1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

سنڌي ٻولي لاءِ رومن رسم الخط اپنائڻ لاءِ ڪوششون: مختيار احمد ملاح

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,759
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي


    [​IMG]

    سنڌي ٻولي لاءِ رومن رسم الخط اپنائڻ لاءِ ڪوششون

    (قسط پهرين)
    مختيار احمد ملاح

    ڪجهه ڏينهن کان سنڌي پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي تعلقي ايجوڪيشن آفيسر (پرائمري فيميل) شڪارپور صفيه عباسيءَ رومن لپيءَ ۾ سرڪاري سرڪيولر مؤرخه 20-8-2019ع تي جاري ڪرڻ تي سنڌي ٻوليءَ جي رومن رسم الخط جي حمايت ۽ مخالفت ۾ هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب به پنهنجو پنهنجو موقف پيش ڪري رهيا آهن. اڄ اسان سنڌي ميڊيم اسڪولن جي ڳالهه ته ڪري رهيا آهيون ۽ سنڌي نصاب جي پهرين درجي کان يونيورسٽيءَ تائين نافذ ڪرڻ جي ڳالهه ته ڪري رهيا آهيون، پر جديد ٽيڪنالاجي، جهڙوڪ، موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر انٽرنيٽ لاءِ اسان وٽ ٻوليءَ جي فروغ جي غربت آهي يا موجوده الف- ب ۾اصلاح جي ضرورت؟ ڪجهه سال اڳ، جڏهن اڃان انٽرنيٽ، گوگل سرچ يا موبائل فون جو استعمال، دنيا جي هن خطي ۾عام نه ٿيو هو، تڏهن ڪجهه عالمن ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجيءَ جي للڪار کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون تجويزون ڏنيون هيون، جن تي اڄ سوڌو طنز ۽ تنقيد ٿيندي اچي پئي.
    اهو هڪ پراڻو پر اهم موضوع آهي، جنهن جي منفي ۽ مثبت حوالن کان سنجيده بحث ڪرڻ ضروري آهي. ڇو جو اڄ ايڪويهين صديءَ ۾جڏهن ترقي يافته ٻولين جو سمورو علم و ادب ڪمپيوٽر ذريعي انٽرنيٽ تي منتقل ٿي رهيو آهي، تڏهن به اسان وٽ اهي ساڳيا سوال ڪر کنيو بيٺا آهن ته سنڌي آريائي زبان آهي يا غير آريائي؟ موهن جي دڙي وارا رهواسي سنڌي هئا يا نه؟ سندن ٻوليءَ سان اسان جو واسطو ٺاهجي يا نه وغيره. سنڌي ٻولي مختلف دورن کان مختلف لپين ۾لکجندي ٿي آئي. ڪئپٽن رچرڊ برٽن مطابق سنڌي زبان لکڻ لاءِ گھٽ ۾گھٽ 8 قسمن جون آئيويٽائون ٿينديون هيون مثال طور؛ (1) خدا آبادي يا واڻڪا اکر، (2) ٺٽئي، جنھن جا 2 قسم آھن. (الف) لوھاڻا ۽ (ب) ڀاٽيه آئيويٽا، (3) سرائي، جي اتر سنڌ ۾ ڪم آڻيندا آھن. (4) خوجن جا اکر، (5) ميمڻن جا اکر، (6) پنجابيءَ جو اچڪو نمونو، (7) پنجابيءَ جي لھندي صورت ۽ (8) گرمکي يا پنجابي. جڏهن ته ڪئپٽن جارج اسٽئڪ سنڌ ۾ مروج 17 لپين جو گڏيل چارٽ پنهنجي گرامر واري ڪتاب ۾ ڏنو آهي. سندس ٺاهيل چارٽن ۾ “رومن”، “ديوناگري”، “گرمکي”، “خداوادي”، “شڪارپوري”، “ساکرو”، “لوهاڻڪي”، “ڀاٽيا”، “لاڙائي”، “ونگائي”، “راجائي”، “حيدرآبادي”، “ٺٽائي”، “پنجابي”، “ميمڻڪو”، “سيوهاڻي” وغيره شامل آهن. انگريزن جي دور ۾ سرڪاري طور تي سنڌي ٻوليءَ جي صرف عربي سنڌي رسم الخط ڪو نه هلندي هئي، پر سرڪاري اسڪولن ۽ ادبي دنيا ۾ خداوادي، گجراتي ۽ گرمکيءَ جو به استعمال ٿيندو هو. ان کان علاوه غيرسرڪاري طور تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط جو به استعمال موجود هو.

    1- سنڌي ٻوليءَ رومن رسم الخط جو سڀ کان پهرين 1848ع ۾ ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ذڪر ڪندي لکيو هو ته “رومن رسم الخط مون کي بلڪل سمجهه ۾ نه آئي، مون کي ته ڇا پر ڪنهن کي به مشڪل سان سمجهه ۾ ايندي آهي. ان ٻوليءَ جي سکڻ مان ڪوبه فائدو ڪو نه ٿيندو، ڇو جو ان ۾ تمام گھڻيون نشانيون ۽ بيهڪ جون نشانيون آهن. ان ذريعي مشرقي ٻولين کي لکڻ لاءِ تمام گهڻيون نيون نشانيون مقرر ڪرڻيون پونديون، ان ڪري مون نه ٿي چاهيو ته سنڌي الف-ب جي هڪ نئين مونجهاري ۾ ڦاسجي. رومن اکرن، نشانين ۽ آوازن جون ڪي خاص خوبيون نه آهن، جيڪي سنڌي ٻولي جي اکرن ۽ نشانين ۾ آهن.”

    2- سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن رسم الخط جو ٻيو حوالو ليفٽيننٽ ڊبليو ڊي ڊڪسن جو ملي ٿو، جيڪو 1850ع ۾ شڪارپور ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي فائز هو. هن1851ع ۾گليڊ ون جي انگريزي ڪتاب “پرشين منشي” (Persian Munshi) جو سنڌيءَ ۾ رومن ۽ خداوادي خطن ۾ ترجمو ڪيو هو.

    3- جولاءِ 1853ع ۾ موجوده الفابيٽ جي نفاذ کان پوءِ به رسم الخط جو مسئلو جاري رهيو، تان جو ڪجهه سالن ۾ خدوادي، گرمکي ۽ گجراتي خطن جا سنڌي جي عام استعمال لاءِ نافذ ٿي ناڪام ٿيا. پر ان دوران رومن خط تي بحث ڪو نه آيو.

    4- پر جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي 1939ع ڌاري جلاوطني ختم ڪري، روس، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جي ترقي ڏسي سنڌ ۾ آيو ته هن مختلف مضمونن ۽ تقريرن ۾ سائنسي علم جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن خط اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏني. خط جو نمونو کڏي واري مدرسي ۾ موجود آهي.

    5- انگريزن جي زماني ۾ اردو ڪافي اسڪولن ۾ رومن اسڪرپٽ ۾ پڙھائيندا ھئا. اڄ به اردوءَ جي ھڪ شاندار اردو ٽو رومن اسڪرپٽ اردو ڊڪشنري موجود آھي. هن ئي دور ۾ ڪيترن ئي مسلمان ملڪن ڏيهي اسڪرپٽ سان گڏ رومن رسم الخط به اپنايو.

    6- آزاديءَ کانپوءِ خاص طور تي ايوب خان جي دور ۾ پاڪستاني ٻين ٻولين سان گڏ، سنڌيءَ به فارسي خط (نستعليق) لاءِ ڪوششون ٿيون، پر معاملو وڌي نه سگهيو.

    7- 1970ع واري ڏهاڪي ۾ رومن خط جي معاملي کي هڪ دفعو ٻيهر ڇيڙيو ويو ۽ هڪ ٻه مضمون ماهوار رسالي ”سهڻي“ ۾ شايع ٿيا، هڪ 2 سراج صاحب “هلال پاڪستان” ۾ لکيا ۽ ڪي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ هڪٻئي جي حمايت ۽ مخالفت ۾ شايع ٿيا.

    8- رومن خط جي بحث ان وقت زور ورتو، جڏهن سنڌ جي افسانه نگار ۽ مزاح نگار حليم بروهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ رومن خط بابت هڪ ڪتابڙو لکيو، حليم بروهي هڪ ڏور رس اديب هو، جنهن ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فون جي انقلابي ترقيءَ کان گهڻو اڳ سنڌي ٻوليءَ جي سلسلي ۾ رومن رسم الخط جي استعمال لاءِ ڪجهه تجويزون ڏنيون، جنهن ۾ ڪجهه ڪچايون موجود هيون، پر سندس ڪوششون نيڪ نيتيءَ تي ٻڌل هيون،

    9- اهڙي طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا، فهميد حسين، بدر ابڙي ۽ ڪن ٻين عالمن به ان سلسلي ۾ پنهنجا رايا ڏنا آهن. هن وقت گوگل تي سرچ ڪرڻ سان رومن خط جي حمايت ۽ مخالفت ۾ چڱو خاصو مواد ملي سگهي ٿو.

    اڄ انسان چنڊ کان به تمام اڳتي مريخ جي گولي تي قدم رکيا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ڪرامتي ايجادن دنيا کي هڪ ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي، دنيا جون تهذيبون ۽ ثقافتون هڪٻئي جي ويجهو اچي رهيون آهن، فاصلا گهٽجي رهيا آهن، ٻوليون هڪ ٻئي جو اثر قبول ڪري رهيون آهن، نوان لفظ، سائنسي يا غيرسائنسي، هڪ ٻئي ۾ ضم ٿي رهيا آهن. ثقافتي ورثن جي کوٽائيءَ مان نيون تهذيبون ظاهر ٿيون آهن. مصر جي مميز (Mummies)کان ويندي موهن جي دڙي جي مورتين تاريخ جي اڀياس کي نوان رخ ڏنا آهن، پر اسان وٽ جمود آهي. ان جمود کي ٽوڻڻ لاءِ، دنيا جي ڪرامتي ٽيڪنالاجيءَ سان هم آهنگ ٿيڻ لاءِ اسان جي چاهڻ يا نه چاهڻ جي باوجود ڪجهه خاص مقصدن لاءِ رومن خط جو استعمال ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن غور ڪجي ته سنڌ ۾ رومن خط ان ڏينهن نافذ ٿي چڪو هو، جنهن ڏينهن سنڌ ۾ انگريزي زبان ۾ تعليم رائج ٿي هئي.
    (هلندڙ)

    روزانہ پنھنجي اخبار
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,759
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رومن رسم الخط جي تاريخي افاديت
    (قسط ٻي)
    مختيار احمد ملاح

    ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن طوفاني دور ۾ رومن صورتخطي کانسواءِ هر صورتخطي کي خطرو آهي. ڀلي دنيا جا اهي ملڪ ترقي ڪري رهيا هجن، پر سندن لکت جي نظامن کي ڪيترائي چئلينج درپيش آهن. هن گلوبلازيشن جي دور ۾ ٻوليون هڪ ٻئي ضم ٿي رهيون آهن، لکت جا نظام يڪسان ٿي رهيا آهن. روز جي بنياد تي نيون ايجادون ٿي رهيون آهن ۽ انهن جا جيڪي نالا رکيا وڃن ٿا، انهن کي دنيا جيئن جو تيئن قبول ڪري رهي آهي ۽ سائنس ، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين علمن ۾ جنم وٺندڙ نوان لفظ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ رائج ٿي رهيا آهن. نه صرف ايترو به پر ڪمزور ۽ گهٽ استعمال ٿيندڙ ٻوليون هستيءَ تان ختم ٿي رهيون آهن. ۽ ٻيون ٻوليون تمام تيزيءَ سان هڪٻئي جي اثر هيٺ لفظ اڌارا وٺي پنهنجا ڪري رهيون آهن ۽ اهڙي قسم جا ٻيا به ڪيترائي چيلنجز زير بحث آڻي سگهجن ٿا.
    دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رومن رسم الخط کي اپنائڻ واري تحريڪ ويهين صديءَ ۾ يورپ جي سياسي غلبي سبب شروع ٿي هئي، ان وقت به مواد جي ڇپائي رومن اکرن ۾ ٽائيپ رائيٽر جي سهوليت ٻين ٻولين جي لکتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هئي ۽ ڇاپي جون ٽائيپ مشينون عام جام هيون، تنهن ڪري رومن اکرن ۾ ڇاپي جون سهوليتون ۽ آسانيون پيدا ٿي پيون. ان جي برعڪس ٻيون ٻولين جي صورتخطي هٿ سان لکجي، ليٿو ۾ ڇپبي هئي، جنهن ڪري ان ۾ آساني ڪا نه هئي. ويهين صديءَ ۾ اهو به مشهور هو ته رومن رسم الخط ۾ جادو آهي. ڇوجو ٿورن اکرن ۾ گهڻا آواز ڪڍي سگهجن ٿا ۽ هم آواز لفظن کي بنا ڪنهن مشڪل جي لکي سگهجي ٿو.
    ڪيترن ئي مسلم ملڪن ۾ عربي رسم الخط جو استعمال ڪونهي، انهن ملڪن ۾ اتان جا ڏيهي مختلف رسم الخط هلندڙ آهن. البته ڪن اسلامي ملڪن پنهنجي ڏيهي لکت جي نظام سان گڏوگڏ رومن خط به اختيار ڪيو آهي ته ڪن ڏيهي خطن کي ختم ڪري صرف رومن خط جو استعمال رکيو آهي. اهڙي طرح سرڪاري سطح تي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ هڪ ئي وقت مختلف رسم الخطن جو استعمال ٿيندو آهي، ۽ انهن جي لکت جي نظام ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو به اٽڪاءُ ڪونهي. چين جهڙي ملڪ جتي سندن ترقيءَ ۾ چيني ٻوليءَ جو وڏو ڪردار آهي، اتي هاڻي انگريزي ۽ فرانسيسي ٻولين مان ڪا به هڪ رکڻ لازمي قرار ڏني وئي آهي. 2016ع ۾ مونکي چين ڏسڻ جو موقعو مليو هو، جتي چيني ٻولي سان گڏ انگريزي ۾ ساڳيا بورڊ، اشتهار ۽ ٻيو مواد به عام ڪيو ويو آهي. سواھلي ۽ ويٽ نام ۾ به رومن خط هلندو آهي. مسلم دنيا جي اهم ملڪ ترڪيءَ ۾ ترڪش ٻوليءَ جي استعمال لاءِ سرڪاري سطح تي رومن کي اختيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ مذهبي ادب لکيو ويندو آهي. سندس اهو فارمولو انتهائي ڪاميابيءَ سان جاري آهي. ترڪن رومن رسم الخط حرفن جي اُچارڻ لاءِ نشانيون جوڙيون. ترڪيءَ ۾ رومن رسم الخط مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي اصلاحات واري پاليسيءَ جو حصو هو. اهڙي طرح مليشيا ۾ سرڪاري سطح تي رومن رسم الخط کي اپنايو ويو آهي. 2011ع ۾ جڏهن مون کي مليشيا ڏسڻ جو موقعو مليو ته هر جڳهه تي بورڊ، اشتهار، ٽيڪسي ، ايمبولينس مطلب ته هر هنڌ لکت رومن خط ۾ ٿيل هئي. هڪ دفعي جمعي جي نماز جياپترا جي جامع مسجد ۾ پڙهي. اتي هر هنڌ ٽي وي اسڪرين لڳل هئا. پيش امام صاحب جيئن ئي خطبو شروع ڪيو، اهو ٽي.وي اسڪرين تي رومن خط ۾ لکت جي صورت ۾ هلڻ لڳو.
    هتي اسان وٽ پاڪستان جي سڀني ٻولين جي لاءِ هڪ لکت واري نظام تي ڪيترائي دفعا بحث ٿيا آهن. خاص طور تي اردو کي رومن خط ۾ لکڻ جي سلسلي ۾ ڪافي بحث ٿيندا رهيا آهن. جنرل ايوب خان واري دور ۾، مصطفيٰ ڪمال اتا ترڪ جي اصلاحن وارين پاليسين کان متاثر ٿيندي پوري ملڪ لاءِ رومن رسم الخط جي استعمال جي سفارش ڪئي وئي هئي. اڄ به اردو لاءِ غير سرڪاري سطح تي ڪافي حد تائين رومن خط جو استعمال ٿئي ٿو.
    مان ذاتي طور تي علمي ۽ ادبي لکڻين لاءِ رومن رسم الخط جو حامي نه آهيان. پر دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي ايندڙ طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ سرڪاري ۽ معياري رومن رسم الخط جي هجڻ جو حامي ضرور آهيان، جنهن ۾ هر ماڻهو پنهنجي مرضيءَ مطابق معياري اکرن سان موبائيل، ڪمپيوٽر، ۽ ٻين هندن تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجو اظهار ڪري سگهي.
    اسان هن مضمون جي پهرين قسط ۾ سنڌ ۾ رومن رسم الخط جي مختصر تاريخ بيان ڪئي هئي، جيڪا انگريزن جي سنڌ ۾ اچڻ کان اڳ شروع ٿئي ٿي. آڳاٽن انگريز عملدارن سنڌي ٻوليءَ جون لغتون تيار ڪيون، جن ۾ هنن سنڌي لکت لاءَ رومن رسم الخط استعمال ڪئي. سنڌ ۾ رومن رسم الخط جي تاريخ پوڻا ٻه سو سال پراڻي آهي. سنڌي لفظن کي رومن خط ۾ لکڻ جو رواج انگريزن وڌو هو ۽ هنن سنڌي لفظن کي رومانائيز ڪيو. هينري ايڊمنسٽون بوئيلي - برطانوي حڪومت طرفان پوري هندستان ۾ ٽرگنا ميٽرڪ سروي مهم شروع ٿي، هن پنهنجي سير و سفر لاءِ جيڪا رپورٽ تيار ڪري انڊين گورنمينٽ کي پيش ڪئي، اها سندس هن ڪتاب ۾ شايع ٿي:
    Personal Narrative of a tour through the western states of Rajwar, in 1835
    هن ڪتاب ۾ سنڌي لفظن جي مختصر لسٽ ڏني آهي. ٽن صفحن تي مشتمل هيءَ مختصر ووڪيبلري ٽن ڪالمن ۾ رچيل آهي، جنهن ۾ پهرين ڪالم ۾ سنڌي لفظ ڏنل آهن ۽ ٻئي ڪالم ۾ انهن جي انگريزي ۾ معنيٰٰٰ ۽ آخري ڪالم ۾ هندستاني معنيٰٰٰ ڏني آهي. سنڌي لفظ رومن خط ۾ لکيل آهن.1843ع ۾ ٻن عملدارن ڪئپٽن ايسٽوِڪ ۽ ليفٽيننٽ ليچ سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا ننڍڙا ذخيرا رومن لِپيءَ ۾ انگريزي معنيٰ سان گڏ ڇپائي پڌرا ڪيا. اِنهن جي ڄاڻ اسان کي ”رايل ايشياٽڪ سوسائٽي آف بنگال، ڪلڪتا“ جي شايع ٿيندڙ جرنل جي پرچن مان ملي ٿي. ايل- وليم سيمور لينڊ روينيو ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي ۾ سپريٽينڊنٽ هو. هن A Grammar of Sindhi Language) ) انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيو. هي ڪتاب 1884ع ۾ ڪمشنر پريس ڪراچي مان شايع ٿيو. هن ۾ سنڌي لفظن لاءِ رومن خط استعمال ڪيل آهي. اهڙي طرح انگريزن جي دور ۾ سرڪاري عملدارن کي سنڌي ٻوليءَ جو امتحان پاس ڪرڻ لازمي هوندو هو ۽ کين سنڌي لکڻ لاءِ رومن سميت ڪنهن به رسم الخط ۾ لکڻ جي اجازت هوندي هئي.
    سنڌ ۾ 1846ع ۾ ڪراچي جي ڪليڪٽر ڪئپٽن پريڊي پنهنجي خرچ تي پنهنجي ڪچهري ڪمپائونڊ ۾ ڪراچي فري اسڪول قائم ڪيو. ان کان پوِءِ 1853ع ۾ ورنيڪيولر ۽ انيگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي شروعات ٿي. انگريزي زبان سميت مختلف ٻولين جا ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ٿيا ۽ سنڌي ادب جا ڪتاب انگريزي ۾ ترجمو ٿيڻ لڳا. انگريزن کي سنڌي ڪتاب پڙهڻ جي سهوليت لاءِ رومن خط ۾ لکي ڏنا ويندا هئا. اهڙي طرح خود سنڌي اديب پنهنجي ترجمن ۾ صفحن جا صفحا رومن ۾ لکندا هئا. پر انگريزي جي استعمال ۽ اثر هيٺ سنڌي ٻوليءَ جا بيشمار لفظ، ماڻهن جا نالا، شهرن جا نالا، شين جا نالا، جاين جا نالا ۽ ٻيو مواد انگريزيءَ ۾ رومانائيز ٿيڻ شروع ٿيا. مثال طور ’باغ علي‘ کي انگريزيءَ ۾ اسان ڪڏهن (Garden Ali) ڪو نه لکيو آهي بلڪه اصل نالي کي اسان رومائيز ڪري لکيو آهي .’ انب سولنگي‘ کي اسان (Mango Solangi) ڪو نه لکندا آهيون. اهڙي طرح سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ وقت نج سنڌي لفظن کي صورتختيءَ جي حساب سان لکيو ويندو آهي. هن وقت اهڙا سنڌيءَ جا بيشمار لفظ ٻين لفظن ۾ رومائيز ٿي چڪا آهن.
    جڏهن حليم بروهي ۽ ٻين ان رسم الخط جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ ان جي ڪيترن ئي حمايت ۽ مخالفت ڪئي هئي، ان جو مطلب اهو ڪو نه هيو ته موجوده عربي سنڌي رسم الخط ختم ڪري ڇڏجي ، بلڪه سنڌي ٻوليءَ کي ٽيڪنلاجي جي دنيا ۾ لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو متبادل رسم الخط به موجود هجي، جنهن سان اسان کي هڪ جي جاءِ تي ٻه رسم الخط ٿي پوندا ۽ ان مان ڪيترائي فائدا ٿيندا. ڇا انگريزن جي دور ۾ هڪ ئي وقت سرڪاري سطح تي سنڌي لاءِ ’عربي سنڌي‘، ’گرمکي‘، ’خداوادي‘ ۽ ’گجراتي‘ رسم الخط ڪو نه هئا، ڀلا انهن سڀني جي هجڻ سان سنڌي ٻوليءَ کي ڪو ئي نقصان پهتو هو؟
    ايندڙ وقت ۾ اسان چاهيون يا نه چاهيون، رومن خط ڪنهن نه منهن پڌ تي سنڌي لاءِ استعمال ٿيندو رهندو، ڇو جو اسان اهڙي انقلابي ترقيءَ کي روڪي نه ٿا سگهون. اڄ به جيڪڏهن اسان پنهجا موبائيل فون کولينداسين ته يا ته غير سنڌيءَ ۾ ميسج ملندا يا وري سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ ڪيترائي ميسج رومن اکرن سان لکيل ملندا، جيڪو هاڻي هڪ فطري ردعمل ٿي پيو آهي.

    (هلندڙ)
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,759
    ورتل پسنديدگيون:
    27,182
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    رومن رسم الخط جي باري ۾ سنڌي عالمن جا خدشا
    (قسط ٽين)
    مختيار احمد ملاح

    اسان اڳ ذڪر ڪري چڪا آهيون ته سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ مختلف وقتن ۾ مختلف لکت جا نظام رائج رهيا آهن. پر اٽڪل 40 يا 50 سالن کان مختلف حلقن، سنڌ توڙي هند جي ڪن سنڌي عالمن به سنڌي لکت لاءِ رومن Roman)) رسم الخط اختيار ڪرڻ جي حمايت پئي ڪئي آهي. انهن جو خيال آهي ته نئين ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي ٻوليءَ کي اڳتي وڌائڻ لاءِ رومن خط ضروري آهي ۽ ان سان سنڌي بين الاقوامي سطح جي ٻولي ٿي ويندي ۽ ان ذريعي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ٿيندو. جڏهن ته ڪيترائي نالي وارا عالم رومن خط جي خلاف آهن، ڇو ته سندن نظر ۾ سنڌي علم، ادب جو وڏو حصو ان خط ۾ لکيل ۽ محفوظ آهي. هتي صرف بحث خاطر ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا، جن مطابق رومن خط کي اپنائڻ سان سنڌي ٻوليءَ کي نقصان ٿي سگهن ٿا:

    1- حرفن جي گهڻائي جي ڪري انگريزيءَ ۾ سمورا آواز نٿا اچاري سگهجن:
    سنڌي الف-ب جي سڀني ٻولين جي الفابيٽ کان مختلف، ڊگهي آهي. سنڌيءَ ۾ ڪل اکر 52 آهن ۽ رومن انگريزي الفابيٽ ۾ آهن ئي 26 اکر ۽ 26 اکرن جي کوٽ آهي، ان ڪري باقي اکرن جو نعم البدل ڏاڍو مشڪل آهي ۽ جيڪڏهن وڏي جاکوڙ کانپوءِ ڪو ملندو به ته اهو بدليل ۽ بيڪار صورت ۽ شڪل ۾ ، جنهن جا مثال هيٺ ڏجن ٿا. هي آهن اسان جي ٻوليءَ جا ڪل 52 اکر؛
    ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ڦ ج ڄ جھ ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ق ڪ ک گ ڳ گھ ڱ ل م ن ڻ و ھ ء ي
    ان جي بجاءِ رومن رسم الخط جي اکرن جو به جائزو وٺجي ته اهي هن ريت آهن.
    A B C D E F G H I J K L M N O P Q R S T U V W X Y Z

    2- اختصار واري لکائي
    انگريزي رسم الخط ۾ حرف علت موجود آهن جن کان سواءِ ڪو به لفظ ٺهي نٿو سگهي، پر موجوده سنڌي رسم الخط ۾علت جا اکر نه آهن، حرڪات آهن، جنهن ڪري اکر ڊگهو نٿو ٿئي، پر ٻين لکتن ۾ اهي ڊگها ۽ گهڻي جاءِ والاريندڙ ٿيندا آهن. مثال طور انگريزي ۾ حرف علت آهن (AEIOU) موجوده سنڌيءَ ۾اگر لفظ ”ٻاڦ“ لکبو ته ٽي اکر لکبا، پر حرف علت ڪري اهو لفظ انگريزي لکت ۾ٿيندو “Baapha” يعني ڇهن اکرن سان لکبو ان ڪري اهي اکر 3 ڀيرا وڌيڪ جاءِ والاريندا، جنهن ڪري لکائي وڌندي. 3 ڀيرا وڌيڪ مس ۽ توانائي صرف ٿيندي، جڏهن ته سنڌيءَ جي موجوده عربي رسم الخط نهايت مختصر آهي. ٻيو ته اردو ۽ انگريزيءَ ۾ هي اکر مرڪب لکيا وڃن ٿا: ڀ (بهه ؛Bh )، ٿ ؛ تهه Th، چ Ch، ڇ Chh، ڌ Dh، ڦ (پهه Ph)، ک (کهه Kh )

    3- سنڌي آوازن جا نعم البدل:
    سنڌيءَ جي داخلي ڌماڪيدار آوازن جهڙو ڪ ”ٻ“، ”ڏ“، ”ڄ“، ”ڳ“ ۽ زبان موڙ آوازن جهڙوڪ ”ٽ“، ”ڊ“ ، ”ڙ“ ،”ڻ“ جي لاءِ انگريزي خط ۾ ڪابه متبادل نشاني نه آهي، جيئن جيڪڏهن Th کي ملائجي ته 3 اچار ملندا. هڪ ”ٿ“ جو، ٻيو ”ث“ جو ۽ ٽيون ”ٺ“ جو. انهيءَ کانسواءِ ٻين به ڪيترن اکرن جا ڪي مخصوص نعم البدل نٿا ملن، جيئن ته ض، ز، ذ، ظ جي لاءِ رومن S ۽ Z بئي استعمال ڪري سگهجن ٿا، ۽ فقطS به اسان کي ٽن اکرن لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو. جهڙوڪ ص، س ۽ ث ۽ ڦ لاءِ ٻن اکرن ملائڻ سان به صحيح اکر نه ٺهندو. جيڪڏهن Ph کي ملائجي ته به ”ف“ جو اچار ٿيندو، جيڪو ساڳئي وقت F ۾ اڳي ئي موجود آهي. ساڳي ريت Dh کي ملائڻ سان ”ڌ“ جو اچار ٿيندو، ۽ Jh کي ملائڻ سان ”جهه“ جو اچار ٿيندو ۽ جيڪڏهن “چ“ ۽ ”ڃ“ لاءِ ساڳين اکرن کي استعمال ڪجي ته به صحيح اچار نه ملندو. انهيءَ نموني سان وري Ch کي ملائڻ سان گهٽ ۾ گهٽ ٽي اچار ٿا ملن. هڪ ”ڇ“ ٻيو ”چ“ ۽ ٽيون ”ش“ ۽ ساڳئي وقت Sh کي ملائي به ش جو اچار حاصل ڪري سگهجي ٿو. وري انهيءَ ريت Gh کي ملائڻ سان ”ڳ“، ”گهه“ ۽ ”غ“ جا اچار ملندا ۽ ”ڱ“ جو اچار وري به حاصل نه ڪري سگهبو ۽ وري ”خ“ جو اچار حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي Kh جو سهارو وٺڻو پوندو. پر ٻن ٻن اکرن ملائڻ سان ڪيترن اکرن جا نعم البدل نٿا ملن. جيئن ”ء“ ۽ ”ڻ“، ڪي اها صلاح ڏيندا آهن ته ”ء“ لاءِ I ۽ ”ڻ“لاءِ N کي استعمال ڪجي. پر هنن مان به مقصد جو پورائو صحيح ريت نٿو ٿئي.

    4- ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ۽ ٽائيپنگ
    بنيادي رومن انگلش اسڪرپٽ جي اکرن ۾ اضافو ڪري آواز ته ممڪن ٿي پوندا، پر پوءِ به نوان مسئلا سامهون ايندا، ته هڪ ئي آواز جي هڪجهڙن لفظن کي الڳ مفهوم ڏيڻ لاءِ ڪيئن ڌار ڪجي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مفهوم تبديل ٿيڻ لاءِ وڏي حساسيت موجود آهي، ايتري قدر جو زير، زبر ۽ پيش جي فرق اچڻ سان مفهوم تبديل ٿي وڃي ٿو، مثال طور، ٻن اکرن جو هڪ لفظ آهي، نشانين جي فرق سان ۽ رومن ۾ائين لکبو لفظ؛ سِ+رَ+سِرَ = SIRA ، سِ + رُ = سِر ُ SIRU، سَ + رَ = سَرَ SARA= ، سُ +رُ = سُرُ SURU= ، س َ+رِ = سَرِ SARI ، سَ +رُ = سَرِ SARU ، هيءَ سنڌي ٻوليءَ جو ٻن اکرن وارو هڪ لفظ صرف مددگار نشانين زير ، زبر ۽ پيش جي تبديل ٿيڻ سان ڇهه لفظ ٺهي ويا ۽ اڃا اسان ”ء“ جو استعمال ڪيون ته ٻيا لفظ به ٺهي ويندا ۽ انهن جون معنائون ۽ مفهوم.

    5- وينجن جو سرشتو :
    انجنيئر احمد عرساڻي مطابق ”ڪارج سنڌي رومن لپي جوڙڻ مشڪل نه پر ناممڪن آهي، اهو آئون سنڌي ٻوليءَ جون لسانياتي خاصيتون بيان ڪري ثابت ڪندس. هيٺ ڏنل خاڪو سنڌي ٻوليءَ جو وينجن سرشتو ڏيکاري ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو پنج رخو وينجن سرشتو Five Dimensional Consonant System آهي. رومن خط جيڪو اسان وٽ انگريزي ٻوليءَ جي ڪري مقبول آهي. ڇويهه نشانيون، ٽيهٺ وايومن Phonemes واري سنڌي ٻوليءَ لاءِ انتهائي ناڪافي آهن. رومن خط انگريزي ٻوليءَ جون آواز واريون ضرورتون ئي پوريون نٿو ڪري. جنهن جو وينجن سرشتو ٽه رخو آهي. رومن خط ۾ انگريزي ٻوليءَ جي (ڪامبينيشن) سان ظاهر ڪيو ويندو آهي. مثال طور ”ش“ جي آواز کي ظاهر ڪرڻ جو هڪ عام طريقو Sh آهي. اهي سڀ طريقا وايو ڪيات جي اصولن کان هٽيل آهن. رومن خط نشانين جي لحاظ کان ايترو شاهوڪار نه آهي جو ان ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو پنج رخو وينجن سرشتو لاڳو ڪري سگهجي. ان لاءِ ضروري ٿي پوندو ته اسين رومن خط ۾ سنڌي آوازن لاءِ الڳ نشانيون متعارف ڪرايون. جيئن عربي خط اختيار ڪرڻ وقت ڪيو ويو. جيڪڏهن رومن سنڌي لپيءَ لاءِ نيون صورتون متعارف ڪرائڻيون پيون ۽ اکرن جو تعداد ڇويهن کان وڌايو ويو ته رومن خط اختيار ڪرڻ بي فائدي ثابت ٿي پوندو يا نه؟ اهڙين نين صورتن کان نه انگريزي ڄاڻندڙ سنڌي ماڻهو واقف هوندا ۽ نه ئي اهي صورتون ڪمپيوٽر جي انگريزي ڪي بورڊ ۾ سمائبيون.
    (هاڻوڪي سنڌي الف-ب يا رومن سنڌي، انجنيئر احمد عرساڻي (ماهوار ڪينجهر فيبروري2001ع)

    6- ڏيساور رهندڙ سنڌين جو مسئلو:
    هڪڙو اندازو ڪيو ويندو آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن جي ٻارن کي سنڌي ڪيئن پڙهائجي يا وري شهرن ۾ اردو ۽ انگريزي ميڊيم پڙهندڙ ٻارن کي عربي سنڌي الف-ب ڪيئن پڙهائجي يا سيکارجي. ان لاءِ رومن سنڌيءَ جي حمايت ڪئي ويندي آهي. اڪثر والدين پنهنجن ٻارن کي قرآني تعليم ضرور ڏياري آهي. قرآن پاڪ پڙهي ڄاڻڻ مطلب عربي رسم الخط کان پوري طرح واقف هئڻ. اهڙي طرح اردو ۽ انگريزي ميڊيم پڙهندڙ ٻارن جا والدين جيڪڏهن چاهين ته پنهنجي اولاد کي سنڌي گهر ۾ به پڙهائي سگهن ٿا.

    7- سنڌي لوڪ ادب جو مستقبل:
    مٿين سڀني ڳالهين کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا به ڪيتريون ئي ٻيون ادبي صنفون موجود آهن، جن کي هڪ جدا ۽ پنهنجي مخصوص افاديت موجود آهي، جن جو بيان ڪنهن ٻي رسم الخط ۾ ڪرڻ يا ڪنهن ٻي بدليل صورت ۾ پيش ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي. جيئن ته سنڌي ادب ۾ ڪيتريون ئي ڳجهارتون، پروليون، ڏٺون ۽ سينگار بيت ۽ وکر وغيره موجود آهن، جن کي پنهنجي جداگانه ٻولي ۽ اچار آهن، ٻيا به ڪيترا محاورا ۽ اصطلاح آهن جيڪي پڻ سنڌيءَ تائين محدود آهن. جن جو ذڪر ٻي ڪنهن به طريقي سان نامناسب ۽ ناممڪن آهي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو به ڪيترو ئي موجوده سنڌي ادب سنڌ ۾ پاڪستان ۽ هندستان توڙي دنيا جي ڪيترن ئي ٻين حصن ۾ موجود آهي. ڇا اهو مٽائي وري رومن رسم الخط ۾ مهيا ڪري سگهنداسين؟ (غلام محمد ڏيپر: ”سنڌي ٻولي ۽ رومن اسڪرپٽ“ماهوار سهڻي، مئي 1973ع)

    مان ڪو ماهر لسانيات نه آهيان، ان ڪري ٽيڪنيڪل ڳالهين جا تز جواب ڏيڻ کان قاصر آهيان، صرف ڪنهن مثبت بحث تي پهچڻ لاءِ ڪجهه مثال ڏنا اٿم. ايندڙ قسط ۾ صرف ٽيڪنالاجيڪل استعمال جي حد تائين رومن خط جا ڪجهه فائدا ڳولينداسين.
    (هلندڙ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو