عوامي حڪومت ئي پاڪستان جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    [​IMG]

    ڪراچي: (آچر 15 سيپٽمبر2019ع) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عوامي حڪومت ئي پاڪستان جي مسئلن کي حل ۽ ان کي ترقي جي راهن تي وٺي وڃي سگهي ٿي.

    جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جمهوريت اسان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. جمهوريت جو مطلب طاقت جو سرچشمو عوام آهي.

    1973ع جي گڏيل دستور جو ٻيون نالو جمهوريت آهي. عوام جي حقيقي چونڊيل حڪومت جي غير موجودگي جمهوريت نٿي چورائي سگهي. حقيقي جمهوريتون شهرين جي ٽيڪسن مان حاصل ٿيندڙ آمدني عوام جا ئي حق غصب ڪرڻ تي ناهن لٽائينديون.

    هڪ عوامي حڪومت ئي پاڪستان جي مسئلن کي حل ۽ ان کي ترقي جي رستي تي آڻي سگهي ٿي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي حڪومتن سياسي، معاشرتي، معاشي، سفارتي ۽ ٻين محاذن تي جيتريون پيش قدميون ڪيون اهو ملڪي تاريخ جو روشن باب آهي.

    قائداعظم کان پوءِ قائد عوام پاڪستان ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ قدم کنيا. شهيد بي بي جمهوريت جي خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني. آصف علي زرداري کي شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي جمهوري ويزن جي حفاظت جي ڏوهه ۾ قيد ڪيو ويو.

    Sindhi News
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو