ناميارو صحافي، شاعر ۽ليکڪ فقير محمد سنڌي. ناميارو صحافي، شاعر ۽ليکڪ فقير محمد س

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2019۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ناميارو صحافي، شاعر ۽ليکڪ فقير محمد سنڌي.
    جيئند علي مھر:
    ايترو پڙھ ايترو پڙھ جو ماڻهون توکي پڙهن،
    ايترو لک ايترو لک جو ماڻهون توتي لکن.

    اسان جي سنڌي ادب جي هڪ لاجواب ءِ زرخيز تاريخ آھي ، جيڪا صدين کان وٺي شعور ، ثقافت ، محبت ، ڀائيچاري ، اخلاق ، آڌر ڀاءُ جي روشنيءَ جا ڪرڻا سڄي جڳ جهان کي پنهنجي وجد سان پرت جي ڀاڪرن ۾ ڀريون پئي هلي ، اسين سنڌي سٻاجهڙا ، مک تي مرڪ سجايون تڏي تي آيل دشمنن کي به بخشي ڇڏيندا آھيون ، ءِ وري سام تي سرُ ڏيڻ ته ڪو اسان جي سنڌ جي تاريخ جي قرب مان سکي ....
    اهڙي ئي هڪ ڪمند جهڙي مٺڙي ماڻھو ءَ ، جنهن جي مرڪ لک ٿي لهي ، سندس لکڻين جي لوڏَ اهڙي آ جو گُهمي ته ڌرتي سينو چيري رستو ٺاهي ڏيندي وڃي ، لکي ته قلم ڪاغذن مٿان محبتون ورڇيندو محبوب جي ذلفن جهڙي ھُڳاءَ ۾ ويڙھجي مدهوش ٿي وڃي....قد پورو پنو ، رنگ ڪڻڪائون ، گهاٽي جسم هوندي هر ڏُکي سُکي گهڙي ءَ ۾ پراين کي پنهنجو سمجهندڙ ، ڏاڍَ کي پنهنجي قلم جي ڏهڪاوَ سان ڏاريندڙ ، هر وک کي پنهنجي منزل سمجهي توڙ تائين پُڄندڙ منهنجو محبوب فقير منش ، سونهن جو دل سان قدر ڪندڙ فقير محمد سنڌي هڪ ئي وقت ، الفتن جو عاشق ، محبتن جو محبوب ، دردن جو درمان ، سورن جي مرهم سان گڏو گڏ ڪويتائن جو محبوب ته وري ٻئي پاسي سيبتي سچي صحافت جو يگانو عاشق به آھي ، سنڌ ڌرتيءَ تي ساھُ ڏيندڙ ، سنڌي ٽو پيءَ جهڙو کلڻو ملڻو اديب ،شاعر پنهنجي لکڻين جيان انتهائي سادو ءِ سچو آھي ، ها فقير محمد سنڌي پنهنجي منزل جا ڪچا پڪا رستا پنهنجو پاڻ گهڙيا آھن ، جنهن تي پنڌ ڪري ڪاميابيون ماڻيون آھن ....
    07 جنوري 1983 ع تي سياست جي شعوري شھر لاڙڪاڻي ۾ اک کولي ، ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙھڻ سان چاھُ رکندڙ فقير محمد سنڌي پرائمري تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي ، مئٽرڪ 1998 ع تي گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪئي ، انٽر 2000 ع ۾ ڪيائين، بي ،اي 2003ع تي سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين ۽ ايم اي. سنڌي ادب 2005ع تي شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪئي ، ان کان علاوه ديني تعليم ۾ به سندس قابليت ڏسڻ وٽان آھي ،جنهن ۾ مولوي، عالم ۽ فاضل جو ڪورس1998 ع پاس ڪيائين درس نظامي جو ڪورس 1995 کان 2001 ع تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان سندالفراغ سان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري مڃتا ماڻي .... پڙھيو لکيو شعوري سوچ جو ساٿاري ، سنڌي ادب جي ميدان ۾ مسلسل جفا ڪشيءَ سان ڏينهن رات محنتون ڪري منزليون ماڻيون آھن ...سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ،شعري مجموعو، وچن وفا جا 2004 ع تي ڏاهپ پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو ، ٻيو شعري مجموعو، جاني جيون جوڙ ، 2008ع ۾قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو ،گڏيل شاعري جو مجموعو، قلمڪار ڪوي 2009 ع۾ ، عظيم هستين جا عظيم قول 2012ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو ، سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار) آڪٽوبر 2013 ع تي قلمڪار پبليڪيشن شايع ڪيو ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو ...حفيظ کوهاري جي شخصيت ءِ فن تي، قلمڪار پبليڪيشن پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا . سهيڙ ۾، سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق. جيڪو سينيئر اديب سائين جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت تاثرات لکيل آهن ۽سونهن سمبارا( ريڊيو اسڪرپٽ ) 2016ع ۾ شايع ٿيو. سندس پوکيل هيترا سارا گل سنڌي ادب جي باغيچي ۾ خوشبو پکيڙي ذھنن جي ذرخيزي ڪري رهيا آھن ....سندس ڪيل ادبي خدمتون به پنهنجو پاڻ نروار بيٺيون آھن ...جنهن ۾ مختلف تنظيمن ، الڳ لڳ پليٽ فارمن تان حصو ورتو اٿائين جنهن ۾ ،نوجوان ادبي فورم ، لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري ،اياز ادبي اوطاق جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل،،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو نگران،،ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2006ع کان ،ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار مئگزين لاڙڪاڻو ، ايڊيٽر سجاڳ مئگزين لاڙڪاڻو ،، ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر روزاني ”ارادو “ لاڙڪاڻو شامل آهن. سندس ڪيل خدمتن ۾ سائين فقير محمد سنڌي جون ڪاوشون نروار بيٺيون آھن ،،، فقير محمد سنڌي جي ادبي سڃاڻپ ، شاعر ، اديب ، ڪالم نگار ، ايڊيٽر ، صحافي ، ءِ ڪمپيئر طور دلين ۾ گهر ڪيل آھي ،،،،
    فقير محمد سنڌي جا سهيڙيل ڪتاب به اوهان ونڊُ ڪجن ٿا جيڪي به محبوبن جي مرڪن جهڙا پيارا آھن.
    اڻ ڇپيل ڪتاب ....
    * ڏات جو ڏيھ .
    (خاڪا ءِ ڪتابن تي تبصرا )
    * هر ڏينهن صليب تي .
    (روزانو ارادو لاڙڪاڻو جا لکيل ايڊيٽوريل )
    * تاريخ جو منظر ءِ پسمنظر
    (سهيڙيل تاريخ وار )
    * منهنجو لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو.
    (ريڊيو اسڪرپٽ)
    * ڏات جرڪي ٿي ڏيھ ۾
    ( ڏاهپ اخلاقيات )
    *لاڙڪاڻو موتين مالها .
    (شخصي خاڪا )
    * لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب .
    (ڪتابن جو مشاهدو)
    *سڏڪا سڏڪا سنڌ
    (شعري مجموعو )
    * سائي ڌرتي .
    (زرعي ءِ سماجي خاڪا)
    * نڪ ۾ ناڪيلي .
    (ڪهاڻين جو مجموعو)
    اڃان ڪجھ ٻيو به مواد سهيڙڻ جي انتظار ۾آهي.
    فقير محمد سنڌي جي لکڻ جو انداز پنهنجو آ ، سندس لکيل ڪيترن ئي شخصيتن جي خاڪن ، ڪتابن جي تبصرن ، مضمونن ، مختلف اخبارن ۾ لکيل ڪالم، شاعري ، ڪهاڻين توڙي زرعي ءِ سماجي ليک پنهنجي سندس شخصيت جي سڃاڻپ آھن ،
    مان اڪثر ان سوچ ۾ پئجي ويندو هان ته هي سڀ هڪڙو ماڻھو ڪيئن ٿو سنڀالي ...
    جس آهي سندس سهيڙيل محنتن ،محبتن ، ڪيل خدمتن تي جيڪي ڪتابن ،جي صورت ۾ سنڌي ادب جي سونهن جا گلدستا سجايا آھن ...
    سندس شاعري جو ڪتاب ”وچن وفا جا “ مان اوهان جي نظر ڪجھ غزل ءِ وائين جا بند جيڪي مون کي پڙھڻ سان ئي ساھء۾ سمائجي ويا ....
    ڇا ته پيارا فقير محمد سنڌيءَ جا خيال هن ، جن تي ڏات جي ديوي روح جي گهراين منجهان رقص پئي ڪري ...

    ھر رات يار تو کي ساري سمهي پوان ٿو
    محبوب مون کي تنهنجي سپنن سان دوستي آ.
    *
    مڃان ٿو ته اسان ڏي تون اچڻو نه آھين،
    مگر پوءِ به رستا نهاريندا آھيون .
    *
    مفادن تي وڪامي ٿو،
    بڻيو بدڪار آھين تون .
    *
    سچا سڀ سنڌ جا سنڌي،
    نسل ۾ ڌار آھين تون .
    *
    ناحق جو واپار،
    ڪارو ڪاري ڪار ،
    آھِ تکي تلوار ـ
    ريتن رسمن کي.
    *
    سنڌوءَ ڪناري سهڻي ٿي ساري،
    مومل جي ڌرتي امن جي ڌرتي،
    ڌرتي آ ڌرتي آ ڌرتي آ !

    جهڙيون سٽون ارپيندڙ اسان جو سيبتو ڪوي سائين فقير محمد سدائين اهڙي محنت ، محبت جفا ڪشي ، سان لکندو رهي ءِ اسان پڙھندڙن تائين پنهنجي قرب جي قلم سان لکڻيون لکندو ءِ اسان تائين پڄائيندو رهي .......
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام بھترين سنڌي شخصيت جو تعارف.
     
  3. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    لک قرب پيارا طاهر سنڌي
     
    آخري ترميم: ‏17 نومبر 2019

هن صفحي کي مشهور ڪريو