ماضيء جو آئينو؛ شائزي ليزي اسٽريٽ،انقلاب فرانس ۽ پاڪستان!

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    662
    ورتل پسنديدگيون:
    632
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ”شائزي ليزي“ جو جڏهن نالو ورتو وڃي ٿو ته ترت پيرس طرف نگاهه وڃي ٿي جيڪو فرانس جي گاديء جو هنڌ آهي.شائزي ليزي دنيا جي خوبصورت ۽ مهانگي ۾ مهانگي شاهراه آهي.اها سڙڪ سوين سال اڳ فرانسسي بادشاهن پيرين پنڌ وڙڪڻ لاء جوڙائي هئي.اها سڙڪ فرانسسي ڪاريگرن ننڍا ننڍا پٿر ملائي مڪمل ڪئي هئي ۽ اهي پٿر اڄ تائين قائم آهن.شائزي ليزي دنيا جي پهرين فيشن اسٽريٽ به سڏائي ٿي.دنيا جا مهانگن ترين برانڊ جا شو روم،ريسٽوران،فيشن اسٽورز ۽ پوري دنيا جي خوبصورت يادگار شين جو اتي ڍير لڳل آهي.اها سڙڪ ”پلاس ڊي لاڪنڪورڊ“ کان شروع ٿئي ٿي ۽ سڙڪ جي وچ ۾ سڀ کان وڏو چوڪ آهي جنهن جي بلڪل وچ تي هڪ مخروطي ٿنڀو آهي جيڪو هزارين سال اڳ مصري ڪاريگرن تراشيو هو.مصر ۾ فرعون جي حڪومت هوندي هئي.هي اهو ئي فرعون آهي جنهن حضرت موسيٰ عليه السلام جي دور ۾ خدائيء جي دعويٰ ڪئي هئي.حضرت موسيٰ سان سندس مقابلو ٿيو ۽ هو پنهنجي فوج سميت نيل دريا ۾ غرق ٿي ويو ۽ اڄ تائين ان فرعون جو لاش مصر جي ميوزيم ۾عبرت لاء محفوظ آهي.جڏهن اهو ٿنڀو مڪمل ٿيو ته ڪاريگرن وقت جي حاڪم جي وزير قانون جي حڪم تي اهو شهنشاه معظم جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو،فرعون ڪاريگرن جي ان تمغي تي گھڻو خوش ٿيو ۽ هن اهو ٿنڀو پنهنجي ايوان صدر سامهون نصب ڪرائي ڇڏيو پر وقت بدليو ۽ فرعون تي زوال جو لمحو آيو ته هو ۽ سندس سلطنت ٽڙي پکڙي ويا ۽ سندس سموري طاقت،اختيار ۽ سمورا ايل ايف او ۽ اين آر او واريء ۾ دفن ٿي ويا.اوڻهين صديء ۾ مصري صحرائن ۾ فرعون جي قديم آثارن جي دريافت ٿي ته اهو ٿنڀو به ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پيل مليو.اهو ٿنڀو هڪ ڊگھي عرصي تائين مصري حاڪمن جي تحويل ۾ رهيو.مصري بادشاه محمد علي پاشا پنهنجي آقا کي سلام ڪرڻ جي ارادي سان پيرس جي سرڪاري دوري تي آيو هو اهو ٿنڀو به گڏ کڻي آيو.آقا ”ڪنگ لوئي“ جي خدمت ۾ اهو قيمتي ٿنڀو نذراني طور پيش ڪيو.بادشاه اهو ٿنڀو پيرس جي سڀ کان وڏي چوڪ ۾ لڳرائي ڇڏيو ۽ ان چوڪ کي ان ٿنڀي جي نسبت سان ”پلاس دي لاڪنڪورڊ“ جو نالو ڏنو ويو ۽ اهو ٿنڀو اڄ تائين اتي موجود آهي ۽ انهيء تي قديم مصري زبان ۾ اڪريل اهي سمورا قصيدا به موجود آهن جيڪي پنج هزار سال پهرين اسان جي بجيٽ بنائڻ وارن تخليق ڪيا هئا پر افسوس جو دنيا جا ماهر اڄ تائين لاڪنڪورڊ جي ٻولي ”ڊي ڪوڊ“ ناهن ڪري سگھيا پر اسان کي يقين آهي ته جيڪر دنيا کي ڪڏهن ڪنڪورڊ جي زبان سمجهه ۾ اچي ويئي ته ان تي لکيل شيون ڪجهه هن طرح هونديون؛ ” پنهنجن مفادن لاء يو ٽرن وٺڻ ذهانت جي نشاني،پنهنجن سياسي مخالفن کي ملڪ جي سمورين برائين جي پاڙ قرار ڏيئي پنهنجن ناڪامين تي پردو وجھڻ،اين آر او نه ڏيڻ جو نعرو لڳائي پنهنجي اقتدار کي ڊيگھه ڏيڻ ڪاميابيء جو راز آهي.غريب ۽ بکي رعايا جو فرض آهي ته اکيون بند ڪري انهن جي انهن حڪمن جي پيروي ڪري ۽ ڪابه عدالت انهن جي ڪنهن به ڏوهه تي کين عدالت ۾ نٿي گھرائي سگھي وغير وغيره“

    شانزي ليزي جي آخري ڪنڊ تي ”آرڪ ڊي تري اونف“ آهي جيڪا ٻارهن دري قسم جي هڪ عمارت آهي پر ان جا صرف چار دروازا آهن ۽ نيپولين بونا پارٽ جي سوڀن ۽ ڪاميابين جي مڃتا ۾ جوڙي ويئي هئي.ان عمارت جي عين وچ ۾ ڪنهن نامعلوم سپاهيء جي ياد ۾ هڪ مشعل روشن آهي.اها مشعل گذريل سال کان لاڳيتو ٻري رهي آهي ۽ فرانس جا سمورا فوجي ان جڳهه تي پهچي مٿي تان ٽوپي لاهيندا آهن ۽ انهن فرانسسي سپاهين کي سلام ڪندا آهن جن پهرين عظيم جنگ ۾ پنهنجي وطن لاء جانيون قربان ڪيون هيون.انهيء چوڪ کي هڪ ٻي به انفراديت حاصل آهي جو پيرس جون ٻارهن سڙڪون ان آرڪ کان شروع ٿين ٿيون ۽ انهن سڙڪن ۾ ”شاهراه جمهوريت “ به شامل آهي.پنجاب جي انگريز گورنر سر لائيل به شايد ان سڙڪ کان متاثر ٿي پنجاب جي مشهورزرعي شهر ”ساندل بار“ جو نقشو برطانيا جي جھنڊي کي ڏسي ترتيب ڏنو هو جتي اڄ به فيصل آباد (لائلپور) جون اٺ بازارون گهنٽه گھر اچي هڪ ٻئي سان گلي ملن ٿيون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ارڙهين صديء جي آخر ۾ جڏهن فرانس ۾ انقلاب آيو ته پيرس جي انقلابين انهيء هنڌ تي گلوٽين لڳائي ڇڏي هئي ۽ انهيء چوڪ تي روزانو ڏيڍ سو کان ٻن سون تائين اشرافيا،حڪمرانن ۽ سياستدانن جا سر قلم ڪيا ويندا هئا.انقلابي پيرس جي مختلف چوڪن تي بيهي رهندا هئا ۽ کين جنهن به شخص جا هٿ نرم ڏسڻ ۾ ايندا هئا ،جنهن جي به جسم مان عطر ۽ صابڻ جي خوشبوء ايندي هئي ۽ جنهن جي به تازو شيو بنايل هوندي هئي ان کي گرفتار ڪري سرسري عدالتن ۾ سندس خلاف ڪيس هلايو ويندو هو ۽ کيس گلوٽين هيٺان ليٽائي سندس سر ڪپيو ويندو هو.جڏهن به ڪو اتان اڄ به گزري ٿو ته سندس ذهن ۾ اهو خيال اڀري ٿو ته ان آرڪ هيٺان فرانس جي ڪيتري ئي اشرافيا جو خون موجود آهي جن عوام جي لاء ماني حاصل ڪرڻ به مشڪل بنائي ڇڏي هئي.جنهن ڪنهن اڻ چونڊيل وزير خزانه کي راند رهڻ جي پوري اجازت ڏيئي رکي هئي ۽ وقت جو حاڪم ماڻهن کي صبر جي تلقين ڪري رهيو هو.هي فرانس جي تاريخ جو اهو دور هو جنهن ۾ سول ادارن جي سربراه بادشاه اڳوڻين حڪومتن جي وزيرن ۽ مشيرن کي پنهن جي ڪابينا ۾ شامل ڪري سڀ معاملا انهن جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا.بادشاه پيرس جي ڳوٺاڻي علائقي”وارسائي“ ۾ محلات جوڙائڻ جو فيصلو ڪيو ته هن پنهنجي وزير خزانه کي گھرايو ۽ حڪم ڏنو ته هي محلات توکي جوڙائڻو آهي.وزير خزانه حڪم اڳيان سر جھڪايو ۽ عوام جو رت نپوڙي ڪاريگرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ڪاريگرن وارسائي ۾ دنيا جو سڀ کان وڏو محل بيهاري ڇڏيو.اهو محلات اڄ تائين قائم آهي،اهو ”شتودي وارسائي“ سڏائي ٿو۽ ان جي درن ۽ ديوارن مان عوام جي رت جي بوء اچي ٿي.اوهان کي اهو ڄاڻي شايد حيرت ٿيندي ته انقلاب فرانس جو بنياد عدالت جي هڪ فيصلي رکيو هو.ارڙهين صديء جي آخر ۾ جڏهن ماڻهن وٽ اٽو ختم ٿي ويو هو ۽ اهي محل جي سامهون بيهي اٽي جي لاء رڙيون ڪري رهيا هئا ته ان وقت نئين پرڻيل راڻيء کين مانيء جي بدران ڪيڪ کائڻ جي صلاح ڏني هئي.ٺيڪ ان وقت فرانس جي عدالت ۾ اهو ڪيس هلي رهيو هو ته بادشاه جو هر فرمان قانون آهي ۽ فرانس جي ڪنهن به اٿارٽيء وٽ ان کي رد ڪرڻ جو اختيار نه آهي.جنهن وقت ماڻهو پيرس جي گھٽين ۾ اٽو اٽو پڪاري رهيا هئا ٺيڪ ان وقت فرانس جي سپريم ڪورٽ اعلان ڪري ڇڏيو هو ته بادشاه کي زمين تي خدا جا سمورا اختيار حاصل آهن ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کان اهي اختيار واپس نٿي وٺي سگھي.ان حڪم جي ٻئي ڏينهن بادشاه جي هڪڙي چمچي هڪ مالهيء کي ”آرڪ ڊي تري اونف“ واري هنڌ ڪوڙا لڳائڻ شروع ڪيا.ماڻهن روڪيو ته چمچي کيسي مان بادشاه جو حڪمنامو ڪڍي ڏيکاريو.ان حڪمنامي مطابق شاهي اهلڪار ڪنهن به شخص کي ڪنهن به هنڌ ڪا به سزا ڏيئي سگھيا ٿي جنهن جي باري ۾ شڪ هجي ته هو امن امان ۾ نقص جو سبب بڻجي رهيو آهي.اهو مالهي شاهي اهلڪار جي مار برداشت نه ڪري سگھيو ۽ هن ماڻهن سامهون دم ڏيئي ڇڏيو.ميڙ مان هڪ پٿر آيو۽ سڌو شاهي اهلڪار جي مٿي تي لڳو.هن ڪاوڙ مان هجوم کي گاريون ڏنيون ۽ پنجن منٽن بعد ان چوڪ ۾ ان اهلڪار جو لاش پيل هو.اهو اهلڪار ان انقلاب جو پهريون شڪار هو.ان جي لاش مان ماڻهن کي معلوم ٿيو ته ظالم به آخر نيٺ انسان ئي هوندو آهي ۽ انسانن جي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ ڪو لوهي پردو موجود ناهي هوندو.بس اهو معلوم ٿيڻ جي دير هئي پوري فرانس ۾ باه لڳي ويئي ۽ ماڻهن ظالمن جا لاش وڇائي انهن تي نچڻ شروع ڪري ڏنو.اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن، فرانس ۾ ان کان پوء ڪنهن به ”ڪنگورڊ“ بڻجڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.جيڪر ڪو ”آرڪ ڊي تري اونف “ جي ڇت تي بيٺل هجي ته ان جي پيرن ۾ شانزي ليزي وڇايل هوندي آهي.سڄو پيرس روشنين ۾ وهنجاريل نظر ايندو ۽ اوهان فرانس جي هڪ خوبصورت ۽ پراسرار شام جو مزو وٺي سگھو ٿا جتي وڻندڙ موسم ۾ آڪاش تي ڪڏهن ڪڏهن اوهان کي ڳاڙهاڻ جا آثار به نظر ايندا.انهيء پوري قصي کي ذهن ۾ رکندي جيڪر اندازو لڳائجي ته پاڪستان ۽ فرانس ۾ ڪهڙو فرق آهي ته محسوس ٿيندو ته پاڪستان 1780ع جو فرانس آهي.اهي ئي مسئلا،اهو ئي ظلم،جبر،گھڻي ۾ گھڻا اختيار حاصل ڪرڻ جو اهو ئي حرص،اهي ئي مفاد پرست ۽ خوڊشامدي سياستدان،قانون،آئين ۽ ضابطن جي اها ئي ڀڃڪڙي،اها ئي سنگدلي،هٽ ڌرمي ۽ پنهنجو پاڻ کي ضروري ۽ ناگزير سمجھڻ جو اهو ئي ضد،اها ئي انا،تڪبر ۽ وڏائي ۽ پنهنجو پاڻ کي عقل ڪل تسليم ڪرائڻ جون ڪوششون،عوام جي اها ئي بيچيني،اهو ئي غصو،ڪاوڙ ۽ شدت،ملڪ ۾ اها ئي مهنگائي ۽ بيروزگاري ۽ اٽي جي اها ئي کوٽ،ميڊيا تي اها ئي ڏنڊي بازي ۽ نظام جي اها ئي ڀڃ ڊاهه،سياسستدانن جي اها ئي بندر بانٽ،اهي ئي ڊيلون،معاهدا ۽ اين آر او،اهي ئي پنهنجي گڏيل مفادن لاء منظور ٿيندڙ متفقه ٺهراء ۽ اهي ئي سمجھوتا،مصلحتون ۽ ميثاق،حڪمرانن جا اهي ئي چمچا ۽ سندن اهي ئي چمچا گيريون ۽ چاپلوسيون.شايد انهن مان ڪنهن به انقلاب فرانس مان ٽڪي جو سبق ناهي سکيو! لڳي ٿو ته 1780ع واري فرانس ۽ اڄ جي پاڪستان ۾ ڪو به فرق ناهي رڳو ماچيس جي هڪ تيلي اڇلائڻ،هڪڙي لاش جي تڙپڻ ۽ هڪڙي پٿر کڄڻ جي دير آهي ۽ عوام سموريون حدون اورانگھي سگھي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو