ڀوڏيسر بابت

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڀوڏيسر بابت محقق ابوبڪر شيخ جو تاريخي ليک. پنهنجي اخبار جي ٿورن سان.
    هن وقت ڪارونجهر جي هنج ۾ ننگرپارڪر شهر ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڳوٺ آباد آهن، پر ماضيءَ ۾ ڪارونجهر جبل هن ٻيٽاري لاءِ هڪ ديوار جو ڪم ڪندو هو، تنهن زماني ۾ ان ديوار جي اوڀر ۾ “ڀوڏيسر جاگير” جو هڪ ننڍو خوبصورت ۽ واپاري شهر آباد هو جتي جين ڌرم جي پوئلڳ اوسواڙن جو واپار پنهنجي جوڀن تي هو، انهيءَ واپار جي ڪري خوشحالي جون انيڪ ولون هن شهر جي گهٽين ۾ ڦٽيون ۽ نتيجي ۾ ڪيترين ڪهاڻين ۽ ڪٿائن جا گل ٽڙيا … هاڻي انهيءَ ماڳ تي ڀوڏيسر جي ڪا جاگير ته ڪو نه ٿي وسي، بس ماڻهن جي ڳالهين ۽ ڪتابن جي ورقن ۾ انهيءَ جاگير متعلق ماضيءَ جي خوبصورت ڏينهن جون يادون ۽ قصا پڙهڻ لاءِ ملي ئي ويندا.
    توهين جڏهن اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر طرف سفر ڪندي جڏهن پاري ننگر جي ويجهو پهچو ٿا ته، واريءَ جون ڀٽون اوهان کان ڄڻ ناراض ٿي گم ٿي وڃن ٿيون، انهن ڀٽن جي جاءِ تي زرخيز مٽيءَ جي هڪ چادر نظر جي حد تائين ڪنهن ڪپڙي جي تاڪئي وانگر وڇائجي ٿي وڃي، جتي واريءَ جون ڀٽون ختم ٿين ٿيون، اتان ٻه رستا نڪرن ٿا، جيڪڏهن توهان اوڀر طرف ويندڙ رستو وٺندا تو ٿورو هلڻ کانپوءِ پاري نگر جي قديم يادگيرين سان آباد هڪ ننڍڙي وستي نظر ايندي، اتي ٻيو گهڻو نه تڏهن به اوهان کي ڪڙڪ کير پتي چانهه ضرور ملي ويندي، ان وستيءَ کان به اوڀر طرف وڃو ته اتي پاري نگر جي قديم بندرگاهه جا نشان آهن ۽ جين ڌرم جا مندر آهن جيڪي هڪ ڊگهي عرصي کان ويران آهن ۽ ان ويرانيءَ کي ديويءَ جا ڪنڊن وارا وڻ وڌيڪ ويران ۽ اڪيلو بڻائين ٿا.
    پاري نگر جي قدامت ۽ ان جي واپاري اهميت ۽ سحر انگيز حقيقتن جو ذڪر وري ڪنهن ٻئي ڀيري، هن ڀيري انهيءَ ٻه واٽي تان اولهه ڏکڻ طرف نڪرندڙ رستي ۽ ننگرپارڪر کان پهرين ايندڙ قديمي ماڳ “ڀوڏيسر جاگير” جي قديم ماڳ جا مهمان آهيون. اڄ کان 15 سئو سال پهرين جڏهن اڃان موجوده ڪڇ جي رڻ جو تصور به ڪو نه هو بلڪه اتي سمنڊ ڇوليون هڻندو هو ۽ هي اهو زمانو هو جڏهن پارڪر هڪ ٻيٽ هو ۽ پاري نگر هڪ مشهور ۽ چاليهه هزار آبادي رکندڙ هڪ مصروف واپاري بندرگاهه هو.
    پارڪر جي تاريخ تي وڏو تحقيقي ڪم ڪندڙ منگهارام اوجها لکي ٿو ته “ڇهين صدي عيسويءَ ۾ جڏهن هانسي پنهنجو گادي جو شهر پاري نگر کي بڻايو ته هن جي ٻئي ڀاءُ “ڀدريشر” (ڀوڏو) هن جاءِ (جنهن کي هاڻي ڀوڏيسر سڏيو وڃي ٿو) تي وستيءَ جا بڻياد رکيا، جيڪا اڳيان هلي “ڀدريشر نگري” جي نالي سان مشهور ٿي. هتي ڪجهه راجپوتن جا خاندان به آباد هئا پر وڌيڪ آبادي جين ڌرم سان تعلق رکندڙ اوسواڙن جي هئي جن جو تعداد 3 هزار خاندانن کان وڌيڪ هو. اهي جيئن ته واپاري هئا، ان لاءِ راڻي ڀوڏي کي ڏن به ڏيندا هئا”.
    ڀوڏي به انهن لاءِ وسان ڪو نه گهٽايو، پيئڻ جي پاڻي جي سهولت لاءِ آبادي جي اولهه ۽ ڪارونجهر جبل جي اوڀر طرف تلاءُ جوڙايو، چيو وڃي ٿو ته انهيءَ تلاءُ جو ترو ٽامي جو وڌو ويو پر تلاءُ ۾ ٺهڻ وقت ڪٿي ڪا غلطي ضرور ٿي جو تلاءُ ۾ برسات جو پاڻي نه بيهندو هو. آخر ڊگهي سوچ ويچار کانپوءِ جوتشين جو ڪٺ ٿيو ۽ انهن مسئلي جو حل اهو ڳوليو ته، جيستائين راڻو ڀوڏو پنهنجي ڪنهن انتهائي پياري شئي جي قرباني نه ڏيندو، تيستائين مسئلو حل ٿي نه سگهندو. آخر ڊگهي سوچ کانپوءِ ڀوڏي پنهنجي پياري پٽ نارنسنگهه جي ٻلي ڏني، ڀڳوان ٻلي قبول ڪئي ۽ تلاءُ مان پوءِ برسات جو پاڻي ڪڏهن به ڪو نه نڪتو ۽ هن وقت تائين اهو تلاءَ جل ٿل آهي.
    ڀوڏي جي ديهانت کانپوءِ گووندرام گادي سنڀالي، انهيءَ کانپوءِ سندس پٽ راڻا چندن تخت تي ويٺو جنهن جيسلمير جي مهاراجا جي ڌيءَ سان شادي ڪئي، جنهن جي ذات ڀٽي هئي. ڪٿائون اهو ٻڌائين ٿيون ته ٻنهي زال مڙس ۾ ڪمال جي حد جو عشق هو، پر وقت سان گڏ انهن ۾ ڪجهه غلط فهمين جنم ورتو جنهن تان ڪنوار ڪاوڙجي پاڻ کي باهه ۾ اڇليو ۽ پنهنجي سچي نينهن جو ثبوت ڏنائين. راڻا چندن سندس ياد ۾ ڪا ندي ته ڪو نه کوٽرائي البته ڪارونجهر جي اولهه طرف کان وهندڙ ندي جو نالو “ڀٽياڻي ندي” ضرور رکيو، جيڪو هن وقت تائين به قائم آهي.
    سلطان محمود غزنوي 1030ع ۾ هي جهان ڇڏيو، سندس جهان ڇڏڻ کان 6 سال پهرين يعني 1024ع ۾ جڏهن سومنات جي مندر تي حملو ڪيو هئائين ته ان وقت ڀوڏيسر ته هو پر ڪڇ جي رڻ جو ڪو نالو نشان ڪونه هو ۽ اتي سمنڊ ڇوليون هڻندو هو. محمود غزنوي انهيءَ حملي کان موٽندي ٻه ڏينهن ڀوڏيسر ۾ رهيو هو. انهيءَ کان ٻه سو سال پوءِ يعني 1226ع ۾ آيل هڪ زلزلي جي نتيجي ۾ موجوده ڪڇ جي رڻ واري زمين مٿي ٿي، سمنڊ پريان هليو ويو ۽ اهڙي ريت اهو ڪڇ جو رڻ نڪري نروار ٿيو … سمنڊ جي ناراض ٿي وڃڻ ڪري هلندڙ واپار تي انتهائي منفي اثر مرتب ٿيا. پاري نگر جيڪا انتهائي اهم بندرگاهه هئي اها هن اٿل پٿل ڪري ويرانيءَ جي ور چڙهي ويئي. چون ٿا ته پاري نگر جا ٻه وڏا واپاري “ڪاجل شا” ۽ “بجل شا”، لڏي اچي هتي ڀوڏيسر وستيءَ ۾ ويٺا. پر سوڍن ۽ اوسواڙن جي تڪرارن سبب هن وستيءَ تان ملوڪ ڏينهن موڪلائي ويا. ڪيترائي اوسواڙا ڪڇ ۽ گجرات لڏي ويا، جيئن ته هيءَ هڪ واپار ڪندڙ قوم هئي، جن جو هتان لڏي وڃڻ ڪو چڱو سوڻ ڪو نه هو. ڀوڏيسر جي تلاءُ سان لاڳاپيل “هوٿل پري ۽ ڄام اڍي” جو عشقيه داستان به آهي، جنهن جي سنڌي لوڪ ادب ۾ وڏي اهميت آهي، رچرڊ برٽن انهيءَ داستان کان ايترو متاثر نظر اچي ٿو جو لکي ٿو ته؛“هي پنهنجي زماني جو انتهائي خوبصورت عشقيه داستان آهي، هوٿل پري ۽ ڄام اڍي هن تلاءُ جي ڪناري ۽ ڪارونجهر ۾ ضرور ڪجهه سال گذاريا هوندا…”
    محمود شاهه ٻيگڙي ۽ هتي جي سوڍن ۾ جنگ هن قديم تلاءُ جي ڪنارن تي ئي لڳي هئي. گجرات جي پهرينءَ مسلمان حڪمران مظفر شاهه کي سندس ئي پوٽو احمد شاهه 1410ع ۾ زهر ڏيئي مارائي پاڻ گجرات جو حاڪم ٿي ويٺو. احمد آباد شهر جو بنياد ان احمد شاهه پنهنجي خوني هٿن سان رکيو. ان کانپوءِ سندس پٽ محمود شاهه تخت تي ويٺو، جيڪو ٻيگڙي جي لقب سان مشهور ٿيو.“ٻيگڙي” لفظ بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. هڪ روايت اها ته هن راجپوتن جي 2 قلعن “گرنار” ۽ “پاوا ڳڙهه” گڏ فتح ڪيا هئا، ان ڪري مٿس اهو لقب پيو. جهانگير پنهنجي توزڪ ۾ لکي ٿو،“گجرات وارا گجراتي زبان ۾ ٻيگڙو هيٺ مڙيل مڇين کي چوندا آهن.”
    محمود شاهه جي حڪومت جي زماني ۾ سنڌ تي سمن سردارن جو راڄ هو، سمن کي ننگرپارڪر طرفان گجرات جي حاڪمن جي حملن جو ڊپ رهندو هو، ان لاءِ هنن بلوچن جا 4 هزار خاندان ننگرپارڪر ۾ آباد ڪيا، ته جيئن کين تحفظ مهيا ٿي سگهي، انهن جو گذر سفر چوپايو مال هو، اهي برساتن جي موسم ۾ مال چارڻ جي بهاني راڌڻپور ۽ پالنپور تائين هليا ويندا هئا ۽ کوٽ جي صورت ۾ واپاري قافلن کي به ڦري وٺندا هئا. اڳيان هلي مقامي سوڍا به هنن سان ملي ويا ۽ گڏجي ڦرلٽ پيا ڪندا هئا پر وقت سان گڏ ان ڦرلٽ ۾ اضافو ٿيندو رهيو جنهن ڪري احمد آباد ۽ پارڪر ۾ واپاري قافلن جي اچ وڃ بند ٿي ويئي.
    انهن شڪايتن کي سامهون رکندي سلطان محمود، ملڪ جلال الدين کي ڪوتوال مقرر ڪري پارڪر تي حملو ڪرايو، نتيجي ۾ 5 سئو بلوچن ۽ سوڍن کي جهلي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو، ان عمل جو اثر الٽو نڪتو، ڦر جي وارداتن ۾ ويتر اضافو ٿيو ۽ حالتون جلال الدين جي هٿن مان نڪري ويون. ان جي ردعمل ۾ 1504ع ۾ شاهه محمود پنهنجي شاهي توپخاني سان پارڪر تي حملو ڪيو، بلوچ ۽ سوڍا هئا ته هزارن جي تعداد ۾ پر توپخاني جي ڊپ ڪري هنن ميدان هارايو ۽ ٻيگڙي ننگرپارڪر تي قبضو ڪيو، پر وري به ڪجهه ماٺار کانپوءِ ڦرلٽ جو اهو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو. آخر 1505ع ۾ محمود شاهه پارڪر ڀوڏيسر تي ٽيون ڀيرو حملو ڪيو جيڪو هڪ خونريز حملو ثابت ٿيو، ٻنهي ڌرين جو بي بها رت وهيو، سلطان جا جيڪي ماڻهو مئا انهن مان ڪيترن جون قبرون قديم مسجد جي آڳنڌ ۾ آهن.
    چون ٿا محمود ٻيگڙو تعميرات جو عاشق هو، هن هتي 1505ع ۾ هڪ ننڍي پر شاندار مسجد جوڙائي. “تاريخ گجرات” جي مصنف مير علي تراب ولي جي مطابق “گجراتي اسلامي فن تعمير جين ڌرم جي روايتن کي پاڻ ۾ جذب ڪيو، محمود ٻيگڙي جي زماني تائين جين ۽ اسلامي فن تعمير ۾ هڪ دلچسپ ۽ خوبصورت ڳانڍاپو جڙي چڪو هو…” ۽ هيءَ مسجد ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي، سنگ مرمر سان جوڙيل هن مسجد جي ڊيگهه ٽيهه فوٽ آهي، مسجد اندر جيڪو فارسي زبان ۾ ڪتبو لڳل آهي ان تي تحرير آهي ته“محمود شاهه بن مظفر شاهه بن غياث الدين … جيڪڏهن هي مسجد زخمي ٿي پوي ته وقت جي حاڪم تي لازم آهي ته ان جي مرمت ڪرائي.” هيءَ مسجد اڃان به هڪ بهتر صورت ۾ آباد آهي.
    چون ٿا هن خوني معرڪي کانپوءِ ڀوڏيسر جي وستي وري آباد نه ٿي سگهي، انگريز سرڪار جي زماني هن جاگير کي وفادارن ۾ ورهايو ويو. مقامي ماڻهو اهو به چون ٿا ته اماوس جي رات انهيءَ ويران وستيءَ مان رڙين جا آواز اچن ٿا ۽ جڏهن ته برسات وسي ٿي ته ڀوڏيسر جو هي تلاءُ پاڻيءَ سان ڀرجي وڃي ٿو ۽ پاڻي ضايع نٿو ٿئي.
     
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڪتاب جو انتظار پيو ڪريان ته ڪيئن ٿو لڳي؟
     
  3. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڪهڙو
     
  4. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    توهان جو. ملائشيا بابت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو