ٻين سان تعلق قائم رکڻ جا طريقا

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ : قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار :امتياز علي رند
    انساني فطرت اهڙي آهي جو ڪو به انسان اڪيلو زندگي بسر نه ٿو ڪري سگهي اِهو ئي وجهه آهي جو اُهو زندگي گذارڻ جي لاءِ سماج، معاشرو ۽ رشتا ٺاهيندو آهي. اهي رشتا جيڪي خدا تعالي بڻائي ڇڏيا آهن اُهي رت جا رشتا آهن جن ۾ ماءُ پيءُ ۽ ڀاءُ ڀيڻ جو رشتو آهي. باقي تمام رشتا اهو پاڻ ئي بڻائيندو آهي جيئن دوست احباب، زال ۽ پاڙي وارا وغيره، انسان سڄي زندگي انهن ٻن طرح جي رشتن کي سامهون رکي ڪري پنھنجا ڪم ڪندو آهي. اڄ جي ترقي يافته دور جو هڪ وڏو الميو هي آهي ته ماڻهو عام گلا ڪندا آهن ته پراوا ته پراوا پر هتي پنھنجا ئي بدلجي ويندا آهن. ڪو بي وفائي ڪري ويو ڪو فراڊ ۽ ڪو ڌوڪو ڪري ويو ڪو احسان فراموش نڪتو ۽ ڪو صنم هرجائي، هي سڀئي گلا شڪوه حق بجانب پر اسان عام طور تي ڪجهه اصولن کي نظرانداز ڪندا رهندا آهيون جن جي وجهه سان هي مصيبتون ڳچيءَ ۾ پونديون آهن. پهرين ڳالهه هي آهي ته تعلق بڻائڻ کان پهريان تمام سهڻي نموني جاچ ڪئي وڃي ته ڪير ڪيئن آهي، ان جي فطرت، عادتون ۽ طور طريقا ڪهڙا آهن پر ھي ڳالهه ضرور ياد رکي وڃي ته ڪو به انسان مڪمل ناهي هر انسان چڱاين ۽ براين جو مجموعو آهي. جڏهن توهان هڪ دفعو تعلق بڻائي ڇڏيو ته پوءِ ان کي گڏ هلائيندا رهو ۽ جيڪڏهن هي محسوس ٿئي ته اهو نااهل ۽ نالائق آهي ته هي ضرور سوچ جو ته هاڻي ان نااهل ۽ نالائق جا توهان ئي ته لائق ۽ اهل دوست آهيو جيڪڏھن توھان به ان جو ساٿ ڇڏي ويو ته اهو اڪيلو رهجي ويندو.
    ڪنهن سان به سٺو ۽ مضبوط تعلق قائم رکڻ جي لاءِ هنن ڳالهين کي ضرور اهميت ڏيو.
    1: هميشه تعلق خلوص جي بنياد تي رکو ۽ خلوص سان ٻين جو ڀلو چاهيو.
    2: جنھن سان تعلق هجي ان کي هميشه عزت ڏيو اهڙي طرح اهو به توهان کي عزت ڏيندو.
    3: پنهنجي ساٿي جي ترجيحات کي ضرور معلوم ڪيو ۽ پنهنجون ترجيحات ان جي سامهون واضح ڪري ڇڏيو ته جيئن توهان هڪ ٻئي جو وقت ضايع نه ڪيو.
    4: جيڪڏھن پئسن جي ليتي ڏيتي آهي ته تمام واضح رکو.
    5: ڪنهن سان به احسان جي اميد نه رکو بلڪه ٻين تي احسان ڪيو.
    6: جيڪڏهن ڪنهن سان سٺو تعلق رکڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي آس ۽ اميدون گھٽ ۾ گھٽ رکو.
    7: پنهنجي ساٿي جي جڳهه تي اچي ڪري سوچيندا ڪيو ته ڪهڙين حالتن ۽ واقعن جو شڪار آهي ۽ ان جو نقطه نظر ڪهڙي سبب جي ڪري مختلف آهي.
    8: شڪ نه ڪيو ڇو ته شڪ ۽ بدگماني تعلق کي اڏوهي وانگر چٽي ويندي آهي.
    9: ٻين جي مسئلن کي معلوم ڪيو ۽ حل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪيو جيڪڏھن حل نه ٿا ڪري سگهو ته همدردي ضرور رکو.
    10: پنهنجن ساٿين کي تحفا ڏيو ان سان پيار وڌندو آهي.
    11: جڏهن به ملاقات ڪيو مسڪرايو هٿ ملايو ڀاڪر پائيو، مسڪرائيندڙ چهرو سٺي تعلق جي علامت آهي.
    12: ڪڏھن ناراضگي ٿي وڃي ته فورن ٺاهه ڪيو اهڙي طرح تعلق اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿي ويندو آهي. اسان جي مڪمل دين اسلام جي مطابق "مسلمان اهو آهي جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ به اهو پسند ڪري جيڪو پنهنجي لاءِ ڪندو آهي" انسان ٻين کي خوشي ڏئي ته خوشي ان جي دروازي تي دستڪ ڏيندي آهي. "دوست اهو هوندو آهي جيڪو غم کي گهٽ ڪري ۽ خوشي وڌيڪ" (حضرت واصف علي واصف) اڄ ئي فيصلو ڪيو ته ڪهڙي دوست جي غم کي گهٽ ڪرڻو آهي ۽ خوشي وڌيڪ ته جيئن توهان جي طرف کان دوستي جو حق ادا ٿي سگهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو