وفاقي حڪومت گهوٽڪي مندر ۽ نمرتا ڪيس بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سوبيا طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2019۔

  1. سوبيا

    سوبيا
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2019
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    Media
    ماڳ:
    Pakistan
    اسلام اباد: (ڇنڇر 21 سيپٽمبر2019ع) وفاقي حڪومت گهوٽڪي مندر ۽ نمرتا واقعي تي جاچ جي لاءِ ايڪهه ڄڻن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

    تفصيل موجب وفد جي اڳواڻي انساني حقن بابت پارلياماني سيڪريٽري لالچند ڪندو. جڏهن ته وفد ۾ جي ڪمار اڪراني، چيلا رام، ڪرشن شرما، ڪنول اعجاز به شامل آهن.
    [​IMG]
    ذريعن جو چوڻ آهي ته وفد ڊي آءِ جي گهوٽڪي، ايس ايس پي، نمرتا جا وارث، بار ڪائونسل ۽ مقامي صحافين سان ملاقات ڪندو ۽ پنهنجي رپورٽ ٺاهي وفاقي حڪومت کي پيش ڪندو.

    وفد جي رپورٽ واري روشني ۾ وفاقي حڪومت ڪارروائي ڪندي. ذريعن موجب وفد اڄ گهوٽڪي جي مندر پهچندو.

    واضح رهي ته 16 سيپٽمبر تي آصفه ڊينل ڪاليج ۾ بي ڊي ايس جي فائنل ايئر جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري جي لاش کي هاستل جي ڪمري نمبر 3 مان هٿ ڪيو ويو هو.
    Sindhi News
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو