• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نمرتا ڪيس ۾ نئون لاڙو: مقتوله مون سان شادي ڪرڻ چاهيندي هئي: جوابدار مهراڻ ابڙو جو بيان

سوبيا

سينيئر رڪن
nimerta111.jpg


لاڙڪاڻو: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع)نمرتا ڪيس ۾ گرفتار جوابدار مهران ابڙو پوليس کي بيان ڏنو آهي ته نمرتا ۽ مان هڪ ٻئي سان تمام گهڻي محبت ڪندا هئاسين ۽ ٻئي شادي جا خواهشمند هئاسين. جاچ دوران پوليس نمرتا جي ٻن ڪلاس فيلوز سميت 32 ماڻهن جا بيان قلمبند ڪري ورتا آهن.

ڪاليج جي سينئر پروفيسر امرلعل پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته نمرتا ڪجهه وقت کان ڪنهن مسئلي سبب پريشان رهندي هئي ۽ ڪيترائي دفعا پروفيسر امر لعل وٽ اچي رني ۽ پريشاني جو شڪار هجڻ جو ٻڌايو. پروفيسر امر لعل ٻڌايو ته هو روئندي رهي ۽ مون کي چيائين ته مون کي همت گهرجي ته مان هن مسئلي مان نڪران. تمام گهڻو پڇڻ باوجود هن مسئلو نه ٻڌايو جنهن کان پوءِ مان نمرتا کي يوگا ۽ وزرش ڪرڻ ۽ موسيقي ٻڌڻ جو مشورو ڏنو.

ان کان علاوه پوليس وٽ گرفتار نمرتا جي ڪلاس فيلو مهراڻ ابڙو نمرتا سان محبت جو اعتراف ڪري ورتو آهي. هن ٻڌايو ته نمرتا مون سان شادي ڪرڻ چاهيندي هئي. ان کان علاوه پوليس نمرتا ۽ مهراڻ جي وچ ۾ لاڳاپن تي وسيم ميمڻ نالي شخص جي دلچسپي تي به جاچ ڪري رهي آهي.

ٻئي طرف ايس ايس پي مسعود بنگش نمرتا جي وارثن سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو آهي ۽ کين واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو چيو آهي پر نمرتا جا وارث جامعه بينظير جي وائيس چانسلر کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ تي ضد ڪيو بيٺا آهن جڏهن ته نمرتا جي وارثن کي هندو ڪميونٽي جي معززين مشورو ڏنو آهي ته اداري جي سربراهه کي ڪيس ۾ نامزد ڪرڻ سان ڪيس ڪمزور ٿيندو.

Sindhi News
 
Back
Top