منير چانڊيي جي ناولن جو تنقيدي جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    منير چانڊيي جي ناولن جو تنقيدي جائزو

    اڪبر لغاري

    نوجوان ناول نگار منير چانڊيي هن وقت تائين ٽي ناول لکيا آهن جيڪي هڪ ئي سلسلي جون ڪڙيون يا ٽرائلاجي (Trialogy) آهي. پهريون مڪمل طور ورسٽي ۽ ٻيو جزوي طور ورسٽي ناول آهي. جڏهن ته ٽيو ناول يونيورسٽي مان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ عملي زندگي متعلق آهي.
    پهرئين ناول، ” ڪيف ڌاران ڪوءِ “ ۾ منصور، قمبر سان تعلق رکندڙ، سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد آهي جنهن جا گھريلو حالات ٺيڪ ناهن. سندس پيءُ جي ٻي شادي سبب منصور ۽ سندس ماءُ ڏکي زندگي گذارين ٿا. يونيورسٽي ۾ سنڌيا نالي ڇوڪري، منصور جي ڪلاس فيلو آهي جيڪا مارئي هاسٽل ۾ رهي ٿي ۽ سندس تعلق لاڙڪاڻي ضلعي سان آهي. سنڌيا ننڍي هوندي ئي يتيم ٿي ويئي هئي جنهن کي سندس ماءُ پورهيا ڪري پاليو هو. احساسِ محرومي، منصور۽ سنڌيا ۾ هڪ قدرِ مشترڪ آهي. هي ٻيئي آهستي آهستي هڪٻئي جي ايترو ته قريب اچي وڃن ٿا جو هڪٻئي کان سواءِ کين چين نٿو اچي. شام جي وقت ٻيئي ڄڻا ڪئمپس جي ڪنهن لان تي هڪٻئي جي قربت ۾ گذارين ٿا ۽ مستقبل جي منصوبه بندي ڪندي، هر حالت ۾ سڄي زندگي گڏ گذارڻ جو وچن دهرائيندا رهن ٿا.هڪٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ ۽ چميون ڏيڻ جو ڪو به موقعو هٿان نٿا وڃائين.
    هڪ نشيلي ڪيفيت جهڙو وقت گذاريندي هو آخري سال ۾ پهچن ٿا ته سنڌيا انڪشاف ٿي ڪري ته نوري نالي سندس ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو ڪافي وقت کان هن جي پويان آهي ۽ کيس فون ڪري تنگ ڪري ٿو. هو ساڻس شادي ڪرڻ ٿو چاهي پر سنڌيا جي انڪار تي هن اچي يونيورسٽي ۾ داخلا به ورتي آهي. منصور پريشان ته ٿئي ٿو پر کيس پنهنجي پيار تي پورو يقين آهي. سنڌيا منصور تي زور ٿي ڀري ته هو پنهنجن مائٽن کي راضي ڪري وٺي ۽ سندس رشتو موڪلي، ٻي صورت ۾ سنڌيا جا مائٽ سندس شادي نوري سان ڪرائي ڇڏيندا. منصور وڏي مشڪل سان مائٽن کي راضي ڪري وٺي ٿو پر سنڌيا سندس مٿان اها ڇپ ڪيرائي ٿي وجھي ته نوري سندس مائٽن کي ڏاج جا پئسا ۽ پنهنجي ڀيڻ جو سڱ سنڌيا جي ڀاءُ کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. هوءَ منصور کان پڇي ٿي ته ڇا هو پنهجي ڀيڻ جو سڱ، سندس ڀاءُ کي ڏيئي سگهي ٿو؟ منصور هڪ روشن خيال ماڻهو ۽ ادلي بدلي جي شادي جي سخت خلاف آهي تنهنڪري انڪار ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ هر وقت کيس سنڌيا جو فون انگيج ملي ٿو. سنڌيا کي منصور جي غربت ۾ پنهنجو مستقبل تاريڪ نظر اچي ٿو ۽ هوءَ، پيار جا سڀ واعدا وساري، نوري جي ٿي وڃي ٿي. منصور سخت ڊپريشن ۾ اچي وڃي ٿو. اتي پهرئين ناول جو اختتام ٿئي ٿو.
    ٻيو ناول، ” تو پڄاڻان..“ سڄي جو سڄو منصور جي ڊپريشن متعلق آهي. ايتري تائين جو هو ذهني مريض ٿي وڃي ٿو ۽ گدو جي اسپتال مان علاج ڪرائي ٿو. جيئن تيئن ڪري ايم اي ڪري وٺي ٿو ۽ پنهنجي گھر هليو وڃي ٿو. هر وقت سنڌيا جي يادن ۾ غرق ، هيڏانهن هوڏانهن گھمڻ به وڃي ٿو پر ڊپريشن مان نٿو نڪري سگهي ۽ هر وقت پيڙا مان گذري ٿو.
    منصور جي ڊپريشن، ٽئي ناول، ” بري هن ڀنڀور ۾“ پڻ جاري رهي ٿي پر سندس ننڍي هوندي جي سٺي دوست ۽ پاڙيسري ڇوڪري،” شگو“ سندس همٿ ٻڌرائي ڪٿي نوڪري ڳولڻ لاءِ آماده ڪري ٿي. گھڻي ڳولا کان پوءِ ، کيس حيدرآباد جي هڪ پرائيويٽ ڪاليج ۾ ليڪچررشپ ملي ٿي. سندس حالات ڪجه بهتر ٿيڻ شروع ٿين ٿا ته هوپنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي حيدرآباد وٺي اچي ٿو.
    ساڳئي پرائيويٽ ڪاليج ۾ ”صائمه“ نالي ليڪچرار به پڙهائي ٿي جيڪا آهستي آهستي هن جي قريب ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. نانگ جو کاڌل، نوڙي کان به ڊڄي، تنهنڪري منصور ڏاڍو محتاط رهي ٿو ليڪن صائمه پنهنجي پيش رفت جاري رکي ٿي. منصور نه چاهيندي به هن جي قريب ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ آخرڪار، صائمه جي زور ڀرڻ تي هو شادي لاءِ راضي ٿيو وڃي. ان دوران صائمه کي سرڪاري نوڪري به ملي وڃي ٿي.
    منصور، مشڪل سان پنهنجي پيءُ کي هن رشتي لاءِ جيئن ئي راضي ڪري ٿو ته صائمه جا مطالبا شروع ٿين ٿا ته شادي کان پهرين حيدرآباد ۾ سندن گھر هجڻ گھرجي. وڏي جھڳڙي کان پوءِ منصور پنهنجي پيءُ کان حيدرآباد ۾ گھر وٺرائي ٿو. پوءِ سون، ڪپڙن، شادي جي ٻين خرچن ۽ خريدارين جي ڊگهي لسٽ ٺهندي وڃي ٿي. منصور مجبور ٿي ڳرا قرض کڻي ٿو. صائمه اهو به مطالبو ٿي ڪري ته گھر سندس نالي تي ڪيو وڃي پر منصور سختي سان انڪار ڪري ٿو. شادي واري رات کان وٺي ئي صائمه باه ٻاري ٿي ڏي ته هو منصور جي ماءُ ۽ ڀيڻ کي برداشت نٿي ڪري سگهي، تنهنڪري هو يا ته کين واپس ڳوٺ موڪلي يا صائمه تان هٿ کڻي. منصور ٻنهي ڳالهين کان انڪار ٿو ڪري ته صائمه پنهنجو زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي، منصور جو گھر ڇڏي هلي وڃي ٿي. منصور هميشه لاءِ اڪيلو رهجي وڃي ٿو.
    پهرئين ناول جي ذريعي، فاضل مصنف هن حقيقت تان پردو ٿو کڻي ته ورسٽي جي هر نوجوان جي دل محبت سان ڀرپور هوندي آهي. ٻين لفظن ۾ ته هو دل کي هٿن ۾ کڻي گھمندا آهن ۽ مخالف جنس کي ڏيڻ لاءِ بيتاب هوندا آهن. هو پنهنجي گھريلو حالتن ۽ ثقافتي زنجيرن جا ايترا ته ستايل هوندا آهن جو ڪئمپس هنن کي حسين خواب جيان لڳي ٿي جتي هو مڪمل آزادي محسوس ڪن ٿا. ڪئمپس-رومانس جي حقيقت ان وقت کلي ٿي جڏهن فائنل جا امتحان ويجھا هوندا آهن. ان وقت ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي اهو ياد پوي ٿو ته اهي يا ته مڱيل آهن يا سندن ڳالهيون پڪيون ٿيل آهن. هنن تي اچانڪ اهو انڪشاف به ٿئي ٿو ته هنن جي ذات وارا، ٻي ذات ۾ سڱابندي نه ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪندا آهن ته بدلي ۾ سڱ به وٺندا آهن. سواءِ ، ڪجه شهري مڊل ڪلاس ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي، اڪثر نوجوان، حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگھ ناهن رکندا ۽ نتيجي ۾ فائنل کان پوءِ پنهنجن مائٽن جي مرضي سان شادي ڪري روزي روٽي جي فڪر کي لڳي ويندا آهن ۽ ڪئمپس-رومانس جون يادون هميشه لاءِ دل ۾ سانڍي هڪڙا دل ئي دل ۾ آه و زاري ڪندا رهندا آهن ته ٻيا وري پنهنجي محبوب جي بيوفائي تي ائنگري ينگ مئن/ وومن بنجي ويندا آهن. فاضل مصنف انهيءَ سڄي صورتحال کي ڏاڍو خوبصورت انداز سان پيش ڪيو آهي.
    هن ناول ۾ رومانوي منظرن ۽ جملن جو ورجاءُ ، ڪهاڻي جي رفتارکي سست ڪري ٿو. گفتگو ۾ ڪا علمي يا عقلي ڳاله گھٽ ۽ هڪٻئي جي تعريف تمام گھڻي آهي. سنڌيا اچانڪ منصور ۽ نوري جو تقابلي جائزو وٺي ٿي جنهن جو مطلب ته سندس اکيون کلي وڃن ٿيون ۽ هوحقيقت پسند بنجي پوي ٿي. ٻولي سادي، پراثر ۽ ڪومل جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي. يونيورسٽي جي سياست جا ڪجه مسئلا به سٺي نموني نروار ڪيل آهن، خصوصن مخصوص شاگرد اڳواڻن پاران امتحانن جي ڏينهن ۾ بائيڪاٽ ۽ فائرنگ ڪرڻ وارا واقعا.
    هي ناول يونيورسٽي شاگردن ۾ ڪافي مقبول ٿيو آهي ۽ جن شاگردن نه پڙهيو آهي، انهن کي ضرور پڙهڻ ۽ اهو فيصلو ڪرڻ کپي ته هو تعليمي ادارن ۾ آخر ڪهڙي مقصد لاءِ آيا آهن. ڇا انهن کي به منصور وانگر سڀ ڪجه وڃائي پوءِ هوش ايندو.
    ٻيو ناول، ” تو پڄاڻان...“ صرف منصور جي ناڪام محبت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ذهني ڪيفيت متعلق آهي. هن ناول جي ڪهاڻي ۾ ڪي به واقعا نه هجڻ سبب، پڙهندڙ کي ڪافي بوريت مان گذرڻو پوي ٿو. هن کي زبردستي ناول ٺاهڻ جي لاءِ ، مک ڪردار کان مري ۽ ڪراچي جو سفر ڪرايو ويو آهي جيڪڏهن انهن سفر نامي ٽائيپ ڳالهين کي مڪمل طور ڪڍي ڇڏجي ته به ناول جي صحت تي ڪو فرق نه پوندو.
    هن ٽرائلاجي جو آخري ناول، ” بري هن ڀنڀور ۾“ منصور جي عملي زندگي جي شروعاتي ڏينهن متعلق آهي جنهن ۾ هو نه چاهيندي به ”شهر جي سياڻن واپارين کان پاڻ ڦرائي ويهي“ ٿو. محبت جي نالي ۾ ساڻس دوکو ٿئي ٿو. صائمه، منصور سان شادي ڪرڻ لاءِ ساڻس ڪوڙا واعدا ڪري ٿي ۽ کيس ڪنگال ڪري ڇڏي وڃي ٿي. غور سان ڏٺو وڃي ته ٻنهي ڇوڪرين جي معاملي ۾ منصور کي صفا سادو ڏيکاريو ويو آهي. منصور جي ڀوڳنا ۾ ڇوڪرين جي چالاڪي سان گڏ، سندس سادگي به اوتري ئي ذميدار آهي.
    سنڌ ۾ لکيل ٻين ورسٽي ناولن وانگر، هي ٽرائلاجي به هڪ مرد جي نقطه نگاه سان لکي ويئي آهي جنهن ۾ مرد کي معصوم ۽ ڇوڪرين کي چالاڪ ۽ بيوفا ڏيکاريو ويو آهي. ڇا ڪو مرد ليکڪ، عورت جي نقطه نظر سان نٿو لکي سگھي؟ يا ان وقت جو انتظار ڪجي جڏهن ڪا ڇوڪري ورسٽي ناول لکي؟

    روزانہ پنھنجي اخبار
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو