ٿر ننگر جي راھن تي 1
محمد سليمان وساڻ
ٿر جنھن جو نالو ذھن ۾ ايندي ئي وڏين وڏين ڀِٽن يعني واريءَ جي دڙن ۽ ريگستان جو تصور سامھون ايندو آھي. ان ٿر کي گھمڻ لاءِ سالن کان سوچيندو رھيس پر الائي ڇو وڃي نہ سگھيس. ٿر جنھن کي سنڌ جا شاعرن خاص ڪري شاھ لطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز خوب ڳايو آھي. ٿر جنھن جون ريتون رسمون، پوشاڪ ۽ ثقافت نرالي آھي، ھتان جو راڳ ۽ ھتان جا فنڪار بہ ايئن ئي سادا آھن جيئن مارئي پنھنجي سادگي ۽ سچائي زر جي عيوض ڪانہ مَٽي.. ٿر جنھن لاءِ مشھور آھي تہ ”جي وسي تہ ٿر نہ تہ برُ“. اھو ٿر جتي جڏھن مينھوڳي ٿئي تہ سڀ ڀٽون سائو ويس پائي وٺن. پوءِ ٿر بر نہ پر امير ٿي پوندو آھي. جڏھن کنوڻيون کيل ڪنديون آھن تہ ٿرين جا چھرا خوشيءَ ۾ ٻھڪي پوندا آھن.
بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.
شاھ لطيف
”ٿر“ سنسڪرت لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نہ وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي درياءُ ڪونهي). انهيءَ ”سٿل“ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“، يعني خشڪ زمين (ضد جل معنيٰ پاڻي) ۽ ”ٿل“ جو اچار ڦري ٿيو ٿر.
ٿر کي ريگستان بہ چون: ريگستان=واري + آستان=جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀِٽون گهڻيون آهن. ڀِٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ چوندا آهن. تنهنڪري ڀٽن يعني ٿرين واري ڀاڱي کي ٿرين جو ملڪ يا ٿري جو ملڪ بہ چوندا آهن، جنهن مان ”ٿر“ لفظ ٺهيو آهي. (حوالو: تاريخ ريگستان، رائچند ھريجن)
سو ھن سال بہ مينھن وسيا تہ اسان ڪراچيءَ کان چار ڄڻا ماما تاج محمد وساڻ، چاچو الھداد گوپانگ، ذوالفقار علي گوپانگ ۽ مان ٿر لاءِ 2 سيپٽمبر 2019ع تي صبح جو سوير نڪري پياسين ڪورولا ڪار ۾. اسان گهاري ۾ ناشتو ڪري ٺٽي باءِ پاس کان مڪليءَ کي سلام ڪري بدين سجاول روڊ تي لڙي پياسين. روڊ سٺو ھيو ۽ موڪل ھجڻ ڪري گاڏين جي رش بہ ڪا نہ ھئي. اسان ڪچھري ڪندا اچي ٿي جي ويجھو پھتاسين. ڪلوئي کان مٺي طرف ويندڙ روڊ ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪو رن وي ھجي ... اسان جي پھرين منزل ڪلوئي ھئي، جتي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي شاخ جي دوستن ارباب خالد، ارباب عادل ۽ ارباب اعجاز سان ملڻو ھيو. سگا ڪلوئي شاخ ٿر جي سرگرم ترين شاخن مان ھڪ آھي جتي روشن تارا اسڪول بہ ھلايو پيو وڃي. سِگا ڪلوئي شاخ جا دوست اسان وٽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ سگا جي ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيندا رھيا آھن ۽ ساڻن پيپلز پارٽي ۾ ھجڻ ڪري ماما تاج محمد جو ٻٽو واسطو رھيو آھي. ڪلوئي اسان جي دوست گورڌن ولاسائيءَ جو ڳوٺ پڻ آھي. گورڌن قائد عوام يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آھي. ڪلوئي پھتاسين تہ ارباب عادل اسان جو ڀليڪار ڪيو ۽ اسان سندس اوطاق تي پھتاسين. اتي چانھ پي ڪچھري ڪري روشن تارا اسڪول جي آفيس، سگا آفيس ۾ پڻ وياسين ۽ ڪچھري ٿي.
دوستن کان موڪلائي اسان مِٺي واري رستي تي پھتاسين. سامھون وڏين وڏين ڀٽن مان روڊ ۽ ۽ ٻئي پاسا ساوڪ اکين کي سرور پئي ڏنو، مٿان وري ڪڪر اڀا ٿيا بيٺا ھجن .... اسان ھڪ ھنڌ بيھي ڪجه تصويرون ڪڍيون ۽ مٺيءَ طرف روانا ٿياسين. اسن جو موضوع ٿر ھيو. ٿر جنھن جي قسمت ڪوئلي بدلائي آھي يا نہ ... ؟؟ ھي ڪوئلو ٿر ۾ ترقي جون راھون کوليندو يا نہ ... ان موضوع تي الڳ ڳالھائبو. ٿر ۾ روڊن جو پھريون ڄار ارباب رحيم جي دور ۾ شروع ٿيو ھو ۽ ھن وقت ٿر ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين روڊن جا ڄار وڇايا آھن. ٿر پوءِ بہ ترقي گھري ٿو، ٿر جو رقبو وڏو آھي. ٿر جو سڀ کان وڏو مسئلو مٺو پاڻي آھي. ٿر جي روزگار ۽ گذر سفر جو ذريعو چوپايو مال ۽ وُٺي تي ٿيندڙ پوک آھي. پر ٿر خوبصورت آھي، ٿر جا مختلف پاسا آھن ...دنيا جو ارڙهون نمبر ريگستان رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڪنڌي تي واقع 22000 چورس ڪلو ميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي پاسي پنهنجي منفرد حيثيت ۽ معدنيات سان مالا مال ٿرپارڪر جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ صدين کان ڏڪار ۽ سڪار جي ور چڙهندو رهيو آهي. 1843ع ۾ هن ريگستان کي چارلس نيپيئر ڪڇ پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو ۽ 1858ع ۾ حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ڪيائين. 1860ع ۾ هن علائقي کي ”ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر“ جو نالو ڏئي عمرڪوٽ کي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. جڏهن تہ 1882ع ۾ ضلعي جو درجو ڏئي ڊپٽي ڪمشنر کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. 1906ع ۾ عمرڪوٽ جي بدران ميرپورخاص کي ضلعي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. 1990ع ۾ مٺيءَ کي ضلعي جو درجو ڏئي ٿرپارڪر ضلعي جو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. عمرڪوٽ کي پڻ 1993ع ۾ ضلعي جو درجو ڏئي ريگستاني علائقن کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو. نتيجي طور وڏو حصو مٺي ۽ باقي عمرڪوٽ ۾ شامل ڪيو ويو. يعني پراڻي ٿرپارڪر ضلعي کي ٽوڙِ ان مان ٽي ضلعا ٺاھيا ويا آھن ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ ميرپور خاص. موجودہ ٿرپارڪر 19638 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل 15 لک آبادي رکندڙ علائقو مٺي سميت 5 تعلقن ڏيپلو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 96 سيڪڙو آبادي 2500 ڳوٺن ۾ ٻهراڙي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.اسان تيز تيز گاڏي ڊوڙائيندا مِٺيءَ طرف وڃي رھيا آھيون.
تصويرون فيسبوڪ جي ھن لنڪ تي
آخري ترميم: