاري طور تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط جو به استعمال موجود هو.
1- سنڌي ٻوليءَ رومن رسم الخط جو سڀ کان پهرين 1848ع ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ذڪر ڪندي لکيو هو ته “رومن رسم الخط مون کي بلڪل سمجهه ۾ نه آئي، مون کي ته ڇا پر ڪنهن کي به مشڪل سان سمجهه ۾ ايندي آهي. ان ٻوليءَ جي سکڻ مان ڪوبه فائدو ڪو نه ٿيندو، ڇو جو ان ۾ تمام گھڻيون نشانيون ۽ بيهڪ جون نشانيون آهن. ان ذريعي مشرقي ٻولين کي لکڻ لاءِ تمام گهڻيون نيون نشانيون مقرر ڪرڻيون پونديون، ان ڪري مون نه ٿي چاهيو ته سنڌي الف-ب جي هڪ نئين مونجهاري ۾ ڦاسجي. رومن اکرن، نشانين ۽ آوازن جون ڪي خاص خوبيون نه آهن، جيڪي سنڌي ٻولي جي اکرن ۽ نشانين ۾ آهن.”
2- سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط جو ٻيو حوالو ليفٽيننٽ ڊبليو ڊي ڊڪسن جو ملي ٿو، جيڪو 1850ع ۾ شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو. هن1851ع ۾گليڊ ون جي انگريزي ڪتاب “پرشين منشي” (Persian Munshi) جو سنڌيءَ ۾ رومن ۽ خداوادي خطن ۾ ترجمو ڪيو هو.
3- جولاءِ 1853ع ۾ موجوده الفابيٽ جي نفاذ کان پوءِ به رسم الخط جو مسئلو جاري رهيو، تان جو ڪجهه سالن ۾ خدوادي، گرمکي ۽ گجراتي خطن جا سنڌي جي عام استعمال لاءِ نافذ ٿي ناڪام ٿيا. پر ان دوران رومن خط تي بحث ڪو نه آيو.
4- پر جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي 1939ع ڌاري جلاوطني ختم ڪري، روس، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جي ترقي ڏسي سنڌ ۾ آيو ته هن مختلف مضمونن ۽ تقريرن ۾ سائنسي علم جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن خط اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني. خط جو نمونو کڏي واري مدرسي ۾ موجود آهي.
5- انگريزن جي زماني ۾ اردو ڪافي اسڪولن ۾ رومن اسڪرپٽ ۾ پڙھائيندا ھئا. اڄ به اردوءَ جي ھڪ شاندار اردو ٽو رومن اسڪرپٽ اردو ڊڪشنري موجود آھي. هن ئي دور ۾ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ڏيهي اسڪرپٽ سان گڏ رومن رسم الخط به اپنايو.
6- آزاديءَ کانپوءِ خاص طور تي ايوب خان جي دور ۾ پاڪستاني ٻين ٻولين سان گڏ، سنڌيءَ به فارسي خط (نستعليق) لاءِ ڪوششون ٿيون، پر معاملو وڌي نه سگهيو.
7- 1970ع واري ڏهاڪي ۾ رومن خط جي معاملي کي هڪ دفعو ٻيهر ڇيڙيو ويو ۽ هڪ ٻه مضمون ماهوار رسالي ”سهڻي“ ۾ شايع ٿيا، هڪ 2 سراج صاحب “هلال پاڪستان” ۾ لکيا ۽ ڪي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪٻئي جي حمايت ۽ مخالفت ۾ شايع ٿيا.
8- رومن خط جي بحث ان وقت زور ورتو، جڏهن سنڌ جي افسانه نگار ۽ مزاح نگار حليم بروهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن خط بابت هڪ ڪتابڙو لکيو، حليم بروهي هڪ ڏور رس اديب هو، جنهن ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون جي انقلابي ترقيءَ کان گهڻو اڳ سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ رومن رسم الخط جي استعمال لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون، جنهن ۾ ڪجهه ڪچايون موجود هيون، پر سندس ڪوششون نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل هيون،
9- اهڙي طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا، فهميد حسين، بدر ابڙي ۽ ڪن ٻين عالمن به ان سلسلي ۾ پنهنجا رايا ڏنا آهن. هن وقت گوگل تي سرچ ڪرڻ سان رومن خط جي حمايت ۽ مخالفت ۾ چڱو خاصو مواد ملي سگهي ٿو.
اڄ انسان چنڊ کان به تمام اڳتي مريخ جي گولي تي قدم رکيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪرامتي ايجادن دنيا کي هڪ ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي، دنيا جون تهذيبون ۽ ثقافتون هڪٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن، فاصلا گهٽجي رهيا آهن، ٻوليون هڪ ٻئي جو اثر قبول ڪري رهيون آهن، نوان لفظ، سائنسي يا غيرسائنسي، هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي رهيا آهن. ثقافتي ورثن جي کوٽائيءَ مان نيون تهذيبون ظاهر ٿيون آهن. مصر جي مميز (Mummies)کان ويندي موهن جي دڙي جي مورتين تاريخ جي اڀياس کي نوان رخ ڏنا آهن، پر اسان وٽ جمود آهي. ان جمود کي ٽوڻڻ لاءِ، دنيا جي ڪرامتي ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ٿيڻ لاءِ اسان جي چاهڻ يا نه چاهڻ جي باوجود ڪجهه خاص مقصدن لاءِ رومن خط جو استعمال ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن غور ڪجي ته سنڌ ۾ رومن خط ان ڏينهن نافذ ٿي چڪو هو، جنهن ڏينهن سنڌ ۾ انگريزي زبان ۾ تعليم رائج ٿي هئي.
(هلندڙ)
روزانہ پنھنجي اخبار