1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ٿر ننگر جي راھن تي (سنڌ جي سونھن ٿر جو دورو)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ٿر ننگر جي راھن تي 1

    محمد سليمان وساڻ

    ٿر جنھن جو نالو ذھن ۾ ايندي ئي وڏين وڏين ڀِٽن يعني واريءَ جي دڙن ۽ ريگستان جو تصور سامھون ايندو آھي. ان ٿر کي گھمڻ لاءِ سالن کان سوچيندو رھيس پر الائي ڇو وڃي نہ سگھيس. ٿر جنھن کي سنڌ جا شاعرن خاص ڪري شاھ لطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز خوب ڳايو آھي. ٿر جنھن جون ريتون رسمون، پوشاڪ ۽ ثقافت نرالي آھي، ھتان جو راڳ ۽ ھتان جا فنڪار بہ ايئن ئي سادا آھن جيئن مارئي پنھنجي سادگي ۽ سچائي زر جي عيوض ڪانہ مَٽي.. ٿر جنھن لاءِ مشھور آھي تہ ”جي وسي تہ ٿر نہ تہ برُ“. اھو ٿر جتي جڏھن مينھوڳي ٿئي تہ سڀ ڀٽون سائو ويس پائي وٺن. پوءِ ٿر بر نہ پر امير ٿي پوندو آھي. جڏھن کنوڻيون کيل ڪنديون آھن تہ ٿرين جا چھرا خوشيءَ ۾ ٻھڪي پوندا آھن.

    بَرَ وَٺا، تَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون؛
    پِرِهَ جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون؛
    مَکَڻَ ڀَريِن ھَٿَڙا، سَنگھارِيُون سايُون؛
    ساري ڏُھن سامُھِيُون، ٻولايُون، رانيُون؛
    ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکي سُنھَنِ پانھنجي.

    شاھ لطيف

    ”ٿر“ سنسڪرت لفظ ”سٿل“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل يا نہ وهندڙ يعني خشڪ ملڪ (جتي درياءُ ڪونهي). انهيءَ ”سٿل“ جو اچار اول ڦري ٿيو ”ٿل“، يعني خشڪ زمين (ضد جل معنيٰ پاڻي) ۽ ”ٿل“ جو اچار ڦري ٿيو ٿر.
    ٿر کي ريگستان بہ چون: ريگستان=واري + آستان=جاءِ، يعني واريءَ جي جاءِ. هن ڀاڱي ۾ واريءَ جون ڀِٽون گهڻيون آهن. ڀِٽ کي ٿر جا ماڻهو ”ٿري“ چوندا آهن. تنهنڪري ڀٽن يعني ٿرين واري ڀاڱي کي ٿرين جو ملڪ يا ٿري جو ملڪ بہ چوندا آهن، جنهن مان ”ٿر“ لفظ ٺهيو آهي. (حوالو: تاريخ ريگستان، رائچند ھريجن)

    سو ھن سال بہ مينھن وسيا تہ اسان ڪراچيءَ کان چار ڄڻا ماما تاج محمد وساڻ، چاچو الھداد گوپانگ، ذوالفقار علي گوپانگ ۽ مان ٿر لاءِ 2 سيپٽمبر 2019ع تي صبح جو سوير نڪري پياسين ڪورولا ڪار ۾. اسان گهاري ۾ ناشتو ڪري ٺٽي باءِ پاس کان مڪليءَ کي سلام ڪري بدين سجاول روڊ تي لڙي پياسين. روڊ سٺو ھيو ۽ موڪل ھجڻ ڪري گاڏين جي رش بہ ڪا نہ ھئي. اسان ڪچھري ڪندا اچي ٿي جي ويجھو پھتاسين. ڪلوئي کان مٺي طرف ويندڙ روڊ ايئن پئي لڳو ڄڻ ڪو رن وي ھجي ... اسان جي پھرين منزل ڪلوئي ھئي، جتي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي شاخ جي دوستن ارباب خالد، ارباب عادل ۽ ارباب اعجاز سان ملڻو ھيو. سگا ڪلوئي شاخ ٿر جي سرگرم ترين شاخن مان ھڪ آھي جتي روشن تارا اسڪول بہ ھلايو پيو وڃي. سِگا ڪلوئي شاخ جا دوست اسان وٽ سچل ڳوٺ ڪراچيءَ ۾ سگا جي ڪنوينشن ۾ شريڪ ٿيندا رھيا آھن ۽ ساڻن پيپلز پارٽي ۾ ھجڻ ڪري ماما تاج محمد جو ٻٽو واسطو رھيو آھي. ڪلوئي اسان جي دوست گورڌن ولاسائيءَ جو ڳوٺ پڻ آھي. گورڌن قائد عوام يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آھي. ڪلوئي پھتاسين تہ ارباب عادل اسان جو ڀليڪار ڪيو ۽ اسان سندس اوطاق تي پھتاسين. اتي چانھ پي ڪچھري ڪري روشن تارا اسڪول جي آفيس، سگا آفيس ۾ پڻ وياسين ۽ ڪچھري ٿي.
    دوستن کان موڪلائي اسان مِٺي واري رستي تي پھتاسين. سامھون وڏين وڏين ڀٽن مان روڊ ۽ ۽ ٻئي پاسا ساوڪ اکين کي سرور پئي ڏنو، مٿان وري ڪڪر اڀا ٿيا بيٺا ھجن .... اسان ھڪ ھنڌ بيھي ڪجه تصويرون ڪڍيون ۽ مٺيءَ طرف روانا ٿياسين. اسن جو موضوع ٿر ھيو. ٿر جنھن جي قسمت ڪوئلي بدلائي آھي يا نہ ... ؟؟ ھي ڪوئلو ٿر ۾ ترقي جون راھون کوليندو يا نہ ... ان موضوع تي الڳ ڳالھائبو. ٿر ۾ روڊن جو پھريون ڄار ارباب رحيم جي دور ۾ شروع ٿيو ھو ۽ ھن وقت ٿر ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين روڊن جا ڄار وڇايا آھن. ٿر پوءِ بہ ترقي گھري ٿو، ٿر جو رقبو وڏو آھي. ٿر جو سڀ کان وڏو مسئلو مٺو پاڻي آھي. ٿر جي روزگار ۽ گذر سفر جو ذريعو چوپايو مال ۽ وُٺي تي ٿيندڙ پوک آھي. پر ٿر خوبصورت آھي، ٿر جا مختلف پاسا آھن ...دنيا جو ارڙهون نمبر ريگستان رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڪنڌي تي واقع 22000 چورس ڪلو ميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي پاسي پنهنجي منفرد حيثيت ۽ معدنيات سان مالا مال ٿرپارڪر جي نالي سان سڃاڻپ رکندڙ صدين کان ڏڪار ۽ سڪار جي ور چڙهندو رهيو آهي. 1843ع ۾ هن ريگستان کي چارلس نيپيئر ڪڇ پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو ۽ 1858ع ۾ حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ڪيائين. 1860ع ۾ هن علائقي کي ”ايسٽرن سنڌ فرنٽيئر“ جو نالو ڏئي عمرڪوٽ کي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. جڏهن تہ 1882ع ۾ ضلعي جو درجو ڏئي ڊپٽي ڪمشنر کي ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو. 1906ع ۾ عمرڪوٽ جي بدران ميرپورخاص کي ضلعي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. 1990ع ۾ مٺيءَ کي ضلعي جو درجو ڏئي ٿرپارڪر ضلعي جو ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر بڻايو ويو. عمرڪوٽ کي پڻ 1993ع ۾ ضلعي جو درجو ڏئي ريگستاني علائقن کي ٻن ضلعن ۾ ورهايو ويو. نتيجي طور وڏو حصو مٺي ۽ باقي عمرڪوٽ ۾ شامل ڪيو ويو. يعني پراڻي ٿرپارڪر ضلعي کي ٽوڙِ ان مان ٽي ضلعا ٺاھيا ويا آھن ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ ۽ ميرپور خاص. موجودہ ٿرپارڪر 19638 چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل 15 لک آبادي رکندڙ علائقو مٺي سميت 5 تعلقن ڏيپلو، ننگرپارڪر، اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي تي مشتمل آهي. جنهن ۾ 96 سيڪڙو آبادي 2500 ڳوٺن ۾ ٻهراڙي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.اسان تيز تيز گاڏي ڊوڙائيندا مِٺيءَ طرف وڃي رھيا آھيون.

    [​IMG]


    تصويرون فيسبوڪ جي ھن لنڪ تي
     
    آخري ترميم: ‏15 سيپٽمبر 2019
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ٿر ننگر جي راھن تي 2 (مِٺي)

    تحرير: محمد سليمان وساڻ

    ڪَلوئي کان نڪري اسان ھڪ دفعو وري مِٺيءَ طرف ويندڙ رستي تي آھيون جيڪو ٿر ۾ داخل ٿيڻ جو نئون گيٽ وي آھي. ان کان اڳ ٿر جا ٻہ گيٽ وي ھئا ھڪ عمر ڪوٽ کان ۽ ٻيو نئون ڪوٽ کان. سچل ڳوٺ کان مِٺي جو مفاصلو 315 ڪلوميٽر آھي لڳ ڀڳ 5 ڪلاڪن جو رستو آھي. ڪلوئي روڊ جي کاٻي طرف آھي جڏھن تہ ساڄي طرف ڀَڪڙيو ۽ ارباب رحيم جو ڳوٺ کيتلاري آھن. ڪلوئي کان اڳتي نڪرجي ٿو تہ ھتان کان ھلندي موبائل جا سگنل ڪم نٿا ڪن .... رستي ۾ مِٺيءَ ۾ رھندڙ سائين نور احمد جنجهي جو فون اچي ٿو ۽ مان کيس ٻڌايون ٿو تہ ھتان کان ڪيترو فاصلو آھي ۽ ڪيتري وقت ۾ پھچنداسين. گوگل ميپ اسان جي رھنمائي ڪري رھيو ھيو تہ ڪيترو وقت لڳندو. نور احمد صاحب چيو تہ مِٺي پھچي مونسان رابطو ڪجو تہ اوھان سان ملون ۽ ڪچھري ڪيون. ھڪ دفعو وري اسان جي ڪچھري سامھون ايندڙ چنئورن، اُٺن جي وَڳن ۽ سامھون ڀِٽُن تي چرندڙ ٻڪرين جي ڌڻن تي شروع ٿئي ٿي تہ ٿر جو امن امان ڪيئن آھي ۽ ماڻھو ڪيئن نہ بيفڪر آھن ... ڏامر جو ٺھيل ڪارو روڊ، ٻئي پاسا وڏيون وڏيون ڀِٽون جن ساوا ويس پاتا آھن، مٿان ڪنڊي، ڪرڙ، کٻڙن ۽ ديوين جا ساوا چھچ ۽ اجرا وڻ ۽ پويان اڇا ۽ ڪارا وڏا وڏا ڪڪر .... دل لڀائيندڙ نظارا آھن ... اسان ھاڻي مِٺي شھر طرف مُڙون ٿا ۽ ھڪ دفعو وري سائين نور احمد جنجهي جي فون ڪال اچي ٿي. مان کين مِٺي پھچڻ جو ٻڌايان ٿو. ھو چون ٿا تہ مان اچان تہ گڊي ڀِٽ تي گڏجي ھلون پر مان کيس عرض ڪيو تہ گرمي آھي اسان گڊي ڀِٽ تان ٿيندا اوھان طرف اچون ٿا. پاڻ چون ٿا تہ ماني مون وٽ کائو پر اسان کين عرض ڪيو تہ اسان صرف چانھ پيئنداسين. پوءِ اسان گَڊي ڀِٽ طرف چڙھون ٿا.گڊي ڀٽ ٿر جي سونھن آھي جتان مِٺي شھر جو نظارو پسي سگھجي ٿو. سڄو شھر پيالي جيان ڏسي سگھجي ٿو. گڊي ڀٽ جي ٽاور جي بہ پنھنجي الڳ سڃاڻ ۽ سونھن آھي. ذوالفقار ۽ مان تصويرون ڪڍڻ لڳي وڃون ٿا ۽ تصويرن ڇڪيندي اسان جي ڳوٺ کان آيل نذير وساڻ، نويد وساڻ، استاد نعمت وساڻ ۽ ھٿونگي جي ثناءُ اللھ راڄڙ جي ڀاءُ سان ملاقات ٿئي ٿي. جيڪي رات ننگرپارڪر ۾ گذاري آيا ھئا.گڊي ڀٽ جو شام ۽ رات جو نظارو من کي متاثر ڪندڙ آھي. جڏھن مندرن ۾ گهنٽيون وڄن ٿيون ۽ مٺيءَ جي گھرن ۾ روشنيون ٿين ٿيون تہ پوءِ گڊي ڀِٽ تان سونھن ٻيڻي ٿيو پوي.مِٺي شھر موھن ڀڳت ۽ صادق فقير جي ڪري بہ مونکي وڻندي آھي، ٻنھي جا مڌر آواز اسان کان وسرڻا ناھن. صادق فقير سان حيدرآباد ۾ ٿيندڙ سگا جي ڪنوينشن ۾ ڪچھري ٿي ھئي ۽ کيس محفلن ۾ بہ جام ٻڌو ھيو پر صادق فقير ٻہ سال اڳ ڀلي پار تي عمرو ڪندي ھڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان وڇڙي ويو. انھن ڏينھن ۾ صادق فقير سگا مِٺي شاخ جو جنرل سيڪريٽري ھيو. مٺيءَ جي دوستن پرڪاش ڪرمواڻي، دليپ دوشي لوھاڻو، دولت رام کتري، شوڪت تبسم ۽ منور ساگر سان ملاقات نہ ٿي ۽ نہ ئي کين پنھنجي اچڻ جو ٻڌايوسين ... ڇو تہ اسان کي مختصر وقت ۾ اڳتي بہ گھڻو ڪجه ڏسڻو ھيو. ھتي سج ڪڏھن ڪڪرن جي اوٽ پيو وڃي تہ ڪڏھن تيز تِک سان ٻاھر پيو نڪري جنھن ڪري اُس بيھڻ نہ پئي ڏنو. اسان ھاڻ گڊي ڀِٽ کي الوداع ڪري مِٺي شھر ڏانھن مُڙون ٿا. مٺي شھر ۾ وڃبو تہ ٿر لڳندو ئي نہ، مِٺي ھن وقت ضلعي ٿرپارڪر جو ضلعي ھيڊ ڪوارٽر آھي ۽ ھتي ڪيتريون ئي سرڪاري آفيسون، اين جي اواز جا دفتر ۽ اسڪول ڪاليج آھن. ڪشمير چوڪ تي سائين نور احمد جنجهي جو گائيڊ اسان جي اڳيان ھلندي ھڪ ريسٽ ھائوس تي آڻي ٿو جتي جنجهي صاحب اسان کي ڀاڪرين ڀري استقبال ڪيو. نور احمد جنجهي سان ڊگھي عرصي کان دوستي آھي، خاص ڪري سندس علمي ۽ ادبي ڪم مان اسان وڌيڪ متاثر آھيون. ھن جو تصوف تي سٺو ڪم ٿيل آھي ۽ اوائلي تصوف جي سلسلي جي شاعرن ميران ٻائي ۽ ڀڳت ڪبير، شاھ لطيف ۽ سچل سرمست جي شاعريءَ بابت سندس لکڻيون ڪمال جون آھن. نور احمد جنجهي ٿر جي تاريخ، ثقافت، سماجيات، لطيفيات، لسانيات ۽ لوڪ ادب بابت مڃيل قلمڪارن مان هڪ آهي. ھو شاعر، ليکڪ، محقق ۽ استاد آھي.

    وڏر وٺو رات ۔ پلر جي پالوٽ ٿي،
    کنوڻ کجڪا ڪيا بجلين ڪئي بات،
    پِرين تائين پِرڀات جوهر جلوا پسائيا.

    جوهر جلوا پسائيا پِرين اچي پاڻ،
    ليڻن جي لوڏ سان مينهن ڪئي مانڊاڻ،
    ڪڪرن اسان ساڻ، روئڻ ۾ ريس ڪئي.

    نوراحمد جنجهي

    نور احمد سان ڪچھري ڪندي سٺو وقت گذريو ان دوران ٿر جي تاريخ، ٿر جي ثقافت ۽ ھتان جي تبديلين تي ڳالھيون ٿينديون رھيون. چانھ پيتيسين پر پاڻ مانيءَ لاءِ زور ڀريائون. اسان ناشتو دير سان ڪيو ھو ۽ ڪَلوئي ۾ پڻ دوستن ريفريشمينٽ ڪرائي ھئي تنھنڪري اسان صرف چانھ پيتي. اسان کانئن ننگر ۾ رھائش ۾ مدد جو چيو تہ پاڻ چَين تہ اوھان ننگر مان دير مدار نڪري مِٺي ھليا اچو، مان ھتي رھائش جو بندوبست ڪري ڇڏيندس، ڇو تہ ننگر ۾ رش وڌيڪ ھئي. اسان ھاڻ کانئس موڪلائي سلام ڪوٽ ۽ ننگرپارڪر لاءِ نڪرون ٿا ...


    تصويرون فيسبوڪ جي ھن لنڪ تي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٿر ننگر جي راھن تي 3 (ڀالوا)

    مِٺيءَ کان ٻاھر نڪري سلام ڪوٽ (اسلام ڪوٽ) واري روڊ تي روانا ٿياسين. ھڪ دفعو وري وڏين وڏين ڀٽن جو سلسلو شروع ٿي ويو. آسمان ۾ ڪڪر ڇانيل آھن، ڪڏھن ڪڏھن ھلڪي ھلڪي ڦڙ ڦڙ وسي ٿي پر ٻاھر ھوا بند آھي ۽ گهُٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول آھي. مٺي کان اسلام ڪوٽ جو مفاصلو 40 کن ڪلوميٽر آھي. اسان سلام ڪوٽ ۾ بيھون ٿا ۽ ھڪ ھوٽل واري کي لسي ۽ ڪجھ مانين جو چئون ٿا. لسي کَٽي ھئي ۽ مان لوڻ گهٽ استعمال ڪيان سو مان کيس دال آڻڻ جو چيو ... ايئن ٻہ ٽي گرھ ھنياسين جيئن اڳتي رات تائين گهمي سگهون. اڳيان روڊ تي سائرن وڄن ٿا ۽ لڳو پئي تہ جسٽس گلزار صاحب جو قافلو آھي جيڪو ننگر کان واپس ڪراچي لاءِ نڪتو ھيو جنھن کي وڏو پروٽوڪول مليل ھيو. اسان جي اڳئين منزل ڀالوا يعني ماروي جو کوھ آھي. سلام ڪوٽ جي ٻاھران دي سٽيزن فائونڊيشن جي اسڪول جي عمارت خوبصورت لڳي رھي ھئي. روڊ اينگرو ڪول جي موڙ تائين تہ سُٺو ھيو پر اڳتي بلڪل بيڪار پئي لڳي، ڪا مرمت ڪانہ ٿي اٿس، اسان جي گاڏيءَ جي رفتار 120 ڪلوميٽر کان گھٽجي 20، ڪٿي چاليھ ڪلوميٽر رھجي وئي آھي. سلام ڪوٽ کان ننگر پارڪار 90 ڪلوميٽر جو مفاصلو آھي پر روڊ جي حالت خراب ھجڻ ڪري وڌيڪ وقت لڳيو وڃي. خبر ناھي ڇو ترقي جي ڳالھ ڪندڙ صرف پنھنجي پلانٽ تائين روڊ ٺاھڻ تائين محدود ڇو آھن. ڇا ٿر جو ڪوئلو ٿر لاءِ ناھي؟ اھي ۽ ان جھڙا ڪيترا سوال ٿيندا ... جيتوڻيڪ مقامي ماڻھن کي پڻ روزگار مليو آھي ۽ ڪوئلي سبب ٿر کي ھوائي اڏو پڻ مليو آھي پر ڇا اھو ھوائي اڏو گوڙي ڳوٺ جي مينگھواڙ عورت کي بيماري سبب ڪراچي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڪندو؟اڳتي ھلي اسان ويراواھ چيڪ پوسٽ تي پھچون ٿا جتي رينجرز چيڪ پوسٽ تي اسان جي داخلا ڪري سڀني جا شناختي ڪارڊ لکيا ويا ۽ اسان کي ھڪ ٽوڪن ڏنو ويو تہ سڀاڻي واپسي ويندي ھتي جمع ڪرائجو. ايئن اسان اڳيان وڌون ٿا ۽ گوڙي مندر جو بورڊ نظر آيو پر اھو اسان سڀاڻي گهمڻ جو ارادو ڪري ھلندا رھون ٿا. اڳتي ھلي ننگر سلام ڪوٽ روڊ تي ھڪ بورڊ روڊ جي ساڄي طرف نظر اچي ٿو جيڪو ثقافت کاتي پاران لڳايو ويو آھي، جنھن تي انگريزي، سنڌي ۽ اردو ۾ مارويءَ جو کوھ ڀالوا ٿر لکيل آھي. ڀالوا روڊ کان ٻن يا ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي. ان روڊ تي ايندي ۽ ويندي جام گاڏيون نظر آيون. اسان ڀالوا پھچون ٿا جتي ويگنون، بسون، ڪارون، موٽر سائيڪلون ۽ جيپون بيٺيون آھن. ٻاھر وندر لاءِ اُٺن ۽ گهوڙن کي سينگاري آندو ويو آھي جن تي عورتون، مرد ۽ ٻار تصويرون ڪڍائن ٿا يا سواري ڪن ٿا. اسان پڪي چوديواري واري ڀت ۾ لڳل دروازو ٽپي اندر گھرون ٿا جتي ھاڻي ثقافت کاتي وارن ڪجه ڪم ڪرايو آھي. اڳيان ئي کوھ آھي. چون ٿا ھي اھو کوھ آھي جتي ماروي پنھنجي ساھيڙين سان گڏ پاڻي ڀرڻ آئي ھئي تہ ان وقت جي بادشاھ عمر سومري کيس کنڀي اُٺ تي ويھاري امر ڪوٽ (عمرڪوٽ) کڻي وڃي ڪوٽ ۾ بند ڪيو. عمر ڪوشش ڪئي تہ ماروي ساڻس شادي ڪري پر مارويءَ انڪار ڪيو، ڇو تہ ڳوٺ جي ھڪ نوجوان ”کيت“ سان سندس مڱڻو ٿيل ھيو. ڪجه جاين تي اچي ٿو تہ ڀالوا جي ھڪ نوجوان مارويءَ جي معصوميت ۽ سھڻي صورت کان متاثر ٿي سندس ناني ”پالڻي“ کان سندس سڱ گهريو پر ماروي جو مڱڻو ٿيل ھيو تنھن ڪري پالڻيءَ انڪار ڪيو. پوءِ ڦوڳ عمرڪوٽ پھچي عمر سومري وٽ مارويءَ جي سونھن جي ايڏي تہ تعريف ڪئي جو عمر سومرو 150 ڪلوميٽر پري عمرڪوٽ کان ڀالوا پھتو ۽ مارويءَ کي کوھ تان اغوا ڪري کڻي ويو. مارويءَ کي محلن، ماڙين، سون، روپين، زر ۽ چانديءَ جون لالچون ورغلائي نہ سگھيون. ماروي امير بادشاهه عمر سومري جي دولت ۽ ملڪيت کي ٺڪرائي پنهنجي طبقي کي وڌيڪ اهميت ڏني. ھن پنھنجي وطن، پنھنجي مارن، پنھنجي سھيلين ۽ پنھنجي ٿر وارن سان وفادار ۽ سچي ٿي بيٺي، ھن لوئي ڪانہ لڄائي. ھن کي ٿر جي واري ۽ ولڙين سان بيپناھ محبت آھي. آخر عمر سومري جا سڀ حيلا ناڪام ٿيا ۽ کيس پوتي پارائي پنھنجي ڀيڻ بڻائي واپس ڀالوا سندس مائٽن ڏانھن موڪليو. اھوئي سبب آھي جو شاعرن جي سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي کان اڄ تائين جي شاعرن ۽ راڳين ماروي جي قصي کي ڳايو آھي ۽ مارويءَ کي امر ڪري ڇڏيو آھي.

    لطيف سائين فرمائي ٿو:

    اِيَّ نه مارُنِ رِيتِ، جِئَن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي؛
    اچِي عُمرَڪوٽَ ۾، ڪندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيتِ؛
    پَکَنِ جي پرِيتِ، ماڙيءَ سين نه مَٽِيان.

    مارن جو اِهو دستور ناهي، جو سون جي لالچ تي پنهنجا سيڻ بدلائي ڇڏين. مان امر ڪوٽ ۾ اچي، اهڙي ڪڌي روش اختيار نه ڪنديس. اَباڻن پکن لاءِ جا محبت اٿم، سا محل جي ماڙيءَ سان هرگز نه مٽينديس.

    واجھائي وطن کي، آءٌ جي هِتِ مُياسِ؛
    گورَ مُنهِنجي سُومِرا! ڪَجِ پَنوَهارنِ پاسِ؛
    ڏِجِ ڏاڏاڻي ڏيهَه جِي، مَنجھان وَلِڙِيُنِ واسِ؛
    مُيائِي جياسِ، جي وَڃي مَڙهُ مَلِيرَ ڏي.

    کوھ جو مٿيون حصو پڪو ڪرايو ويو آھي، پاڻي نہ ھجڻ ڪري ھڪ بجلي وارو موٽر پمپ لڳائي شايد پاڻي کوھ ۾ موڪليو وڃي ٿو. اسان ڪجھ تصويرون ڪڍيون ۽ سامھون ڏسڻ لڳس. ھن علائقي ۾ ھر طرف مينھوڳيءَ کانپوءِ ساوڪ نظر آئي. اھڙي ئي ساوڪ ڀريي سُکيي ستابي علائقي کي لطيف سائين ملير سڏيو آھي.
    ماروي کي لطيف سائين ڳائي امر تہ ڪري ڇڏيو پر اسان وٽ تاريخ سان وڏي ماجرا ٿيندي رھي آھي، اسان وٽ تاريخ ڄڻ آھي ئي ڪانہ ايئين ئي ماروي بابت مختلف قصا مختلف انداز سان پيش ٿيندا رھيا آھن. ڪي چون ٿا تہ ماروي جا ناناڻا ھڪ دفعي عمر ڪوٽ جي ڀرسان اچي رھيا ھيا ۽ عمر بادشاھ جي پيءُ چوريءَ مارويءَ جي ماءُ ”ماڏوھي“ سان شادي ڪئي ھئي ۽ ان مان کيس ماروي ڄائي ھئي، پر ان ڳالھ کي لڪائي رکيو ھو تہ درست وقت ۾ ھو اھا ڳالھ عمرڪوٽ جي محلن ۾ ڪندو ۽ کيس وٺي ويندو، پر ان راز فاش ٿيڻ کان اڳ ئي عمر جو پيءُ وفات ڪري ويو ۽ ھاڻي مارويءَ جا ناناڻا واپس ڀالوا آيا. مارويءَ جي ماءُ اھا ڳالھ مارويءَ کي بہ ٻڌائي ھئي، تنھنڪري ھن عمر بادشاھ کي چيو تہ تون منھنجو ڀاءُ آھين ۽ پوءِ عمر سومري ان ڳالھ جي تحقيق ڪرائي ۽ پوءِ ماروي کي پنھنجي ڀيڻ ڪري رئو پارائي کيس ڀالوا موڪليو. ڪي وري لکن ٿا تہ جڏھن عمر سومري جڏھن ماروي اڳيان مات کاڌي تہ ماروي کي واپس ڳوٺ موڪليو پر ڳوٺ جي ماڻھن ماروي تي تھمت لڳائي تہ ھوءَ ھاڻي پاڪ پوتر ناھي پر ماروي باھ مان ٽپي ساک ڏني ۽ سندس مڱيندي ”کيت“ کيس قبول ڪيو پر ڳوٺ وارن پوءِ بہ کيس پنھنجو نہ پئي ڪيو. ان تي عمر سومري ڀالوا تي حملو ڪري ڳوٺ جي ماڻھن کي سيکت ڏيڻ چاھي. پر اھا ڳالھ ماروي کي نہ وڻي ۽ ھن ان کان اڳ ئي اچي کوھ ۾ ٽپو ڏئي آپگھات ڪيو. ڪي وري چون ٿا تہ عمر ڪوٽ مان ورندي ماروي سوچيندي پئي آئي تہ الائي سندس ڳوٺ وارا کيس پاڪ پوتر سمجھن الائي تھمتون ھڻن انڪري ھن کوھ ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو.

    وَرُ سي وَطَنَ ڄائِيون، صحرا سَتُرُ جِنِّ؛
    گولاڙا ۽ گُگِريُون، اَوڇَڻَ اَباڻَنِّ؛
    ويڙهيا گُھمَنِ وَلِيين، جھانگِي مَنجِھ جَھنگَنِّ؛
    مُون کي مارُوئَڙَنِّ، سُڃَّ ڳَڻائِي سيڄَ ۾!

    منهنجي وطن جون اُهي ناريون مبارڪ آهن، جن جو پردو ۽ پناهه برپٽ آهي. منهنجن اباڻن جو ڍڪ ۽ لباس گولاڙا (جهنگ جو ميوو) ۽ گگريون (کونر جا وڻ) آهن. جهنگ جا رهاڪو ”مارو“ ولين ۾ ويڙهيا پيا گهمن (سندن چؤگرد وليون ئي وليون آهن.) مون کي ماروئڙن ڏاج ۾، وڳن جي بدران، سڃ ڳڻي ڏني.
    سامھون ھڪ چونرو نظر آيو جنھن ۾ ڪجھ مقامي فنڪار شاھ لطيف جو راڳ ڳائي ماروي کي ياد ڪري رھيا ھيا. ھڪ ڍولڪ وارو سڀني کان الڳ ٿلڳ ويٺو ھيو. ثقافت کاتي پاران ھتي ھڪ ميوزيم پڻ ٺاھيو ويو آھي جنھن ۾ وڏي پيھ ھئي جنھن ڪري اسان اندر ڪونہ وياسين. ھي واقعو ڪڏھن جو آھي ان بابت ڪي پڪا ثبوت ناھن. ڪي چون ٿا تہ عمر سومري جي حاڪميت 1350ع کان 1400ع تائين رھي آھي. ھن قصي جي حقيت ڇا آھي اللھ ڄاڻي ٿو پر ماروي جي معصوميت ۽ سٻاجهي شڪل اڄ بہ ٿر جي ھر ان عورت نظر اچي ٿي جيڪي پڙا ۽ روايتي ٿري پوشاڪون پائي گهڙا کڻي پاڻي ڀرين ٿيون ... مونکي سڄي ٿر ۾ ھر عورت ۾ ماروي جو روپ نظر پئي آيو. ھن قصي جو تسلسل اڄ بہ موجود آھي، اڄ بہ ڏاڍ آھي، اڄ بہ ترقي جي نالي تي مقامي ماڻھن جا حق صلب پيا ٿين. اڄ بہ عمر مختلف روپن ۾ موجود آهن ۽ اڄ بہ مارويون قيدن ۾ آهن.اسان ٻاھر نڪري گاڏيءَ ۾ ويھون ٿا ۽ ڀالوا جي ڳوٺ مان گذرندي ماروي تي ڪيل شاعري جھونگاريندي روانا ٿيون ٿا.

    مصري شاھ جون سٽون ماروي بابت :

    ويڙهيون وسرن ڪين ڪي ڏهريون ۽ ڏيهي،
    مون جيڏيون ملير ۾ سرهيون سڀيئي،
    ورونهن ڪن ورن سان واريءَ منجهه ويهي،
    پکي منجھه پيهي قصا ڪنديس ڪوٽ جا.
    ****

    ويڙهيون وسرن ڪين ڪي ڏيهي ۽ ڏهريون،
    پهن ساڻ پنوهارن پٽن تي پهريون،
    گھرا گاهه گسن تي لنب مئي لهريون،
    مون جيڏيون مصري چئي ٿرن ۾ ٿهريون،
    سي ڪين ٿين ڪهريون جن قوت ڪکائون سومرا .
    ****

    الست ارواحن کي جڏهن قائم ڪيو قدير،
    قسمت قيدالماءِ جا زوراور زنجير،
    پري ٽري ڪين ڪي تُر هڪو تقدير،
    سيئي ساريم سومرا سرها جتي سرير،
    ويڙهيچن وٿاڻ ڪئا بر منجھه کڻي بير،
    ڪڍ بندياڻي بند مان عمر ڄام اسير،
    ٿرن ٿڌي هير مون من ماروءَ ڄام سين.
    ****

    [​IMG]

    هاڻي اسان ڀالوا کي خدا حافظ چئي ننگر پارڪر طرف روڊ تي مُڙون ٿا ۽ ڪار جي ٽيپ تي هي ڪلام هلي پيو :

    "منھنجو مُلڪ ملير ڪوٽن ۾ آءُ ڪيئن گذاريان"


    تصويرون فيسبوڪ جي ھن لنڪ تي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٿر ننگر جي راھن تي 4 (گوڙي مندر)

    محمد سليمان وساڻ

    ننگرپارڪر جي روپلي ڪولھي گيسٽ ھائوس ۾ رات جو سچل ڳوٺ جي دوست ۽ پرين پياري اشوڪ ڪمار واگهيلا جو فون آيو تہ ”اوھان منھنجي ڳوٺ گوڙي ضرور وڃو مان بابا ۽ ڀاءُ کي چيو آھي، ھو صبح جو انتظار ڪندا.“ اشوڪ سِگا سچل ڳوٺ شاخ جو ميمبر ۽ ڪمپيوٽر جو ڄاڻو آھي. 2001ع ۾ ھن مونکي ڪمپيوٽر سيکاريو ھو ۽ ان وقت 40 ھزارن ۾ مان اسان PentiumP2 ڪمپيوٽر خريد ڪري آيا ھئاسين. اشوڪ اڄ ڪلھ ڪوڪاڪولا ڪمپني ۾ ڪم پيو ڪري. سندس والد ڌن راج ڪراچي ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن ۾ اڪائونٽنٽ جي نوڪري ڪندو ھو ۽ انھن ڏينھن ۾ فيملي کي ڪراچي رھائي ٻارن کي پڙھايو. ڌن راج ماما تاج محمد جو دوست آھي ۽ ماما کيس سچل ڳوٺ ۾ پلاٽ وٺرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ھاڻي سچل ڳوٺ ۾ سندس گھر آھي. ھو ھڪ سٺو سگهڙ ۽ شاعر پڻ آھي. صبح جو اشوڪ جي ڀاءُ رميش جو فون آيو تہ ماني اسان وٽ کائو پر اسان جي ماني اڳ ئي ڪنھن ٻئي دوست وٽ ھجڻ ڪري کيس چيوسين تہ اسان صرف اوھان سان ملاقات ڪنداسين. ايئن اسان ننگر واري روڊ کان گوڙي ڳوٺ طرف ورياسين. گوڙي ڳوٺ ۽ گوڙي مندر سلام ڪوٽ کان ننگر ويندي کٻي ھٿ تي ٽن ڪلوميٽرن تي آھي. اسان گوڙي ڳوٺ پھتاسين جيڪو مٿاھين تي موجود آھي تہ ڌن راج ۽ رميش اڳ ئي اسان جي انتظار ۾ ٻاھر بيٺا ھئا. ھڪٻئي سان ڀاڪرين پئي ملياسين ۽ اندر اوطاق واري چئونري تي ڪچھري ڪئيسين. اتان موڪلائي رميش جي رھبري ۾ گوڙي مندر طرف آياسين.
    گوڙي مندر جي ٻاھران ننڍڙي ديوار ھئي ۽ ٻاھران اڇي ڳاڙھسري رنگ جي پراڻي عمارت گوڙي مندر جي ھئي، جنھن ۾ ھڪ وڏو گبنذ ۽ ٻيا کوڙ ننڍا گبنذ نظر آيا. ٻاھران ھڪ چوکنڊي آھي جنھن مان گذري اندر داخل ٿجي ٿو تہ ٽن طرفن دالان آھن ۽ ھڪ طرف مندر جو ھال آھي. دالان جا پلر پٿر جا آھن جن تي چِٽَ ۽ چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آھي. گبنذ جي گولائي جي ڇت تي سھڻي چٽسالي ٿيل آھي. ٿنڀن تي مورتن جي اُڪر ۽ چٽسالي وڻندڙ آھي جيڪا صدين کان اڃان تائين برقرار آھي. مندر جي ٻاھرين پاسن مان لڳي پيو تہ ھاڻي ڀُري رھيو آھي. ٻاھر ئي ھياسين تہ اندران چمڙن جا چرڙاٽ ۽ آواز پئي آيا. اندر وياسين تہ چمڙن جي بدبوءِ پي آئي تہ آواز بہ تيز .... ايئن پئي لڳو ڄڻ سڄي ٿر جا چمڙا ھتي اچي رھيا آھن. مندر جي ننڍن وڏن گنبذن جو تعداد 52 جي لڳ ڀڳ آھي.
    محترم عبدالقادر منگيءَ جي مُرتب ٿيل ڪتاب ”ٿر“ ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي لکيل مضمون ۾ جين ڌرم ۽ ٿر ۾ موجود جين ڌرم جي مندرن بابت ڪافي معلومات آهي. ميمڻ صاحب لکي ٿو تہ گوڙيءَ جي مندر جي اڏاوت 1376ع ۾ منگهي نالي اوسواڙ ذات جي هڪ دولت مند ڪرائي ۽ هن مندر جي اڏاوت لاءِ پٿر راجستان کان گهرايو ويو هئو. گوڙي مندر لاءِ چون ٿا تہ جين ڌرم وارن جو مندر آھي. جين ڌرم 1500 قبل مسيح کان ھلندو اچي . جين ڌرم جي 24 ڌرم نيتائن مان يارهون نمبر ڌرم نيتا “شري انشا ناٿ” سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو وسڻ هو ۽ ماءُ جو نالو وشني هو. هُن سنڌ ۽ هند جي تمام وڏي پرڳڻي ۾ جين ڌرم جي پرچار ڪئي ۽ ڌرم کي وَڌايائين وِيجهايائين . شري انشا ناٿ وارو دور 1500 سال قبل مسيح وارو زمانو هو جنهن کي اڄ تائين ساڍا ٽي هزار سال گُذري چُڪا آهن. هيءُ جين ڌرم جو وچولو دور هو جنهن مان لڳي ٿو ته موهن جي دڙي واريءَ تهذيب جي پُڄاڻيءَ کان پوءِ سُتت ئي جين ڌرم جو بُنياد پيو ۽ هِن ڌرم جو وڏو اثر سنڌ جي ٿر، لاڙ، گُجرات ۽ راجستان وارن علائقن ۾ رهيو.

    جين ڌرم جا مکيه بنياد:

    · ڪنهن ساهواري کي نه مارجي ۽ نه تڪليف ڏجي.
    · ڪنهن انسان سان ڪا زيادتي (قتل، چوري، زنا ۽ پرماريت وغيره) نه ڪجي نه ڏُکوئجي.
    · ڪنهن بُت، ڪنهن انسان يا ٻيءَ ڪنهن شئي جي پوڄا نه ڪئي وڃي.
    · جين ڌرم موجب ڌڻي انسان جي روح ۾ سمايل لياقتن ۽ صلاحيتن جي تڪميل ۽ اظهار جو ٻيو نالو آهي. جين ڌرم موجب ڪنهن انسان کي ٻئي انسان جي پُوڄا نه ڪرڻ گهُرجي ۽ پنهنجي خواهش کي ضابطي ۾ رکي زندگي گُذارجي. ڪنهن کي ڏُک نه ڏجي.

    ٿر ۾ رھندڙ جين ڌرم جي پوئلڳن جي مختلف علائقن مان مختلف وقتن ۾ وڏي لڏپلاڻ ٿي جنهن ڪري هتان هي لڏي وڃي راجستان ۾ آباد ٿيا آهن جتي هن ڌرم وارا اڳي ئي موجُود هُئا. ٿر جي علائقي ۾ جين ڌرم جا ڪيترائي مندر آهن پر سڀ ويران آهن ۽ سڀ آثارِ قديمہ وارن جي حوالي آهن.
    گوڙيءَ جي مندر جي اڏاوت 1376ع ۾ ٿي ان وقت ۾ هتي جا حڪمران سوڍا هئا ۽ هن مندر جي آخري مرمت 1715ع ۾ ٿي هُئي. اُن کان پوءِ هن جي ڪا بہ مرمت نہ ٿي آهي پر مختلف وقتن تي مندر تي حملا ٿيا آهن ۽ عمارت جي نقش و نگار کي نقصان پهچندو رهيو آهي.
    ٿر جي علائقي ۾ ”پاري ننگر“ ۽ ”ڀوڏيسر“ جين ڌرم وارن جا پهريان شهر هُئا جن لاءِ چيو وڃي ٿو تہ هو هتي راجستان واري علائقي کان اچي آباد ٿيا هُئا ۽ هتي خوبصورت مندر به جوڙايائون ۽ پوءِ هتان سمنڊ پري ٿي وڃڻ ڪري ۽ مختلف حاڪمن جي ڏاڍ ۽ ڏمر کان آهستي آهستي هتان لڏي ويا ۽ آخري جيڪي چند گهر بچيا تہ اُهي بہ 1971ع واري پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ ۾ هتان لڏي ويا ۽ هاڻي سندن سڀ مندر ويران ۽ لاوارث آهن. موجُودہ دور ۾ جين ڌرم وارن جو مرڪز گُجرات وارو علائقو آهي ۽ اُتي آبو جبل جي گرنار واري پاسي ۾ جين ڌرم جا شاندار مندر آهن.
    مندر جي ٻاھران روڊ طرف ھڪ کڏ مٿان پٿر جو ڍڪ رکيل ھيو. رميش ٻڌايو تہ ھتي مشھور آھي تہ ھي ھڪ غار آھي جيڪا ڪاسبي طرف وڃي ٿي ۽ ڪاسبي ۽ گوڙي مندر کي ملائي ٿي. ڪي چون ٿا تہ ھي غار گوڙي ۽ ننگر واري جين ڌرم جي مندر کي اندران ئي اندران مِلائي ٿي.
    ھاڻي گرمي وڌي رھي ھئي ۽ اسان کي اڳتي بہ وڃڻو ھيو. تصويرون ڪڍرائيندي ڳوٺ جي استاد جبار وساڻ ۽ علي رضا وساڻ سان پڻ ملاقات ٿي جيڪي ٿر گهمڻ آيا ھئا. اسان ھاڻي رميش کان موڪلائي تاريخي مندر تي آخري نظر گهمائي واپس ننگر واري روڊ ڏانھن مُڙون ٿا.

    (حوالا: عبدالقادر منگي جو ڪتاب ۽ عنايت کٽياڻ جو ايڪتا ۾ گوڙي مندر تي لکيل ليک)


    تصويرون فيسبوڪ جي ھن لنڪ تي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ٿر ننگر جي راھن تي 5 (ننگرپارڪر ۽ ڪاسبو)


    محمد سليمان وساڻ

    ٿرپاڪر جو اھو نالو اصل ۾ ٻن لفظن جو ميلاپ آھي ھڪ ٿر جيڪو ڀٽن ۽ واريءَ جي دڙن تي مشتمل سوين ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي ۽ ٻيو آھي پارڪر جيڪو پٿريلو ۽ ڪارونجهر جبل جي دامن ۾ موجود آھي.
    ”قديم وقت ۾ پارڪر واري ڀاڱي ۽ ڪڇ جي مُلڪ جي وچ ۾ بيٺل ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي هوندو هو. جنهن کي ”کاري“ چوندا هئا. ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ اها کاري پار ڪرڻي پوندي هئي. جنهن ڪري چوندا هئا پارکاري يا پار اُڪر، جنهن مان ڦري ٿيو پارکار ۽ پوءِ نالو پيو پارکر يا پارڪر. ٿر ۽ پارڪر وارو ٽڪر، ٿرپارڪر ضلعي ۾ سنڌ جي ڏکڻ- اڀرندي ڪنڊ تي آهي. ڪن بيانن موجب چوڻ ۾ اچي ٿو تہ پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي پهڻ يا پٿر جو ملڪ. ڇاڪاڻ جو هن ڀاڱي ۾ چوڌاري ننڍا ننڍا ٽڪر آهن باقي وچ ۾ ننگر پارڪر شهر وٽ ڪارونجهر ٽڪري آهي. (حوالو: تاريخ ريگستان، رائچند ھريجن)
    ننگر پارڪر کي ھن وقت تعلقي جي حيثيت آھي ۽ هن وقت آبادي هڪ لک ويهه هزار آهي جنهن ۾ ٽيهه هزار مسلمان ۽ نوي هزار ٻين ڌرمن وارا آهن. ننگرپارڪر ۽ ڀوڏيسر جو ڳوٺ ڪارونجهر جي دامن ۾ موجود آھي ۽ ھتي ڪيترائي ننڍا ننڍا تلاءُ ٺاھيا ويا آھن جيڪي تراين جو ڪم ڏين ٿا. ننگرپار ايندي ويراواھ وٽ موجود رينجرز جي چوڪي تي اسان کان شناخت ڪارڊ وٺي نالن جي داخلا ڪئي وئي ۽ ھڪ ٽوڪن ڏنو ويو جيڪو واپس ويندو جمع ڪرائڻو ھيو. ڀالوا کان ٽپي اڳتي اچجي ٿو تہ پري کان ڪارونجهر جبل نظر اچي ٿو. روڊ جي پويان ڪارونجهر جبل ۽ مٿان ڪڪر خوبصورت لڳي رھيا ھيا. ڪارونجهر جبل گرينائيٽ جي قيمتي پٿرن ۽ ٻين معدنيات سان مالامال آھي. ننگرپارڪر جو نالو جڏھن بہ سامھون ايندو آھي تہ روپلو ڪولھي، مسڪين جھان خان کوسو ۽ چاچو نواز کوسو ياد ايندا آھن. ٽنھي جي پنھنجي الڳ سڃاڻ آھي. روپلو ڪولھي وطن لاءِ وڙھندي ڦاھيءَ چڙھي ويو پر غدار نہ ٿيو، ھن انگريز فوج پاران زر ۽ زمين جي لالچ کي اڇلائي وطن تان سر قربان ڪري ڇڏيو ۽ تاريخ ۾ امر بڻجي ويو. مسڪين جھان خان کوسو سنڌ ۽ پارڪر جي تاريخ جو وڏو سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آھي. نواز کوسو وڏو سگهڙ ۽ ٿر جي انسائيڪلوپيڊيا طور مشھور ھو.
    ننگرپارڪر کان ڪاسبي تائين وڻڪار گهڻي آھي، خاص ڪري نمن جا وڻ. ننگرپارڪر جين ڌرم ۽ ھندو ڌرم جي مندرن جي ڪري بہ مشھور آھي. پارڪر ۾ راجپوتن، سومرن ۽ سوڍن جا مختلف حڪومتي دور رھيا آھن، جن جو ھتي ذڪر ڪرڻ مناسب ناھي. ان بابت اوھان تاريخ جي ڪتابن ۾ پڙھي سگهو ٿا.
    ننگرپارڪر پھچندي پھچندي موسم مھربان ٿي چُڪي ۽ شام جي پھر ۾ ٿڌڙي ھوا ۽ مينھن جي ھلڪي ڦڙ ڦڙ ماحول کي رنگين بڻائي ڇڏيو ھو. ڪارونجهر جي دامن جا نظارا پسيندي اسان ننگر پھتاسين. ھڪ دفعو وري رينجر جي چوڪي تي اسان کي داخلا ڪرائڻي پئي. ۽ اسان ننگر شھر جي بازار ٽپي ڪاسبي واري روڊ تي گاڏي لاڙي ڇڏي. اڳيان ئي ھڪ ھنڌ ساڄي پاسي جبل جي دامن ۾ بند ٻڌي تلاءُ جوڙيو ويو ھو سو ماڻھن جي رش ڏسي اسان بہ لھي پياسين. مٿي چڙھي جبل جا نظارا ۽ پري پري تائين نظر ايندڙ ساون ٻنين ۽ فصلن جا نظارا ڏسي دل خوش ٿي وئي. اسان کان ٿورو اڳ ئي ھتي سٺو مينھن وسي ويو ھو. تلاء ۾ پاڻي گھڻو نہ ھو، پر بند تان ٻنين جو نظارو من موھيندڙ ھيو. اسان وري واپس گاڏين ۾ ويٺاسين ۽ ڪاسبي طرف روانا ٿياسين. روڊ تي ٿري ڳئن جا وڏا ڌڻ واپس وري رھيا ھئا، وڏن سڱن وارا ڏاند ۽ ڳئون ... انھن سان گڏ ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ ..... جيئن تيئن ڪري وڏي مشڪل سان رستو پار ڪري اڳتي پئي وڌياسين پر اھڙا ڪيئي ڌڻ اوٽ موٽ ۾ مليا. ھن دفعي ٿرين جو مال خوش پئي لڳو ۽ ماڻھو بہ خوش نظر پئي آيا. اسان ھاڻي ڪاسبي پھچي وياسين.
    ڪاسبو ٿرپارڪر ۾ الڳ ئي سڃاڻ رکي ٿو . سڄي ٿر ۾ پاڻي کارو پر ھتي ڪاسبي ۾ صدين کان مٺو. فصل اھڙا سٺا ڄڻ اسان خيرپور جي پڪي ۾ پيا گھمون، خاص ڪري تِرن ۽ ٻاجهريءَ جا فصل واھ جو ٿيا آھن. ڪاسبي ۾ ھونئن بہ سوين ايڪڙ زمين تي کوھن جي پاڻيءَ ذريعي پوک ڪئي وڃي ٿي.
    ھندستان جي بارڊر کان چار ميل اڳ ۾ ھڪ ھزار گھرن تي مشتمل دل لڀائيندڙ نظارن ۾ موجود ڳوٺ ڪاسبو ۾ اڪثريت آبادي مينگهواڙن جي آهي. ڪاسبي ۾ ”صوفي سَنت بابا شري راما پير“ جو مندر آهي جتي روزانو سوين سياح ۽ عقيدتمند اچن ٿا. ڪاسبي ۾ چار سئو سال پراڻو راما پير جو مندر آھي جيڪو چئن ايڪڙن تي ڦهليل آهي. هتي نابين ڳائيندڙ يوسف فقير جا آلاپ ۽ مندر جي ٿلھي تي ويھي فقير ڪبير جا دوها ٻڌڻ لاءِ ماڻھو وري ڪاسبي جو رُخ ڪندا آھن. ڪاسبي ۾ مور جام ملن ٿا جيڪي جڏھن نچن ٿا ايئن لڳي ٿو ڄڻ آسپاس جو ماحول پڻ نچي ٿو. راما پير جي مندر جي ٻاھران وڏي پيڙھ لڳي پئي آھي، جن مان گهڻا ماڻھو گهمڻ آيل آھن. اسان گھاٽن وڻن جي ھيٺان گذرندي مندر جي گيٽ تي تصويرون ڪڍي فقير جي راڳ لاءِ تياري ڪيون ٿا پر ماما تاج محمد چوي ٿو تہ موٽي ڪارونجھر ھلون جٿان سج لھڻ جا منظر ڏسون .... اسان کي بہ ڳالھ وڻي سو واپسي جي تياري ڪيون ٿا. ٻاھر ميدان ۾ ڪيترائي نوجوان ۽ پوڙھا جڙي ٻوٽـيون پيا وڪڻن ۽ اسان کي پڪو گراھڪ سمجهي ٻوٽين جا فائدا خاص ڪري جنسي طاقت جي فائدن تي زور ٿا ڏين ... اسان جان ڇڏائي، مور ڏسڻ لاءِ ماڻھن کان پرڀرو ٿي وڻن طرف وڃون ٿا. ڪجه مور وڻن تي نظر آيا ۽ ڪجھ ھيڏي ھوڏي گهمندي نظر آيا. هن مندر کان ڪجه مفاصلي تي ٻہ ٻيا مندر پڻ آھن هڪ نانگ ديوتا جو مندر ۽ ٻيو ماتا جو مندر. ھن وڏي ۽ سھڻي آبادي ڪاسبو اڃا تائين بجلي ڪانہ پھتي آھي.
    اسان ھاڻي واپس ننگرپارڪر لاءِ روانا ٿيون ٿا. وري ڳئن جا وڏا ڌڻ آھن، روڊ جا ٻئي پاسا ساوا فصل ۽ پري تائين ساواڻ نظر اچي ٿي. اسان واپس ننگرپارڪر پھچي پراڻي رحمڪي بازار مان گذرون ٿا جنھن جي ڇت ٺڪر جي آھي. شھر ۾ ماڻھن جي رش ناھي. ايئن سامھون ڪارونجهر جي ھنج ۾ جين ڌرم جو پراڻو مندر نظر اچي ٿو. ايئن پيو لڳي ڄڻ ھي مندر جلد ڊھي ويندو پر ماڻھو چون ٿا تہ سالن کان ھي مندر ايئن ئي آھي. ھي ان وقت جي خوبصورت ترين مندرن مان ھڪ ھوندو. ڇا تہ مورتيون ٺھيل اٿس، ڇا تہ اُڪر جو ڪم ٿيل اٿس، مورتيون تہ ڏسو، ڪٿي مور، ڪٿي ڪوئو، ڪٿي ھاٿي، ڪٿي شينھن ... ھي پراڻو مندر عمارت سازي جو شاھڪار آھي. سڄو پٿر جو ٺھيل آھي. مندر جو مک دروازو تمام خوبصورت ٺھيل آھي ننڍي ورانڊي مان حال ۾ داخل ٿجي ٿو جنهن جي ڇت تي گول گنبذ آھي حال مان آخري چورس ڪمري جو در آھي جنهن ۾ اڳ بت رکيل هوندو هئو. هن ڪمري جي مٿان ڊگهو چوٽيارو گنبذ آھي، جنهن جي چئني پاسن تي پڻ مورتيون، شينهن ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جا ننڍا ننڍا مجسما ٺهيل آهن جنهن ڪري هي ڊگهي چوٽيءَ وارو گنبذ تمام خوبصورت نظر اچي ٿو ۽ پٿر تي نقش نگاري جي ڪاريگريءَ جو هڪ نادر نمونو آهي. اسان ڪجھ تصويرون ڪڍي واپس گاڏين ۾ ويھي سامھون واري روڊ ذريعي ڪارونجهر جبل ۾ داخل ٿيون ٿا.

    [​IMG]

    تصويرون فيسبوڪ جي ھن لنڪ تي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو