سنڌي ٻوليءَ کي ڪيئن زنده رکي سگهجي ٿو؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ٻوليءَ کي ڪيئن زنده رکي سگهجي ٿو؟

    ڊاڪٽر بخت جمال شيخ

    منهنجن تازن سنڌي ۾ لکيل مضمونن تي ٻن قسمن جا تبصرا آيا آهن.اسان جي وهيءَ وارن جن جو واسطو Gen. X سان آهي. تن ته چيو ٻولي ڏاڍي سولي آهي پر نوجوانن جن جو تعلق Gen. Y سان آهي تن تجويز ڏني ته ٻوليءَ کي وڌيڪ سولو بڻائڻ جي ضرورت آهي.ٻنهي پيڙهين وچ ۾ تڪرار تي پاڻ ٻئي دفعي ڳالهائينداسين پر ڪنهن ٻولي جي سلامتي جي جڙ مٿي بيان ڪيل متضاد راءِ ۾ ئي لڪل آهي.
    ٻوليون به ماڻهن ۽ انهن جي ثقافت جيان جاندارن وانگر آهن، جيڪي ساهه کڻن ٿيون، چر پر ڪن ٿيون، ٻين ٻولين سان ملي جلي سکن سيکارين ٿيون ۽ ماحول موجب تبديل ٿينديون رهن ٿيون. ڪيئي ٻوليون تبديل ٿي سگهاريون ٿين ٿيون ۽ ڪيئي جيڪي ماحول جي تبديلين کي منهن نٿيون ڏئي سگهن سي ختم ٿينديون پيون وڃن. عالمي اداري UNESCO موجب دنيا ۾ 7000 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، دنيا جي اڌ آبادي فقط 23 ٻوليون ڳالهائي ٿي جن ۾ انگريزي، چيني، هندي، جرمن، عربي، جپاني، روسي، ملئي، بنگالي، پنجابي، مرهٽي، اسپيني، پورچوگيزي، فرينچ ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن. سنڌي ٻولي پڻ سگهارين ٻولين مان هڪ ۽ دنيا ۾ 48 هين نمبر تي آهي.(Ethnologue; 22nd edition March 2019).هر 14 ڏينهن بعد سراسري طور هڪ ٻولي مري وڃي ٿي. صديءَ جي آخر ۾ انهن ست هزار ٻولين مان ڪي چند وڃي باقي بچنديون.2019ع کي گڏيل قومن جو ادارو ڏيهي ٻولين جو سال ڪري ملهائي رهيو آهي، جنهن موجب هن وقت 577 ٻوليون ICU ۾ آخري پساه کڻي رهيون آهن.ٻوليون راتو رات نٿيون مرن پر ان عمل کي ڪيئي سال لڳن ٿا، عالميت ۽ بيٺڪيت سان گڏوگڏ سرڪاري قانون ۽ مارڪيٽ به ان جا ذميوار آهن، جيڪي ڪنهن مخصوص ٻولي کي اڳتي آڻڻ لاءِ قانون ٺاهي ان کي سرڪاري ٻولي ڪن ٿا ۽ ٻين کي روڪي رکن ٿا. سنگاپور جيڪو ايراضي ۾ قمبر ۽ آبادي ۾ لاهور کان به ننڍو ملڪ آهي، ان ۾ چيني، ملئي، تامل، انگلش سرڪاري ٻوليون آهن. انڊيا ۾ هن وقت 22 قومي ٻوليون آهن جن ۾ سنڌي به شامل آهي. جڏهن ته پاڪستان جتي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌي آباد آهن، اهڙي قانون سازي سرڪاري ڪٻٽن اندر ٿلهن فائيلن ۾ سهڪي پيئي.
    يونيسڪو موجب ‎ڪنهن به ٻوليءَ کي خطرو تڏهن شروع ٿئي ٿو، جڏهن والدين پنهنجن ٻارن کي پنهنجي ٻولي سيکارڻ يا انهن سان گهر ۾ اها ٻولي ڳالهائڻ بند ڪن ٿا يا ٻار اها ٻولي گهر کان ٻاهر نٿا ڳالهائين. ‎ڪنهن به ٻولي جي مرڻ سان سماج ان ڌرتي جي ‎تاريخ، ادب، ڪهاڻين، ثقافت کان ڪٽجي وڃي ٿو. اهو دراصل حال جو ماضي کان ڪٽجڻ آهي. يونيسڪو ٻولين کي هيٺين 5 خانن ۾ ورهايو آهي؛
    1. محفوظ (Safe) :جيڪي وسيع پيماني تي ڳالهايون وڃن.
    2. نازڪ (Vulnerable): ٻار گهر کان ٻاهر نه ڳالهائين.
    3. خطري هيٺ (Definitely Endangered): ٻار ٻاهر توڙي گهر ۾ نه ڳالهائين.
    4.سخت خطري هيٺ (Severely Endangered): فقط وڏي عمر وارا پاڻ ۾ ڳالهائين.
    5.مرڻينگ (Critically Endangered): چند پوڙها پاڻ ۾ ڳالهائين.
    هن وقت سنڌي ٻولي سنڌ ۾ ته مجموعي طرح پهرين ڪيٽيگري ۾ اچي ٿي ۽ انٽرنيٽ تي اچڻ بعد خطري کان ٻاهر آهي. پر اها درجي بندي هر زماني ۽ هر مڪان لاءِ مستقل ناهي، بلڪه ان ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. ٿي سگهي ٿو اسلام آباد، دوحا، ممبئي، لنڊن، ٽورنٽو ۽ نيويارڪ ۾ سنڌي خاندانن ۾ ان جي ڪيٽيگري سنڌ کان مختلف هجي. ٿي سگهي ٿو سڀاڻي سنڌ ۾ به ان جي ڪيٽيگري بدلجي وڃي. ان ڪري جي اسان پنهنجي ٻولي کي قائم رکڻ چاهيون ٿا ته پوءِ ان کي پنهنجي نئين نسل Gen Y لاءِ پرڪشش بڻائڻو پوندو. جيئن “مارڪيٽنگ ۽ مشهوري” واري فيس بوڪي مضمون ۾ مون 31 آگسٽ تي لکيو هو ته، “اڄڪلهه شين ٺهڻ کان پهريائين ڪمپنيون پنهنجي ٽارگيٽ مارڪيٽ جي سروي ڪري پنهنجن متوقع گراهڪن جي پسند ۽ ناپسند معلوم ڪن ٿيون ۽ ان مطابق شيون ٺاهين ٿيون.”
    ٽپالTAPAL جيڪا پاڪستاني ڪمپني آهي، تنهن سوا صدي پراڻي ٿامس لپٽن جي عالمي ڪمپني LIPTON کي پاڪستان جي برانڊيڊ چانهن جي مارڪيٽ ۾ ان ڪري پوئتي ڌڪي ڇڏيو جو ان جي مالڪ آفتاب ٽپال جنهن جي پيءُ آدم ٽپال کي ايمپريس مارڪيٽ ۾ خشڪ چانهن جو دڪان ھوندو هو ۽ هاڻي ٻاهران پڙهيل سندس نياڻي مهوش اها ڪمپني هلائي ٿي، تنهن کي مارڪيٽنگ سروي مان اها ڳالهه معلوم ٿي ته سنڌي ۽ سرائيڪي علائقن ۾ مهمان نوازي جي ثقافت ڪري چانهن تمام گهڻي استعمال ڪئي وڃي ٿي، ان ڪري هن اجرڪ ٽوپي پهريل سنڌين ۽ ڪڙڪ چانهن جو نعرو هنيو.
    ٻوليون به ان کان آجيون ناهن. مون هن دفعي لکڻ مهل انگلش وارا لفظ به استعمال ڪيا آهن ڇو ته هونئن به سنڌي وارا لفظ اصل ۾ عربي آهن ۽ خاص طور نئين نسل لاءِ سمجهڻ ۾ ايترا سولا ناهن. ٻيو ته مون ارادي طور ان کي “بگاڙيو” آهي ۽ ان ۾ انگلش لفظ ملايا آهن، جيئن اسان جو ٽارگيٽ مارڪيٽ Gen. Y ان کي سمجهي ان تي فخر محسوس ڪري سگهي، جنهن ۾ ئي يونيسڪو موجب اسان جي ٻولي جو جياپو آهي. انگلش جو مثال اسان جي سامهون آهي، جيڪا عالمي ٻولي جو درجو اختيار ڪندي پئي وڃي، جنهن کي يورپين يونين پڻ adopt ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪنهن زماني ۾ ان کي نج پج ڪرڻ جي تحريڪ اٿي ۽ وڏي تحقيق کان پوءِ تحريڪي ان نتيجي تي پهتا ته انگلش خالص ڪرڻ سان خالي ٿي ويندي ان ڪري جو ان ۾ 29 سيڪڙو لاطيني، 29 سيڪڙو فرينچ، 26 سيڪڙو جرمن، 6 سيڪڙو يوناني، 6 سيڪڙو ٻين ٻولين ۽ 4 سيڪڙو خالص لفظ آهن. مثال طور؛ ‏ Pig ۽ sheep اصل ۾ جرمن ٻولي جا لفظ آهن، ڇو ته هو سوئر ۽ رڍون پاليندا هئا پر beef ۽ pork فرينچ لفظ آهن ڇو ته فرينچ ان جو گوشت کائيندا هئا ۽ يارهين صدي ۾ فرانس جي علائقي نارمنڊي مان انگلينڊ تي نارمن جي حملي بعد اهي لفظ انگلش ۾ شامل ٿيا، تنهنڪري ان نئين ٺهندڙ انگلش کيAnglo-Norman سڏڻ لڳا، جيڪا پهريائين جرمن علائقي Angles جتان پنجين صدي ۾ انگريز لڏي انگلينڊ ۾ آباد ٿيا هئا جي ٻولي Anglo Saxon سڏبي هئي. اهڙي ريت ‏parent, joy, ice cream, grape fruit, petticoat, market, surrender, meeting, matinee show, trade, commodore, buy, car, chair, table, encounter, juice, city, fruit, people ,mayor, parliament, mall, price, peasant, cafe, پڻ فرينچ لفظ آهن جن مان آئيس ڪريم، ميٽنگ وغيره پڻ سنڌي ۾ عام جام استعمال ٿين ٿا جن کي جاري رکيو وڃي. ساڳي طرح doctor, picture, villa, antique ۽ ٻيا ڪيترا لفظ لاطيني ۽ galaxy, democracy, Europe, dinosaur, music, philosophy, phobia, planet يوناني توڙي diesel, KG, war, Uber, hamburger وغيره جرمن مان انگلش ۾ داخل ٿيا. انهن مان ڪيترا لفظ سنڌي ٻولي جهڙوڪ ڊاڪٽر، ولا، يورپ، ميوزڪ، فلاسافي، ڊيزل، پيٽرول، لٽر، هيمبرگر، اوبر وغيره سنڌي ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا، جن کي جاري رکيو وڃي جيئن اسان جي وڏڙن گلاس، ريل، ڪلاس، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي، ٽڪوزي، ڪوسي، ساسر،چينڪ، سائنس، ڪمپيوٽر، ڪوپ، پليٽ، ڪٽلي، بگي، ٽانگو، ريل، لاري ۽ ٻين انيڪ لفظن کي پنهنجي ٻولي ۾ اصل يا بگڙيل حالت ۾ ضم ڪري ڇڏيو.
    ٻين ٻولين خاص ڪري انگلش مان لفظ هضم ڪرڻ سان سنڌي ٻولي وڌندي، سگهاري ٿيندي، نئين نسل ۾ قبوليت ماڻيندي ۽ “گدلاڻ” جي درياهه مان لڙهندي لمندي ترندي صاف ٿيندي ۽ خطرن مان پار پوندي ڪوهيارل سان ملندي.

    روزانہ پنھنجي اخبار تان ورتل
     
  2. مهتاب علي جمالي

    مهتاب علي جمالي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     
    شيراز احمد گلال هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو