”رياست مدينه“ جون دعوائون ڪرڻ ڇڏي ڏيو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    سعادت حسن منٽو کان ڪنهن پڇيو اوهان جي ملڪ جو ڇا حال آهي؟ چوڻ لڳو؛ بلڪل اهو ئيجهڙو جيل ۾ ٿيندڙ جمع جي نماز جو هوندو آهي.ڪو فراڊي اذان ڏيندو آهي،قاتل نماز جي امامت ڪرائيندو آهي ۽ نمازي سڀ جا سڀ چور هوندا آهن.منٽو ذهين ماڻهو هو جنهن اهڙِي سچي ڳالهه نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪري ورتي.امام غزالي رحه فرمائين ٿا ته شزصيت پرستي بت پرستيء کان وڌيڪ خطرناڪ ٿيندي آهي ڇو ته بت جو دماغ نٿو ٿئي جيڪو خراب ٿي پوي پر جڏهن اوهان انسان جي پوڄا ڪرڻ لڳي وڃو ته اهو فرعون بڻجي وڃي ٿو.الله تعاليٰ به ڪنهن قوم جي حالت تيستائين نٿو بدلائي جيستائين انهيء قوم ۾ پنهنجي حالت بدلائڻ جو پاڻ احساس نه هجي. هن وقت هر ماڻهو مهنگائي،غربت،بيروزگاري،ظلم،ناانصافي ۽ جبر جو ماتم ڪري رهيو آهي ۽ حڪمرانن کي پٽون پاراتا ڏيئي رهيو آهي جڏهن ته جهڙا روح هوندا آهن اهڙا ئي ختما هوندا آهن.ڪڏهن اسان اهو سوچڻ جي جسارت ڪئي آهي ته رڳو آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا چند ماڻهوسالن کان اسان تي مسلط ڇو آهن؟اسان نسل در نسل غلام ڇو آهيون جڏهن ته اسان جي مائرن ته اسان کي آزاد ڄڻيو هو.اهو احساس رڳو زنده قومن کي ئي ٿيندو آهي،مئل هجوم کي نه.تاريخ جي شاگردن کي چڱيء طرح ڄاڻ آهي ته تيونس،مصر ۽ فرانس جي هٿين خالي باهمت عام ماڻهن ڪهڙيء ريت صدين کان قائم ظالماڻي نظام کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ۽ اتي پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي. شخصيت پرستيء جو ته حال اهو آهي جو اسان قوم جوي چورن،ڦورن ۽ رهزنن کي پنهنجو رهبر مڃون ٿا ۽ انهن جي شان ۾ قصيدا پڙهون ٿا.وزير اعظم عمران خان پاڪستان کي ”رياست مدينه“ بنائڻ جو ڍنڍورو ڏنوپر شايد رياست مدينه جو مطالعو ڪرڻ وساري ڇڏيو.دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به رياست جو قيام ٿوري يا گھڻي قوت استعمال ڪرڻ سواء ممڪن ناهي رهيو.پر اها تاريخ جي ڪيڏي وڏي حقيقت آهي جو جناب رسول الله صلي الله عليه وسلم جن بلڪل اوپري ماحول ۾ هڪ ٻئي سان متضاد ۽ منتشر عنصرن جي تعاون سان نه رڳو رياست بلڪه هڪ نظرياتي فلاحي رياست جو قيام عمل ۾ آندو.۽ خاص ڳالهه اها جو پاڻ ان تعاون کي ڪنهن طاقت،تشدد يا جبر جي بنياد تي نه پر رڳو هڪ معاهدي هيٺ حاصل ڪيو هو.رياست مدينه پنهنجي وجود ۽ قيام کي پوريء طرح ثابت ڪيو ته اها دنيا جي هر مخالفت ۽ منفي سازشن جو ڀرپور مقابلو ڪري پنهنجي سالميت ۽ خود مختياري جي پوريء طرح حفاظت ڪري سگھي ٿي.رسول رحمت صلي الله عليه وسلم جن رياست جو بنياد ئي عدل ۽ انصاف تي رکيو.پاڻ ڪڏهن به انهن فرضن ۽ ذميدارين ادا ڪرڻ ۾ ذري جي به ڪوتاهي نه ڪئي جيڪي هڪ حڪمران جي حيثيت ۾ مٿن عائد ٿيون ٿي.پاڻ هڪ رياست لاء جيڪي سونهري ۽ عظيم اصول بنايائون انهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نظر نٿو اچي.اسلام جي نزديڪ رياست جي ذميداري آهي ته اها ڏسي ته قانون کي ڪٿي رسو ته نه پيو وڌو وڃي.رسول ڪريم صه جن جو فرمان آهي ته ” امام (حڪمران) نگران آهي ۽ هن کان سندس رعيت جي باري ۾ سوال ڪيو ويندو.“مطلب ته جهڙيء طرح هڪ ڌنار پنهنجي ڌڻ جو ذميدار ۽ نگران هوندو آهي اهڙيء طرح حڪمران به پنهنجي عوام جو ذميدار ۽ نگهبان هوندو آهي.ام جي حيثيت ڪنهن مطلق العنان يا جابر بادشاه واري نه پر ڪنهن ڌنار واري ٿئي ٿي جيڪو اهو ڏسندو رهي ٿو ته ڪٿي ڪنهن تي ظلم ته نه پيو ٿئي.ڪنهن سان ڪا نا انصافي ته نه پيئي ٿئي.رياست جو فرض آهي ته اها هر وقت اها نگراني ڪندي رهي ته ڪنهنجو به ڪو حق نه کسيو وڃي ۽ ڪنهن کي ڪو نقصان نه رسي.رياست مدينه جون ڪجهه بنيادي خاصيتون هي آهن.

    سماج ۾ دولت ۽ ٻين وسيلن جي انصاف ڀري ورهاست جو بندوبست ڪيو ويو.زڪوات ۽ خدا جي راه ۾ خرچ ڪرڻ جي ترغيب ذريعي دولت جو رخ اميرن کان غريبن طرف ڦيريو ويو.اهڙن ذريعن ۽ وسيلن تي پابندي لڳائي ويئي جن ذريعي دولت رڳو چند هثن ۾ ڪٺي ٿي وڃي.مثال وياج،ذخيرا اندوزي،ناجائز نفعي خوري وغيره.ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪجهه ئي سالن ۾ دولت صاف رت جيان پوري سماج ۾ گردش ڪرڻ لڳي ۽ هر طرف خوشحالي اچي ويئي.عوام لاء کاڌي،لباس،صحت ۽ تعليم جو مناسب بندوبست ڪيو ويو،کير پياڪ ٻارن جي لاء به وظيفا مقرر ڪرڻ جا مثال رياست مدينه ۾ ملن ٿا.قانون جو احترام سڀني لاء هڪجهڙو لازمي قرار ڏنو ويو،حڪمران ۽ رعايا،امير ۽ غريب ۾ فرق ختم ڪيو ويو.عام ماڻهن جي پنهنجي حڪمرانن تائين پهچ آسان بنائي ويئي .ڪاروبار،واپار ،صنعت ۽ حرفت،زراعت مطلب ته هر ميدان ۾ ڪم ڪرڻ جا کليل موقعا مهيا ڪيا ويا.مواصلات جو نظام بهتر بنايو ويو،رستا محفوظ ۽ امن امان کي يقيني بنايو ويو.زڪوات،ّيرات ۽ صدقن ذريعي حاصل ٿيندڙ رقم کي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاء خرچ ڪيو ويو ۽ ڪجهه سالن ۾ حالت اها ٿي ويئي جو خيرات ڏيڻ وارا ته موجود هئا پر خيرات وٺڻ وارا موجود نه رهيا.نه رڳو ڪنهن ماڻهوء جي زندگيء ۾ سندس ڪفالت جو بندوبست ڪيو ويو پر مرڻ بعد به ان جي رهجي ويل ذميدارين کي ادا ڪرڻ لاء رياست طرفان انتظام ڪيو ويو.انسان ته انسان جانورن ۽ وڻن جي باري ۾ به واضح حڪم جاري ڪيا ويا،وڻن لڳائڻ کي صدقه جاريه ۽ وڻن ڪپڻ کي اڻ وڻندڙ عمل قرار ڏنو ويو.حضرت عمر رضه فرمايو ته جيڪر فرات جي ڪناري ڪو ڪتو به بکيو مري ويو ته ان جو حساب به عمر کي ڏيڻو پوندو.

    محترم عمران خان به پاڪستان کي مديني واري رياست بنائڻ جو وعدو ڪيو هو پر هو پنهنجي دل ٿي هٿ رکي ايمانداريء سان ٻڌائي ته ڇا هن ان دعويٰ جي ذري جي به ڪا پاسداري ڪئي آهي؟هن کي خبر آهي ته سندس حڪومت ۾ به ماڻهو بک ۽ غربت سبب مري رهيا آهن.ڪرپشن خلاف جهاد جو نعرو هڻي تخت تي ويهندڙ عمران خان آهستي آهستي مصلحتن جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي،بيشڪ ڪجهه طاقتور گرفتار به ٿيا ۽ جيلن ۾ به آهن پر غريب قوم جي لٽيل رقم مان ته اڄ تائين آنو به واپس ناهي ٿيو.ٻئي طرف رياست مدينه جي قيام جي دعويدارن جھريب ماڻهن تيايترا ته ٽيڪس لڳايا آهن جو ماڻهن لاء هڪ وقت جي ماني به مسئلو بڻجي ويئي آهي.افسوس جو گذريل حڪمرانن جيان خان صاحب جا وعدا به رڳو وعدا ئي ثابت ٿيا آهن.ڪنهن اٽي،لٽي ۽ اجھي جي نعري هيٺ قوم جو استحصال ڪيو ته ڪنهن خادم اعليٰ جو ويس ڍڪي لاچارن جو مذاق اڏايو ۽ هاڻي خان صاهب رياست مدينه ۽ تبديليء جي نالي تي قوم جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.اقتدار جو پورو هڪ سال گذرڻ باسوجود به هتي ته ڪجهه به ناهي بدليو سواء ان جي عوام مٿان روزانو نت نوان آزار ۽ مصيبتون ڪري رهيون آهن.ڪاش، عمران خان قوم سان اها سنگين مذاق نه ڪري ها!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو