سنڌ جي ھر دور تي ٺھڪندڙ ٻول: نم جي ڇانو ۾

'شاعري' فورم ۾ مھتاب احمد طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2019۔

  1. مھتاب احمد

    مھتاب احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2016
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    363
    مان اڪثر پنھنجي واٽس ايپ تي ذاتي موڊ جي حساب سان يا وري صورتحال جي حساب سان اسٽيٽس رکندو آھيان. اسٽيٽس ۾ سنڌي، اردو ۽ انگريزي جي وڻندڙ شاعري رکندو آھيان. ان لاءِ صرف شعر جو ھڪ مصرعو گوگل ۾ ڳوليندو آھيان تہ سڀ شعر اچي ويندا آھن. جيئن تہ گذريل ڪجھ ڏينھن کان سڄي سنڌ مان مايوسي واريون خبرون ٻڌڻ لاءِ ملن پيون. تنھن تي منھنجي ذھن ۾ ھڪ شاعري تري آئي جنھن جو عنوان آھي نم جي ڇانو ۾. ھي شاعري منھنجي نظر ۾ سنڌ جي ھر دور تي لاڳو ڪري سگھجي ٿي. ان جي وڊيو ڪجھ مھينا اڳ مون ڏي ھڪ دوست واٽس ايپ ڪئي ھئي ۽ انھن ڏينھن ۾ گھڻو پسند ڪئي وئي. ھي شاعري ڪنھن گڏجاڻي ۾ ڪو دوست تمام پياري انداز ۾ پيش ڪري رھيو آھي ۽ ان جي وڊيو يوٽيوب تي موجود آھي. پر جڏھن ان شاعري جو ھڪ شعر لکيو تہ خبر پئي ان کي اڃا تائين ڪٿي بہ ڪونہ لکيو ويو آھي. تنھنڪري پاڻ الاتوھار ڪري يوٽيوب تان وڊيو ڏسي سڄي شاعري لکي ورتي اٿم؛ اميد تہ دوست پسند ڪندا. ڪا غلطي ھجي تہ ضرور درستگي ڪجو. پيش آھي:

    پيار جون گھڙيون نم جي ڇانو ۾،
    پيار جون ڳالھڙيون نم جي ڇانو ۾،
    ڪي گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾.
    رات جو چنڊ سان چاھتون چلولايون ڪن،
    ڏور آڪاس ۾ محبتون ماپجن؛
    ڏينھن جو کيت ۾ سنگ سونا ڪجن،
    سنڌ ۽ سونھن سان سالڙا گھارجن؛
    بس ھجن روشنيون نم جي ڇانو ۾،
    ڪي گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾،
    پيار جون ڳالھڙيون نم جي ڇانو ۾،
    ڪي گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾.

    ناز سان نازنيون نازڪيون ناز ڪن،
    سورما سنڌ جا سيج تي ٿا سنھن،
    ٻار جي ٻاتڙيون ٻولڙيون ٻرن،
    ۽ ننڍيون نينگريون جي نوان ويس ڪن،
    شل رھن مرڪنديون نم جي ڇانو ۾،
    ماڪ ۾ مھڪندا کيت کلندا رھن،
    باک ۾ مرڪندا ڍول پيا گاھ ڪن؛
    ھي مکڻ ھي لسيون کير ڌونئرا ھجن،
    ساڳ ۽ ھي پلا پيا سدائين پچن،
    باغ جون خوشبوئون نم جي ڇانو ۾،
    ڪي گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾.

    رَت جي راند آ ھر دور ۾ رچي،
    ۽ لٽيرن ھتي حق جي ھاڪ ھنئين،
    ڀل مياڻي ھجي يا تہ مڪلي ھجي،
    خون ۾ لال ٿي، ھاءِ! ھي ڌرتي سڄي،
    رت ٿيون اجرڪون نم جي ڇانو ۾!
    ڪي گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾.

    اڄ مھن جو دڙو رڪ ۾ پيو ٻري،
    سنڌ جو ماڻھپو ڌوڙ ۾ پيو سڙي،
    ڄڻ تہ تاريخ آ ڪو ڪفن ويڙھيو؛
    لاش سنڌوءَ ۾ پيو ٻڏي پيو تري،
    بس رڳو تُربتون نم جي ڇانو ۾،
    ڪي گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾.

    سنڌ سان سک جي ساٿ جو سلسلو،
    ۽ وري درد جي رات جو سلسلو،
    تنھن پڄاڻا وري باک جو سلسلو،
    آھي ″سلمان″ ھڪ سوچ جو سلسلو؛
    سوچ سا جوڙيون نم جي ڇانو ۾،
    پوءِ گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾،
    پيار جون ڳالھڙيون نم جي ڇانو ۾،
    ڪي گذاريون گھڙيون نم جي ڇانو ۾.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو