ڪائنات بابت ڪجهه اهم سوال!

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هيء ڪائنات جنهن ۾ اسان رهون ٿا ڏينهون ڏينهن پکڙجي رهي آهي،اسان اهو ڄاڻون ٿا ڇو ته اسان جو مشاهدو آهي ته ڪهڪشائون ۽ انهن جا گروهه تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري سفر ڪندا ٿا وڃن.اها پکيڙ ان وقت کان جاري آهي جڏهن کان هيء ڪائنات وجود ۾ آئي آهي يعني اڄ کان اٽڪل چوڏهن کرب سال پهرين هڪ نهايت ئي گرم ۽ ڪثيف عمل ذريعي جنهن کي اسان ”بگ بينگ“ جي نالي سان ڄاڻون ٿا.هاڻي اسان ڪائنات جي حوالي سان ڪجهه اهم سوالن جا جواب ڳولهڻ جي ڪوشس ڪيون ٿا جيڪي سوال عام طور تي پڇيا ويندا رهيا آهن.پهريون سوال اهو ته هن ڪائنات جو مرڪز ڪٿي آهي؟ان سوال جو جواب اهو آهي ته هن ڪائنات جو مرڪز آهي ئي ڪونه ڇو ته هن ڪائنات جو ڪو ڪنارو ڪونهي.هڪ محدود ڪائنات ۾ خلا مڙيل آهي ته جيڪر اوهان هڪ سڌي ليڪ ۾ کربن نوري سالن جو سفر طيء ڪيو ٿا ته اوهين واپس ان جڳهه تي پهچي ويندا هتان اوهان شروعات ڪئي هئي.اهو به عين ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي.ٻنهي مثالن ۾ ڪهڪشائڻ جا جھرمٽ جيڪي ڪائنات کي ڀرين ٿا اهي هڪٻئي کان پري ٿيندا ٿا وڃن ۽ جنهن سان ڪائنات پکڙجندي ٿي وڃي.ان لاء ڪنهن تصوير تي غور ڪجي جنهن ۾ هڪ تمام ننڍڙي ڪائنات جو مثال ڏنل هجي جنهن ۾ رڳو 48 تارا آهن.ڪو خلائي جهاز جيڪو انهن تارن جي وچ ۾ اڏامي رهيو هجي اهو ڪائنات جو ڪنارو ڳولهي نه سگھندو جيڪر اهو خلائي جهاز ڪائنات جي هڪ طرف کان روانو ٿيندو ته ٻئي طرف کان وڃي ظاهر ٿيندو.جهاز ۾ موجود ماڻهو پنهنجن طرفن ۾ لامحدود ستارن کي ڏسي سگھندا.هن ڪائنات جي ڪا سرحد يا مرڪز نه آهي. ٻيو سوال اهو ته ”بگ بينگ“ ڪائنات ۾ ڪهڙي جڳهه تي ٿيو؟هڪ عام مفروضو اهو آهي ته بگ بينگ هڪ ڌماڪو هو جيڪو خالي خلا ۾ ٿيو جڏهن ته اها ڳالهه غلط آهي.خلا ۽ وقت ٻئي بگ بينگ کان بعد وجود ۾ آيا.ڪائنات جي شروع ۾ خالي خلا مادي سان پوريء طرح ڀريل هو.اهو مادو گرم هو ۽ نهايت ڪثيف پڻ جيڪو پکڙيو ۽ ٿڌي ٿيڻ تي جنهن ستارن ۽ ڪهڪشائن کي جنم ڏنو جن کي اسان اڄ ڏسون ٿا.جيتوڻيڪ خلا بگ بينگ وقت ممڪنه طور تي هڪڙي هنڌ مرتڪز ٿي ويو هوندو.اهو هڪجهڙي طور تي ممڪن آهي ته بگ بينگ وقت خلا لامحدود هجي.ٻنهي منظر نامن ۾ خلا پوريء طرح مادي سان ڀريل هئي جيڪو پکڙجڻ شروع ٿيو.ان پکيڙ جو ڪو مرڪز نه هو.هيء ڪائنات سادن لفظن ۾ سمورن طرفن ۾ پکڙجي رهي آهي.مشاهدو ڪندڙن اهو ڏٺو آهي ته سموريون ڪهڪشائون هڪ ٻئي کان پري ٿينديون ٿيون وڃن.اهو سوال ته بگ بينگ ڪٿي ٿيو هوجو جواب اهو آهي ته اهو ڪائنات ۾ هر جڳهه ٿي ٿيو هو.

    ٽيون سوال اهوته ڇا زمين به ڪائنات سان گڏ پکڙجي رهي آهي؟جواب اهو ته زمين ڪائنات سان گڏ نه پکڙجي رهي آهي ۽ نه ئي سورج منڊل پکڙجي رهيو آهي ۽ هيء اسان جي ملڪي وي ڪهڪشان به نه پيئي پکڙجي.اهي شيون ڪشش ثقل جي اثر سبب وجود ۾ آيون ۽ پوء جن الڳ الڳ ٿيڻ ڇڏي ڏنو.ڪشش ثقل،ڪهڪشائن کي به گروهن ۽ جھنڊ جي شڪلين ۾ جوڙي رکي ٿي.اهي خاص طورتي ڪهڪشائن جا گروهه ۽ جھنڊ ئي آهن جيڪي هڪٻئي کان پري وڃي رهيا آهن.

    چوٿون سوال اهو ته ڇا هن ڪائنات کان ٻاهر به ڪجهه آهي؟جيئن ته خلا بگ بينگ سان گڏ ئي وجود ۾ آئي.اسان جي ڪائنات جو ڪو ڪنارو يا حد ناهي.ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات ٻين ڪيترين ئي لامحدود ڪائناتن مان هڪ هجي پر ضروري ناهي ته انهن ڪائناتن کي وجود رکڻ لاء ڪنهن خلا جي ضرورت هجي.

    پنجون سوال اهو ته بگ بينگ کان اڳ ڇا موجود هو؟وقت بگ بينگ سان گڏ وجود ۾ آيو.اسين نٿا ڄاڻون ته اهو ان کان اڳ موجود هو يا نه.اهو سوال ان ڪري به گھڻو ڏکيو آهي. ڪجهه نظرين مطابق اسان جي ڪائنات لامحدود ڪائناتن جو هڪ حصو آهي جنهن کي ملٽي يونيورس جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ جيڪي لاڳيتو پيدا ٿي رهيون آهن.اهو ممڪن ته آهي پر ان کي ثابت ڪرڻ مشڪل آهي. جيڪر ڪائنات چوڏنهن بلين سال پراڻي آهي ته ڪهڪشائون ڪهڙيء طرح چوڏهن بلين سالن کان مٿي سفر ڪري چڪيون آهن؟اهو ممڪن آهي ته اسان جي ڪائنات لامحدود هجي ۽ بگ بينگ کان اڳ هر طرف کان ماديسان ڀريل هجي پر پڪ سان اهڙو ڪجهه به نه هو جيڪو ڪائنات کي روشنيء جي رفتار سان تيز پکڙجڻ سان روڪي ها.جيتوڻيڪ ڪائنات جي اندر ڪنهن خاص جڳهه تي ڪابه اهڙي شيء ناهي جيڪا روشنيء کان وڌيڪ تيزيء سان سفر ڪري سگھي.اها ڳالهه سڄي ڪائنات لاء صحيح ڪانهي.ان ڳالهه جي ڪا حد ناهي ته ڪائنات ڪيتري تيزيء سان پکڙجي ٿي.اسان اهو تصور ڪري سگھون ٿا ته ڪهڪشائون ڪنهن بال جيان آهن جيڪو رٻڙ شيٽ تي موجود هجي ۽ جيڪا خلا جي ترجماني ڪندي هجي.جيڪر اسان شيٽ کي پکيڙيون ته بال هڪٻئي کان پري ٿي ويندا.اهي بال جيڪي هڪٻئي جي ويجھو هوندا اهي سستيء کان هڪٻئي کان پري هوندا،اهي بال جيڪي همه گير طريقي سان هڪٻئي کان پري ٿيا هئا اهي نهايت تيزيء سان هڪ ٻئي کان پري ٿيندا ويندا.ڪنهن به بال تي رهندڙ ماڻهو پنهنجي بال کي ساڪن محسوس ڪندا.اهي ڏسندا ته پري جي بالن جو مفاصلو نهايت تيزيء سان وڌي رهيو آهي جڏهن ته ويجھا بال سست رفتاريء سبب فاصلو وڌائي رهيا آهن.گھڻو پري وارا بال روشنيء جي رفتار کان به تيز پري وڃي رهيا هوندا پر ماڻهو انهن کي ڏسي نه سگھندا.مقامي طور تي انهن جي پنهنجن ڪهڪشائن ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي جيڪو روشنيء جي رفتار سان سفر ڪندو هجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو