ناميارو صحافي، شاعر ۽ليکڪ فقير محمد سنڌي. جيئند علي مھر: ايترو پڙھ ايترو پڙھ جو ماڻهون توکي پڙهن، ايترو لک ايترو لک جو ماڻهون توتي لکن. اسان جي سنڌي ادب جي هڪ لاجواب ءِ زرخيز تاريخ آھي ، جيڪا صدين کان وٺي شعور ، ثقافت ، محبت ، ڀائيچاري ، اخلاق ، آڌر ڀاءُ جي روشنيءَ جا ڪرڻا سڄي جڳ جهان کي پنهنجي وجد سان پرت جي ڀاڪرن ۾ ڀريون پئي هلي ، اسين سنڌي سٻاجهڙا ، مک تي مرڪ سجايون تڏي تي آيل دشمنن کي به بخشي ڇڏيندا آھيون ، ءِ وري سام تي سرُ ڏيڻ ته ڪو اسان جي سنڌ جي تاريخ جي قرب مان سکي .... اهڙي ئي هڪ ڪمند جهڙي مٺڙي ماڻھو ءَ ، جنهن جي مرڪ لک ٿي لهي ، سندس لکڻين جي لوڏَ اهڙي آ جو گُهمي ته ڌرتي سينو چيري رستو ٺاهي ڏيندي وڃي ، لکي ته قلم ڪاغذن مٿان محبتون ورڇيندو محبوب جي ذلفن جهڙي ھُڳاءَ ۾ ويڙھجي مدهوش ٿي وڃي....قد پورو پنو ، رنگ ڪڻڪائون ، گهاٽي جسم هوندي هر ڏُکي سُکي گهڙي ءَ ۾ پراين کي پنهنجو سمجهندڙ ، ڏاڍَ کي پنهنجي قلم جي ڏهڪاوَ سان ڏاريندڙ ، هر وک کي پنهنجي منزل سمجهي توڙ تائين پُڄندڙ منهنجو محبوب فقير منش ، سونهن جو دل سان قدر ڪندڙ فقير محمد سنڌي هڪ ئي وقت ، الفتن جو عاشق ، محبتن جو محبوب ، دردن جو درمان ، سورن جي مرهم سان گڏو گڏ ڪويتائن جو محبوب ته وري ٻئي پاسي سيبتي سچي صحافت جو يگانو عاشق به آھي ، سنڌ ڌرتيءَ تي ساھُ ڏيندڙ ، سنڌي ٽو پيءَ جهڙو کلڻو ملڻو اديب ،شاعر پنهنجي لکڻين جيان انتهائي سادو ءِ سچو آھي ، ها فقير محمد سنڌي پنهنجي منزل جا ڪچا پڪا رستا پنهنجو پاڻ گهڙيا آھن ، جنهن تي پنڌ ڪري ڪاميابيون ماڻيون آھن .... 07 جنوري 1983 ع تي سياست جي شعوري شھر لاڙڪاڻي ۾ اک کولي ، ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙھڻ سان چاھُ رکندڙ فقير محمد سنڌي پرائمري تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي ، مئٽرڪ 1998 ع تي گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪئي ، انٽر 2000 ع ۾ ڪيائين، بي ،اي 2003ع تي سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين ۽ ايم اي. سنڌي ادب 2005ع تي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي ، ان کان علاوه ديني تعليم ۾ به سندس قابليت ڏسڻ وٽان آھي ،جنهن ۾ مولوي، عالم ۽ فاضل جو ڪورس1998 ع پاس ڪيائين درس نظامي جو ڪورس 1995 کان 2001 ع تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان سندالفراغ سان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري مڃتا ماڻي .... پڙھيو لکيو شعوري سوچ جو ساٿاري ، سنڌي ادب جي ميدان ۾ مسلسل جفا ڪشيءَ سان ڏينهن رات محنتون ڪري منزليون ماڻيون آھن ...سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ،شعري مجموعو، وچن وفا جا 2004 ع تي ڏاهپ پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو ، ٻيو شعري مجموعو، جاني جيون جوڙ ، 2008ع ۾قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو ،گڏيل شاعري جو مجموعو، قلمڪار ڪوي 2009 ع۾ ، عظيم هستين جا عظيم قول 2012ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو ، سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار) آڪٽوبر 2013 ع تي قلمڪار پبليڪيشن شايع ڪيو ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو ...حفيظ کوهاري جي شخصيت ءِ فن تي، قلمڪار پبليڪيشن پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا . سهيڙ ۾، سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق. جيڪو سينيئر اديب سائين جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت تاثرات لکيل آهن ۽سونهن سمبارا( ريڊيو اسڪرپٽ ) 2016ع ۾ شايع ٿيو. سندس پوکيل هيترا سارا گل سنڌي ادب جي باغيچي ۾ خوشبو پکيڙي ذھنن جي ذرخيزي ڪري رهيا آھن ....سندس ڪيل ادبي خدمتون به پنهنجو پاڻ نروار بيٺيون آھن ...جنهن ۾ مختلف تنظيمن ، الڳ لڳ پليٽ فارمن تان حصو ورتو اٿائين جنهن ۾ ،نوجوان ادبي فورم ، لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري ،اياز ادبي اوطاق جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل،،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو نگران،،ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2006ع کان ،ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار مئگزين لاڙڪاڻو ، ايڊيٽر سجاڳ مئگزين لاڙڪاڻو ،، ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر روزاني ”ارادو “ لاڙڪاڻو شامل آهن. سندس ڪيل خدمتن ۾ سائين فقير محمد سنڌي جون ڪاوشون نروار بيٺيون آھن ،،، فقير محمد سنڌي جي ادبي سڃاڻپ ، شاعر ، اديب ، ڪالم نگار ، ايڊيٽر ، صحافي ، ءِ ڪمپيئر طور دلين ۾ گهر ڪيل آھي ،،،، فقير محمد سنڌي جا سهيڙيل ڪتاب به اوهان ونڊُ ڪجن ٿا جيڪي به محبوبن جي مرڪن جهڙا پيارا آھن. اڻ ڇپيل ڪتاب .... * ڏات جو ڏيھ . (خاڪا ءِ ڪتابن تي تبصرا ) * هر ڏينهن صليب تي . (روزانو ارادو لاڙڪاڻو جا لکيل ايڊيٽوريل ) * تاريخ جو منظر ءِ پسمنظر (سهيڙيل تاريخ وار ) * منهنجو لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو. (ريڊيو اسڪرپٽ) * ڏات جرڪي ٿي ڏيھ ۾ ( ڏاهپ اخلاقيات ) *لاڙڪاڻو موتين مالها . (شخصي خاڪا ) * لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب . (ڪتابن جو مشاهدو) *سڏڪا سڏڪا سنڌ (شعري مجموعو ) * سائي ڌرتي . (زرعي ءِ سماجي خاڪا) * نڪ ۾ ناڪيلي . (ڪهاڻين جو مجموعو) اڃان ڪجھ ٻيو به مواد سهيڙڻ جي انتظار ۾آهي. فقير محمد سنڌي جي لکڻ جو انداز پنهنجو آ ، سندس لکيل ڪيترن ئي شخصيتن جي خاڪن ، ڪتابن جي تبصرن ، مضمونن ، مختلف اخبارن ۾ لکيل ڪالم، شاعري ، ڪهاڻين توڙي زرعي ءِ سماجي ليک پنهنجي سندس شخصيت جي سڃاڻپ آھن ، مان اڪثر ان سوچ ۾ پئجي ويندو هان ته هي سڀ هڪڙو ماڻھو ڪيئن ٿو سنڀالي ... جس آهي سندس سهيڙيل محنتن ،محبتن ، ڪيل خدمتن تي جيڪي ڪتابن ،جي صورت ۾ سنڌي ادب جي سونهن جا گلدستا سجايا آھن ... سندس شاعري جو ڪتاب ”وچن وفا جا “ مان اوهان جي نظر ڪجھ غزل ءِ وائين جا بند جيڪي مون کي پڙھڻ سان ئي ساھء۾ سمائجي ويا .... ڇا ته پيارا فقير محمد سنڌيءَ جا خيال هن ، جن تي ڏات جي ديوي روح جي گهراين منجهان رقص پئي ڪري ... ھر رات يار تو کي ساري سمهي پوان ٿو محبوب مون کي تنهنجي سپنن سان دوستي آ. * مڃان ٿو ته اسان ڏي تون اچڻو نه آھين، مگر پوءِ به رستا نهاريندا آھيون . * مفادن تي وڪامي ٿو، بڻيو بدڪار آھين تون . * سچا سڀ سنڌ جا سنڌي، نسل ۾ ڌار آھين تون . * ناحق جو واپار، ڪارو ڪاري ڪار ، آھِ تکي تلوار ـ ريتن رسمن کي. * سنڌوءَ ڪناري سهڻي ٿي ساري، مومل جي ڌرتي امن جي ڌرتي، ڌرتي آ ڌرتي آ ڌرتي آ ! جهڙيون سٽون ارپيندڙ اسان جو سيبتو ڪوي سائين فقير محمد سدائين اهڙي محنت ، محبت جفا ڪشي ، سان لکندو رهي ءِ اسان پڙھندڙن تائين پنهنجي قرب جي قلم سان لکڻيون لکندو ءِ اسان تائين پڄائيندو رهي .......