قرآن ۽ سائنسي راز؛ برسات،ڪڪر ۽ ڳڙا.

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    687
    ورتل پسنديدگيون:
    635
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    پاڻيء جا بخار نهايت ئي بلنديء تي پهچي آلاڻ جي ذرن جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا جن کي ڪڪر چيو ويندو آهي.ڪڪرن جو ڪو رنگ ناهي ٿيندو،اهي صاف ۽ شفاف ٿيندا آهن.سج جي روشني انهن کي وڌيڪ سفيد ۽ چمڪندڙ بنائي ٿي ۽ جڏهن اهي آسمان تي تري رهيا هوندا آهن ته انهن مان مختلف تصويرون ۽ شڪليون جڙيل معلوم ٿينديون آهن.ڪڏهن ڪڏهن ننڍن ننڍن ڪڪرن جا ڪيترائي تهه هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندا آهن ته سج جا ڪرڻن کي زمين تائين پهچڻ ۾ رنڊڪ پوي ٿي ۽ اهڙي ڏينهن کي ”جھڙالو ڏينهن “ چئبو آهي. اهڙو اتفاق به ٿيندو آهي جو ڪڪر آسمان تي نهايت ئي گھڻي بلنديء تي هليا ويندا آهن جتي گھڻي سردي هوندي آهي،اتي اهي آبي بخار ڄمي ويندا آهن تڏهن اهي ذرڙا هوا ۾ هيٺائين طرف لاڳيتو ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا جنهن کي ”برفباري“ يا ”ڳڙا پوڻ“ چئبو آهي.پاڻيء جا اهي ئي ننڍڙا ذرڙا جڏهن آسمان جي بلندين کي ڇهڻ لڳن ته ڪڪر سڏائين ٿا پر جيڪر اهي زمين جي سطح تائين پهچي وڃن ته انهن کي ”ڌنڌ“ چئبو آهي.مطلب ته جڏهن اسان ڌنڌ ۾ هلي رهيا آهيون ته ڄڻ ته ڪڪرن جي اندر گھمي رهيا آهيون.آبهوا ئي موسم ۾ تبديليون آڻي ٿي ۽ سردي يا گرميء جي فرق کي واضح ڪري ٿي.جڏهن ڪڪر هٽي ويندا آهن ته آبهوا موسم جي گرميء جي درجي ۾ معمولي واڌارو ڪري ڇڏي ٿي،پاڻيء جا بخار جيڪي هوا ۾ تري رهيا هوندا آهن توڙي جو اهي ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن،جيئن ئي هوا ٿڌي ٿئي ٿي آبي بخار پاڻيء جي وڏن وڏن ڦڙن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ جڏهن اهي گھڻو ڳرا ٿي پون ٿا ته هوا ۾ ٽنگجي زمين طرف اچڻ شروع ڪري ڏين ٿا.پاڻيء جي لکن ڪروڙن ڦڙن جي زمين طرف اچڻ جي ان عمل کي ”برسات“ چئبو آهي.ڪجهه شيون اهڙيون به آهن جيڪي آسمان ۾ بنجڻ وقت ڪنهن ٻي شڪل ۾ هونديون آهن پر زمين تائين پهچندي پهچندي انهن جي شڪل ۽ صورت بدلجي ويندي آهي انهن ۾ ”ڳڙا“ به شامل آهن.ڪڏهن ڪڏهن اهڙا ڳڙا به ڏٺا ويا جيڪي بيس بال جيترا وڏا هئا.جيڪر انهن ڳڙن کي وچان ڪپي ڏٺو وڃي ته انهن ۾ ڪيترا ئي تهه هڪٻئي مٿان چڙهيل نظر ايندا جنهن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هڪ ڳڙي کي زمين تائين پهچڻ کان پهرين ڪيئي ڀيرا فضا جي بلندين ۾ هيٺ مٿي ٿيڻو پوي ٿو تڏهن اهي وڃي زمين تي ڪرن ٿا ۽ اهو سڀ ڪجهه هوا جي سبب ٿئي ٿو.

    موسمي ريڊار جي ايجاد بعد ئي اهو معلوم ڪرڻ ممڪن بڻيو ته اهي ڪهڙا مرحلا آهن جن مان گذري برسات اها شڪل اختيار ڪري ٿي.ان کوجنا مطابق برسات ٽن مرحلن مان گذري ان شڪل ۾ اچي ٿي.پهريون مرحلوهوا جي جوڙجڪ جو آهي،ٻيو مرحلو ڪڪرن جي ٺهڻ ۽ ٽيون مرحلو پاڻيء جي ڦڙن جي ڪرڻ جو آهي.قرآن ۾ جيڪي ڪجهه برسات جي جوڙجڪ جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ان کوجنا ان جي تصديق ڪئي آهي.جڏهن هوائون ڪڪرن جي ننڍن ننڍن ٽڪرن کي ڌڪي پاڻ ۾ گڏين ٿيون ته اهي وڏن وڏن ڪڪرن جي جبلن ۾ بدلجي وڃن ٿا ۽ پوء انهن جي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ سان آسماني بجلي پيدا ٿئي ٿي ۽ نيٺ مينهن وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.انهيء حقيقت طرف هيٺين آيتن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي؛

    ”ڇا اوهين نٿا ڏسو ته الله ڪڪرن کي آهستي آهستي هلائي ٿو پوء ڪڪرن کي پاڻ ۾ ملائي ٿو پوء انهن کي تهن مٿان تهن ۾ بدلائي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته انهن جي وچان مينهن جا ڦڙا ڳڙن ٿا ۽ هو آسمانن مان انهن جبلن ذريعي جيڪي انهيء ۾ بلنديء تي آهن انهن مان ڳڙا وسائي ٿو.پوء جنهن کي گھري انهن مان نقصان پهچائي ٿو ۽ جنهن کي چاهي انهن کان بچائي ٿو.ان جي بجليء جي روشني اکين کي خيرو ڪريو ڇڏي.“ (سوره نور)

    هڪ ٻئي هنڌ الله ربالعزت جو ارشاد آهي ته؛

    ”الله اهو آهي جيڪو هوائون موڪلي ٿوجيڪي ڪڪرن کي کڻي اچن ٿيون پوء جيئن گھري ٿو انهن ڪڪرن کي آسمان ۾ پکيڙي ڇڏي ٿو پوء انهن کي ٽڪڙيون بنائي ڇڏي ٿو پوء تون ڏسين ٿو ته برسات جا ڦڙا ان مان نڪرندا اچن ٿا.پوء الله پنهنجن بندن مان جن تي چاهي برسات وسائي ٿوته اهي خوش ٿي وڃن ٿا.“

    انهن آيتن مان معلوم ٿيو ته هوائون الله جي حڪم سان ڪڪرن کي فضا ۾ پکيڙين ٿيون ۽ جتي الله جو حڪم ٿئي ٿو انهن علائقن ۾ پاڻي وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو.گمندڙ اهي ڪڪر جڏهن ڪنهن نهايت ئي ٿڌي فضائي علائقي ۾ پهچن ٿا جيڪو آبي بخارن کي واپس پاڻيء ۾ بدلائي سگھي ته اتي به ڪڪرن جو سمورو پاڻي هڪ ئي ڌڪ سان زمين تي نٿو ڪري بلڪه ڦڙو ڦڙو ٿي وسي ٿو.ان پاڻيء کي ڪثير مقدار ۾ ان انداز سان نازل ڪرڻ جو اهو خلق خدا وڻن ۽ زمين لاء نقصانڪار ثابت ٿيڻ بدران فائديمند ثابت ٿئي،اهو نيٺ ڪهڙن بيجان طبعي قانونن جو نتيجو آهي؟پڪ سان ان ۾ الله جون وڏيون حڪمتون آهن.ان کان سواء اسان جو مشاهدو آهي ته هر سال هڪجهڙي برسات نٿي پوي.ڪنهن سال نهايت گھڻي برسات ٿئي ته ته ڪنهن سال بلڪل ئي برسات نٿي پوي پوء انهن طبعي قائدن ۾ اها واڌي گھاٽي ڇو ٿي ٿئي؟آخر انهن ڳالهين مان اهو نتيجو ڇو نه ڪڍجي ته ڪا اهڙي زبردست ۽ مٿانهين هستي به موجود آهي جيڪا انهن بيجان قائدن جي نتيجن ۾ تبديليء جو پورو اختيار رکي ٿي.

    علم موسميات جي ماهرن معلوم ڪيو آهي ته ڪڪرن جا اهي ٽڪرا جيڪي ڳڙا وسائين ٿا اهي 7.6 کان 9 ڪلوميٽر مٿانهان ٿين ٿا،ڪڪرن ۾ گوڙ ۽ وڄ جو پيدا ٿيڻ اصل ۾ بجليء جو پيدا ٿيڻ آهي.ڪڪر جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ گاٺ پيدا ٿئي ٿي ۽ گاٺ سبب آواز ۽ بجلي ٺهن ٿا.ڪڪرن ۾ جيڪر آلاڻ يا پاڻيء جا ڦڙا موجود نه هجن ته ڪڏهن به بجلي پيدا نه ٿئي.ڪڪرن ۾ پاڻيء جا ڦڙا گھمندي جڏهن هڪٻئي سان ٽڪرائين ٿا ته انهن ۾ برقي ڪرنٽ پيدا ٿئي ٿو.چارج ٿيل هڪڙو ڪڪر جيڪر ٻئي چارج ٿيل ڪڪر سان ٽڪرائجي ٿو ته آواز سان گڏ بجلي پيدا ٿئي ٿي جيڪا ٽپا ڏيندي زمين تائين پهچي ويندي آهي.جڏهن اها زمين تي ڪري ٿي ته ڌماڪي سان گڏ هڪ وڏو ڀنڀٽ پيدا ڪري ٿي.چمڪ پيدا ٿيڻ سان هوا گرم ٿي پکڙجي ٿي.ان لهر سان پيدا ٿيندڙ گرجدا آواز اسان کي ڪجهه سيڪنڊن بعد ٻڌڻ ۾ ايندو آهي جيئن ته روشنيء جي رفتار آواز جي رفتار کان تيز آهي ان ڪري ڪڪرن جي پاڻ ۾ تڪرائڻ وقت پهريائين روشني ۽ بعد ۾ آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.

    برسات وسائيندڙ ڪڪرن جي لاء گھٽ ۾ گھٽ بلندي 1200 ڪلوميٽر هوندي آهي.ڪجهه اهڙا ڪڪر به آهن جيڪي 10000 ميٽرن جي بلنديء تان پاڻي وسائين ٿا.انهيء کان سواء قرآن ڪريم اسان جو ڌيان برسات جي مٺي پاڻي طرف به ڇڪائي ٿو؛

    (اَفَرَئَ یْتُمُ الْمَآءَ الَّذِیْ تَشْرَبُوْنَ ۔ ئَ اَنْتُمْ اَنْزَلْتُمُوْہُ مِنَ الْمُزْنِ اَمْ نَحْنُ الْمُنْزِلُوْنَ ۔ لَوْنَشَآءُ جَعَلْنٰہُ اُجَاجًا فَلَوْ لَا تَشْکُرُوْنَ)

    ” ڪڏهن اوهان اکيون کولي ڏٺو آهي ته هي پاڻي جيڪو اوهان پيئو ٿا ان کي اوهان ڪڪرن مان وسايو آهي يا اسان ان جا وسائيندڙ آهيون؟اسان چاهيون ته ان کي سخت کارو بنائي ڇڏيون پوء اوهين شڪرگزار ڇو نٿا بڻجو؟“(سوره واقعه آيت 68 کان 70)

    زمين کي پاڻي مهيا ڪرڻ سواء جيڪا جاندارن جي هڪ اهڙي ضرورت آهي جنهن سواء زندگي جو تصور ڪري نٿو سگھجي،برسات جو هڪ هڪ ڦڙو هڪ ٻيو اثر ”زرخيزي“ پيدا ڪري ٿو.برسات جا اهي ڦڙا جيڪي سمنڊن مان بخارن جي شڪل ۾ اٿن ٿا انهن ۾ گھڻو اهڙو مواد هوندو آهي جيڪو مئل زمين کي زنده ڪري ٿو.

    ڪڪرن جا قسم؛ ڪڪرن جا هيٺ ڏنل چار قسم بيان ڪيا ويا آهن.

    1.ڪمولس(Cumulus)؛ اهي اڇي رنگ جا ڪڪر آهن جيڪي آسمان تي ٿلهن تهن جي ڍيرن ۾ نظر ايندا آهن.جڏهن اهي آسمان تي ڇاننئيل هوندا آهن ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ته انهيء تي ڪپهه جي جبلن نهايت ئي سهڻو سلسلو موجود هجي.ان قسم جا ڪڪر عام طور تي گرميء جي مند ۾ ٻنپهرن کان پوء ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ عام طور تي 4000 کان 5000 فٽن جي بلنديء تي هوندا آهن.جڏهن اهي پاڻيء سان ڀرجن ٿا ته گرجڻ ۽ وسڻ وارا بڻجي وڃن ٿا.

    2.سائرس (Cirrus)؛ انهن جي شڪل اڇن گھنگرودار پرن جيان هوندي آهي.اهي ڪڪر نهايت ئي بلنديء تي هوندا آهن.اهي عام طور تي خشڪ موسم ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اسان جي زمين کان ڇهن کان اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هوندا آهن.اهي هوائن جي رخ تي اڏامندا آهن ۽ عام طور تي طوفانن جي خبر ڏيندا آهن.

    3.اسٽريٽس (Stratus)؛ اهي ڪڪر آسمان تي هر طرف پکڙيل ٿين ٿا ۽ ڌنڌ جيان نظر ايندا آهن.اهي گھڻو مٿي نه هوندا آهن.عام طور تي 2000 کان 7000 فٽن جي بلنديء تي ٿين ٿا.ظاهر ۾ اهي ڪڪر خاموش نظر ايندا آهن تنهن هوندي به اهي خراب موسم جي نشاني سمجھيا ويندا آهن.

    4.نمبس (Nimbus)؛ انهن مان مراد برسات جو طوفان آهي.انهن کي مينهن جا ڪڪر به چيو ويندو آهي.انهن جو رنگ گهاٽو سليٽي ٿيندو آهي.انهن جي ڪا واضح شڪل ۽ صورت نٿي ٿئي.موسميات جا ماهر انهن ئي ڪڪرن جو مشاهدو ڪري موسم جي باري ۾ ڪا اڳڪٿي ڪندا آهن.
     
  2. عاجــزحسين اڄڻ

    عاجــزحسين اڄڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2019
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ماشاء الله ڪافي معلومات پھچائي اوھان مھربانيو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو