ڪنهن هارايو ڪنهن کَٽِيو؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    هارائڻ ۽ کٽن ته زندگي جو حصو آهي. کٽڻ جو مزو به هارائڻ کانپوءِ ئي ايندو آهي. هارائڻ کان گهٻرائي ڪري ڀڄڻ وارا ڪامياب رانديگر ثابت ناهن ٿيندا. خاص ڳالھ هي ناهي ته توهان هارايو يا کٽيو پر خاص هي آهي ته توهان جو رويو مثبت رهيو يا منفي. ڪيترا ئي ماڻهو هارائڻ کان بچڻ چاهيندا آهن ڇو ته انهن کي هارائڻ سان شرمندگي جو احساس ٿيندو آهي. اهي هي وساري ڇڏيندا آهن ته کٽڻ جي قيمت ڪيترائي ڀيرا هارائڻ سان ادا ڪئي ويندي آهي. ماهرن جي ريسرچ جي مطابق کٽڻ وارا Winners ۽ هارائڻ وارا Quitters جي روين جو فرق ئي انهن جي منزلن کي جدا ڪري ڇڏيندو آهي. زندگي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو مجموعو آهي. انهن مسئلن جو هجڻ ضروري ناهي پر انهن جي حوالي سان اسان جا رويا وڌيڪ اهميت رکن ٿا ڇو ته اسان جو رويو ئي اسان جي ڪاميابي يا ناڪامي جو تعين ڪندو آهي. خواب ڪير ناھي ڏسندو؟ خواب ڏسڻ ڏوھ به ناهي پر ناڪام ۽ هارائڻ وارا بس ننڊ ۾ خواب ڏسندا آهن جڏھن ته کٽڻ وارن کي خواب جاڳائڻ تي مجبور ڪندا آهن ڇو ته انهن کي خبر آھي اصل ڪمال هن ڳالھ ۾ آهي ته پنهنجي خوابن کي حقيقت جو روپ ڪيئن ڏنو وڃي. مثبت رويي وارو ماڻهو انهيءَ ڪري کٽي ويندو ڇو ته ان جو وڻ هر موسم ۾ سرسبز ۽ ميويدار رهندو آهي. هارائڻ وارو اصل ۾ پاڻ ئي پنهنجي رستي جي رڪاوٽ بڻيل هوندو آهي. اهو سڀني کي بدلائڻ ٿو چاهي پر پاڻ کي بدلائڻ لاءِ آماده ناهي هوندو. اهو انهي ڪري روشنيون وسائڻ چاهيندو آهي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته انڌيرو ڪيترو آهي. هارائڻ وارن ۽ کٽڻ وارن جي مزاج ۽ روين جي فرق جي وضاحت ڪجهه هن طرح سان ڪري سگهجي ٿي.
    1: دنيا ۾ 99 سيڪڙو ماڻهو مسئلن کي منهن ڏيندي مسئلن جو حصو بڻجي ڪري پنهنجي تمام توانائي وڃائي ويهندا آهن. انهيءَ ڪري اهي هارائي ويندا آهن. هڪ سيڪڙو ماڻهو کٽڻ وارا سڏرائيندا آهن ۽ اهي پنهنجي توانائي مسئلي کي حل ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيندا آهن. ۽ آخر ڪار حل تلاش ڪري ڇڏيندا آهن.
    2: هارائڻ وارن کي راند جي ميدان کان ڊڄ لڳندو آهي، اهي ٽيم "Team" جو حصو بڻجڻ کان ڊڄندا آهن. انھن کي صرف راءِ ۽ مشورا ڏيڻ ۾ لطف محسوس ٿيندو آهي. کٽڻ وارا ٽيم جو حصو بڻجي ڪري سخت محنت ڪندا آهن ۽ آخر ڪار ڪامياب ٿيندا آهن.
    3: کٽڻ وارا انھن شين کان مطمئن ناهن ٿيندا جيڪي پاڻ هي انهن تائين پهچي وڃن پر اهي پنهنجي دنيا پاڻ ٺاهڻ جا قائل هوندا آهن. هارائڻ وارا چاهيندا آهن ته انهن جا ڪم خودبخود ٿي وڃن ۽ ٻيا انهن جي مدد ڪندا رهن.
    4: کٽڻ وارن جو ايمان هوندو آهي ته جڏهن انسان پنهنجي خواهش جي تڪميل جي لاءِ ارادو ڪري ته ڪائنات جون وسعتون ان جي دائري ڪار ۾ شامل ٿي وينديون آھن. عمر، بيماري سستي، مفلسي ۽ منفي حالات جهڙي ڪا رڪاوٽ انهن جي خواهش کي تڪميل کان روڪي نه ٿيون سگهن. هارائڻ واري وٽ دنيا جي هر شي ۾ گلا هوندي آهي، انهيءَ ڪري اهو هر موقعي کي به رڪاوٽ بڻائي ڪري ناڪام ٿي ويندو آهي
    5: کٽڻ وارو Gain پنهنجي حاصل کي ۽ هارائڻ وارو Pain يعني تڪليف کي ڏسندو آهي. يقيني ڳالھ آھي ته جيڪو پنهنجي حاصل ڪيل نتيجن کي ڏسندو، اهو جوش ۽ جذبو حاصل ڪندو آهي ۽ جيڪو تڪليفن کي ياد ڪندو اهو ان اذيت جو شڪار رهندو. منزل جو خواب ئي سفر جي مشڪلاتن کي آسان ڪري ڇڏيندو آهي.
    6: هر ڪامياب ۽ کٽڻ وارو شخص پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ ئي ڪنهن هيرو Hero کان متاثر Inspire هوندو آهي. اهو پنهنجي رول ماڊل جي نقشِ قدم تي هلڻ چاهيندو آهي، جڏهن ته ناڪام جي مطابق ڪو به شخص ان جي قابل ئي ناهي ته ان کي هيرو مڃيو وڃي. جيڪو بهتر جي تعريف نه ٿو ڪري سگهي، اهو پاڻ ڪيئن بهتر بڻجي سگھي ٿو.
    7: تاريخ ٻڌائي ٿي ته مشهور ترين ماڻھن کي ڪاميابي کان پهريان دل توڙي ڇڏڻ وارين ناڪامين کي ڏسڻو پيو. اهي ان جي لاءِ ڪامياب ٿي ويا جو سوين ناڪامين جي باوجود حوصلو نه ھاريائون. دنيا ناڪام ماڻهن سان ڀري پئي آهي اهي هڪ ٻه ڀيرا جي ناڪامين کان دل برداشته ٿي ڪري رستو ڇڏي ويا.
    8: بيوقوف هي سمجهندو آهي ته سڀئي ماڻهو هارجي ويندا ته اهو کٽي ويندو. عقلمند سڀني جي فتح تي پنهنجي فتح سمجهندو آهي اهو win - win rule (سڀني جي سوڀ) جو قائل هوندو آهي. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو به ان جي کٽڻ ۾ معاون ثابت ٿيندا آهن.
    9: هر کٽڻ وارو مستقبل تي نظر رکي ڪري اڳتي وڌندو آهي ۽ هر هارائڻ وارو ماضي کي ياد ڪندي ناڪام ٿي ويندو آهي. اهو هي وساري ڇڏيندو آهي ته ماضي صرف سبق سيکارڻ جي لاءِ آيو هو.
    . 10: بيشمار ماڻهو ڪيترائي ڪم شروع ڪندا آهن ۽ اهي هي چئي ڪري ڇڏي ڏيندا آهن ته هي ڪم منهنجي ڪرڻ جا ناهن انهيءَ ڪري اهي ناڪام هوندا آهن. سياڻو ماڻهو ننڍا ننڍا ڪم ڪندي به خوشي محسوس ڪندو آهي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته هڪ وڏي سفر جي شروعات به پهرين قدم کڻڻ سان ٿيندي آهي.
    11: کٽڻ وارو مضبوط دليل جي لاءِ نرم لفظ استعمال ڪندو آهي. هارائڻ وارو سخت لفظ استعمال ڪرڻ جو عادي هوندو آهي.
    12: کٽڻ وارو اقدار Values جي معاملي ۾ اٽل هوندو آهي باقي ننڍين ننڍين ڳالهين تي صلح ڪندو آهي. هارائڻ وارو ننڍين ننڍين ڳالهين تي ضد ڪندو آهي ۽ اقدار تي صلح ڪندو آهي.
    13: هر کٽڻ وارو پنهنجي جيت جي لاءِ تياري ڪندو آهي ۽ هارائڻ وارو پنهنجي جيت جي لاءِ صرف انتظار ڪندو آهي.
    هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪيو ته هارائڻ ۽ کٽڻ جي چونڊ کان پهريان هڪ مثبت رويي جو انتخاب ڪرڻو پوندو. هي تمام اصول ان مثبت رويي جي تشڪيل ۾ اسان جا معاون آهن. انهن کي نظر انداز نه ڪيو. خدا پاڪ جي مدد توهان سان گڏ آهي ڇو ته اهو پاڻ بهترين مدد ڪرڻ وارو آهي. توهان ان شاء الله ضرور کٽڻ وارن جي فهرست ۾ سرفهرست رهندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو