موتي پرڪاش: آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارو سنڌي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارو سنڌي_ موتي پرڪاش

    هوش محمد ڀٽي

    چئن پنجن سالن جو هوندو هيس. چاچا قمر ڀٽي صاحب انڊيا جي دوري تان واپس آيو هو. انهن ڏينهن ۾ ايڏي سمجهه وارو نه هيس. چاچا سائين انڊيا مان جتي اسان ٻارن لاءِ رانديڪا آندا هئا. اتي هن اتان قيمتي ڪتاب، آرٽ فلمون، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت مالائون آڊيو وڊيو آنديون هيون. انڊيا ۾ ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ تي ڪم، فن ۽ شاعريءَ جا کوڙ سارا ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا جن جي خوبصورتي مون کي اڄ به ذهن نشين آهي. انهن فلمن ۾ تاريخي ۽ ڊاڪيومنيٽريز فلمون اسان گهر جا وڏا ۽ اسين ننڍا وڏي چاهه مان گڏ ٿي ڏسندا هئاسين ۽ ان سڀ جو بندوبست چاچو محمد خان ڪندو هو. ان سڀني ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ جو مطلب اهيو آهي ته انڊين سنڌي گيت مالا سدائين اسان جا ٻئي چاچا هلائيندا هئا، ان ۾ هڪ گيت جڏهن هلندو هو جنهن ۾ نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڏيئا کڻي جمهر هڻندا هئا ته ان جا ٻول منهنجي لونءِ لون کي ڌوڏي ڇڏيندا هئا. اهي ٻول هئا:
    آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي،
    ۽ خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي!
    اهو گيت ٻڌي منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا ۽ سنڌين جي عظمت، محنت ۽ شان اوچو محسوس ٿيندو هو. اهي لفظ، اهو گيت ذهن تي نقش ٿي ويا. اڳتي هلي جڏهن ادبي ساڃاهه تي خبر پئي ته اها شاعري دادا موتي پرڪاش جي آهي ته ان ڏينهن کان دادا موتي پرڪاش منهنجي دل و دماغ تي ڇائنجي ويو ۽ مون ان جو تصور ڪري، عڪس ٺاهڻ شروع ڪيو ته اهو ڪهڙو انسان هوندو جنهن ايڏي باڪمال شاعري ڪئي آهي. مون کي دادا موتي جو ٻيو ڪلام پڙهڻ جو شوق جاڳيو ۽ آءُ ڪو به دادا جو مجموعو هٿ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيس. محترم ڀائو قمر ڀٽي پاران هندوستان جي سنڌي شاعرن جو ڪلام سهيڙيو “هند ۾ جلاوطن سنڌي” ڪتاب ۾ دادا موتي جو هڪ اڌ گيت يا غزل پڙهيو هيم.
    دادا موتي پرڪاش سنڌي ٻوليءَ جو اعليٰ شاعر، محقق، ترجمي نگار، ناول نگار ۽ ناٽڪ نويس آهي. سندس ڪم اعليٰ پايي جو آهي. ورهاڱي جي جڏهن به ڳالهه نڪرندي ته اهيو اهو تڏو آهي جيڪو ڪڏهن به کڄڻو ناهي ائين لڳندو آهي ڄڻ وري ورهاڱي جي فتني ۾ ماريل بي گناهه ۽ زبردستي جلاوطن ڪيل سنڌين جو سور هاڻي هاڻي ٿيو هجي. دادي موتي پرڪاش هند ۾ رهندي به سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ادب جو جيڪو ڪم ڪيو آهي خدمت ڪئي آهي ان کيس مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي. دادا موتي پنهنجي ڌرتيءَ کان ڏور هوندي به پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياريو ۽ ادارا قائم ڪيا.
    دادا موتي پرڪاش جو جنم 1931ع ۾ دڙي شهر ضلعي ٺٽي ۾ ٿيو ۽ جيئن هر ليکڪ جي لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادبي لکڻي سان ٿيندي آهي ڇو ته ماڻهو ننڍپڻ ۾ ٻار ئي هوندو آهي. موتي پرڪاش جو 12 سالن جي عمر ۾ پهريون شعر ٻاراڻي رسالي گلستان ۾ شايع ٿيو. دادا موتي پرڪاش ٻاراڻي ادب جي واڌاري لاءِ “ٻال سنديش” رسالو به شروع ڪيو هو جيڪو ورهاڱي سبب بند ٿي ويو.
    موتي پرڪاش 1954ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ادبي ڪلا جي راڻي ۽ بهترين ليکڪه ڪلا پرڪاش سان پيار جو پرڻو ڪيو. دادي ڪلا جو ناول “اوکا پنڌ پيار جا” جڏهن پڙهي پورو ڪيو هيم ته دادي ڪلا جي ناول لکڻي جي هنر جو ديوانو ٿي ويو هيس ۽ ان جا ٻيا ڪتاب ڳولهي ڳولهي پڙهڻ ۾ لڳي ويو هيس. اوکا پنڌ پيار جا” ناول جي آخري پني تي موتي دادا ۽ دادي ڪلا پرڪاش جو رابطه نمبر لکيل هو. ناول ته مون ڪلا پرڪاش جو پڙهيو هو پر نمبر مون دادا موتي جو ڊائل ڪيو هو. دادا موتي جنهن محبت ۽ سڪ سان ڳالهايو هو اهو مان ڪڏهن وساري نه ٿو سگهان. ڪاش مان اها ڪال رڪارڊ ڪريان ها. دادا موتي سان موبائيل ۾ گهٽ پيسا هجڻ ڪري ڳالهه ٿوري ٿي سگهي هئي. پر اها مون لاءِ خوشگوار ۽ معنيٰ خيز ٿي وئي هئي.
    دادا موتي مون کي “سنڌ جو هوشو! ايڪهين صديءَ جو هوشو” چيو هو. مون جڏهن پنهنجي ايم فل جو ذڪر ڪيو ته اڃا به گهڻو مان ۽ محبت ڏيڻ ۾ هن مون کي حساس ڪري وڌو هو. ايڏي وڏي ماڻهو سان ڳالهائيندي سچ ۾ فخر محسوس ٿيو هو ۽ هن تر به اهو محسوس نه ڪرايو هو ته هو الڳ آهي وڏو شاعر يا اسڪالر آهي. ائين فون اڌ ۾ ڪٽجي وئي هئي ۽ اهو ٻڌائيندي ته ڪلا پرڪاش جو ناول پڙهڻ ڪري ئي ڪال ڪرڻ جو سبب ٺهيو هو. مون جڏهن دادا موتي منهنجي ايم فل جي حوالي سان ڪافي صلاحون ڏنيون ۽ پنهنجو ڪتاب Shah Latif (Life and Poetry) پڙهڻ جي لاءِ چيو هو.
    موتي پرڪاش جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا آهن. جئين: آءُ ته چوريون چنگ (شاعري)، چڻنگ وچ وچولي (شاعري) انڌيرو اجالو (ناول) ادبي گل (مضمون)، رات هڪ طوفان جي (ناٽڪ) دل جون ڳالهيون (مضمون) پردي اڳيان پردي پٺيان ( ناٽڪ)، رٺي ڏينهن ٿيام (قلمي خاڪا) آهن. ترجمو ڪيل ڪتاب هي آهن: تارا شنڪر بئنرجي جو ڪالندي (بنگالي)، صدرالدين اينيءَ جو ادنيا (تاجڪستاني) رميش مهتا جو انڊر سيڪريٽري (هندي)، ڪاڪو ڪلو (انگريزيءَ جي مشهور ناول مزاحيه ٿري مين ان ا بوٽ) شامل آهن. گلڙن جا گيت ٻارن لاءِ لکيل شاعري آهي. سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز “سنڌي شاعريءَ ۾ استري جو چٽ” سنڌي شاعري جي حوالي سان اهم تحقيقي دستاويز آهي. “سي سڀ سانڍيم ساهه ۾” سنڌ جو سفرنامو آهي. جيڪو يوسف سنڌيءَ چپرايو هو. اهو مون نائين جماعت ۾ پڙهيو هو. جنهن کي ڀارت ساهتيه پاران ايوارڊ پڻ ڏنل آهي.
    ڪي خبرون ڪي ڳالهيون ماڻهو کي گهٽي ڇڏينديون آهن. دادا موتي جي مرتئي جي خبر مون کي ملول ڪري ويندڙ ڪيفيت ۾ اڇلي وڌو هو. سنڌي شاعريءَ جو هي موتي سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادبي آسمان کي اداس ۽ پريشان ڪري ڏورانهن ڏيهه جو راهي ٿي ويو هو. مون کي اداسيءَ ۾ ياد آيون هيون. دادا موتي پرڪاش سان ڪيل ڪي ملاقاتون ۽ ونڊيل مسڪراهٽون.. آءُ ان مزاج ۾ ايندڙ يادون ياد ڪيون هيون ته جيئن انهن ساروڻين کي سانڍي سگهان.
    2004ع ۾ گريجوئيٽ نه ٿيو هيس. منهنجي تعليم جاري هئي، ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تعليمي سرگرمين کان علاوه لکڻ پڙهڻ جو وڏو جنون هوندو هو. هر وڏو، معياري ۽ اهم ڪتاب پڙهڻ ۽ خريد ڪرڻ جي لاءِ دل چوندي هئي. سياري ۽ گرمي جون موڪلون چاچا سائين وٽ حيدرآباد ۾ گذاريندو هوس. 2004ع جي ڊسمبر جي موڪلن ۾ حيدرآباد هيس. انهن کي ڏينهن ۾ هندوستان کان سنڌي اديبن جو ٽولو حيدرآباد آيل هو. ڀائو قمر ڀٽي 29 ڊسمبر 2004ع تي عوامي آواز ۾ هند جي سنڌي قلم ڪارن کي ڀليڪار “سنڌي آيا سنڌ گهمڻ” جي عنوان سان مضمون لکيو هو. ان ڏينهن ڀائو قمر چيو سڀني کي چيو ته تياري ڪيو اڄ هند جي اديبن سان ملڻو آهي.
    مون کي چٽي طرح ياد آهي ته لطيف آباد جي هڪ پرائيويٽ گيسٽ هائوس ۾ جتي انڊيا جا اديب رهيل هئا. ڳولڻ لاءِ ڪافي پڇا ڳڇا ڪرڻي پئي هئي ته اهو ڪهڙي پاسي آهي. گيسٽ هائوس تي پهچڻ شرط اسان پهريائين دادا موتي پرڪاش جي ڪمري تي پهتا هئاسين. ڀائو قمر کي دادا ڏسي چيو هو “آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارو موتي” دادا موتي ڀائو کي ڀاڪر پائيندي چيو هو “تون وڏي ڏاڙهي وارو قمر ڀٽي آهين، جوشيلو تقرير باز ۽ شاعر. ڀائو چيو هو “جي بلڪل سائين.”
    موتي پرڪاش هلڪي قد جو پنهنجي سڀاءَ ۾ تمام نرم ۽ ڪچڙي گونچ جيان لڳي رهيو هو. سندس مٿي تي سفيد وار ٿورا وڃي رهيا هئا. سفيد ڪڙتي ۾ هو موتي جيان لڳي رهيو هو. هوريان هوريان ڳالهائيندڙ دادا موتي کي مان وڏي تجسس سان ڏسي رهيو هيس. آءُ ننڍو هئڻ ڪري چپ ڪيو ويٺو رهيس. ڀائو دودو ديشي به اسان سان ساڻ هو. ڀائو قمر ۽ دادا موتي ڪچهري ڪندا رهيا. هڪ ٻئي کي ڪتابن جي ڏئي وٺ ڪيائون ۽ چانهه اچي وئي. مون کي ياد ٿو اچي ڪلا پرڪاش اتي موجود نه هئي. شايد هوءَ نه آئي هئي. يا ٻئي ڪمري ۾ ويل هئي!
    دادا موتي سان ڀائو قمر منهنجو تعارف ڪرايو هو “ هي آهي هوش محمد ليکڪ ۽ پرائيويٽ اسڪول جو پرنسيپال آهي. تمام گهڻو ايڪٽو ۽ هوشيار آهي. دادا مون کي مسڪرائي ڏٺو ۽ نرڙ تي مٺي ڏني هئي. منهنجي دل تيز ڌڙڪي رهي هئي وڏي خوشي محسوس ڪري رهيو هيس.
    موتي پرڪاش سان ڪيل اها ملاقات منهنجي زندگيءَ جي يادگار ملاقات آهي. جنهن دادا سنڌ جي لاءِ ڳالهيون ڪندي اداس اداس ۽ پريشان ٿي پئي ويو. دادا ڀائو کي ٻڌايو ته اسان کي شيخ اياز جي مزار جي لاءِ هاڻي نڪرڻو آهي ان لاءِ اجازت شام وري ملون ٿا.
    ان ڏينهن جو شيخ اياز جي مزار تي وڃڻ جو ذڪر لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪٿا “وهي کاتي جا پنا” جي جلد پهرئين جي ارڙهين پني ۾ صفحي 145 تي هن طرح ڪيو آهي: “گذريل ڊسمبر 2004ع ۾ ڀٽ شاهه تي شيخ اياز جي مزار تي موتي پرڪاش سحر امداد ۽ مون اياز جي هي وائي:
    ٽڙي پوندا ٽارئين،
    جڏهن ڳاڙها گل الو ميان،
    تڏهن ملنداسين...
    گڏجي ڳائي هئي ته منهنجي همسفر ساٿين جون اکيون ڀرجي آيون هيون.”
    ان ئي شام جو انڊيا جي اديبن کي سنڌ ميوزم حيدرآباد ۾ آجياڻو ڏنو ويو هو. اسان چاچا سائين سان ڪوٽڙي ۾ ڪا گڏجاڻي اٽينڊ ڪري، جلدي جلدي حيدرآباد پهتا هئاسين، جتي حيدرآباد جي سياسي، ادبي ۽ سماجي حلقن جي پوري ڪريم موجود هئي. سڀ اديب صاحبان منچ تي ويٺل هئا. قادر بخش مٺو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهيو هو. مون کي رسول بخش پليجي صاحب جي ڀرسان ويهڻ جو موقعو مليو هو ۽ مان اهو وڃائڻ بنا ويهي رهيو هيس.
    پروگرام جيئن ئي ختم ٿيو هو ته سڀ ڪو اديبن سان ملي رهيو هو ۽ هڪ دفعو ٻيهر وري مون دادا موتي سان هٿ ملايو هو. دادا اجرڪ ۾ پنهنجي نانءُ جيان ٻري رهيو هو. سنڌي ٽوپيءَ ۾ هو اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهيو هو. هن مون کي مسڪرائي ڏٺو ۽ هٿ ملايو هو. رش ۾ صرف ايترو ئي ٿي سگهيو هو ۽ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي هئي.
    موتي پرڪاش نه صرف هڪ وڏو اسڪالر ۽ اديب هو پر هن تعليمي شعبي ۾ به پنهنجون ماهرانه صلاحيتون ڏنيون. انڊيا ۽ ان کان ٻاهر دبئي ۾ “دي انڊين هاءِ اسڪول” ۾ پنهنجو تعليمدان هجڻ وارو فرض پورو ڪندا رهيا. مون ڪيئي ڀيرا دبئي خط لکڻ جو سوچيو پر لکي نه سگهيس. موتي پرڪاش هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي. اهي ڳالهيون لکندي دل جي ڌڙڪن ڄڻ جهڪي ٿي وڃي ٿي. لڇمڻ ڪومل پنهنجي آتم ڪهاڻي جي ٽيئن جلد ۾ لکيو آهي ته “2004ع کان پوءِ جڏهن اسان سنڌ آياسين ته ڪراچي جي هڪ هوٽل ۾ موتي پرڪاش ۽ مون پوري رات جاڳي گذاري هئي ته اسان سنڌ جي رات کي ڏسون ۽ سنڌ جون ڳالهيون ڪندي ڪندي صبح ڪيو هو ۽ چيو هو ته اسان سنڌ ۾ سمهڻ نه سنڌ کي ڏسڻ آيا آهيون.”
    لڇمڻ ڪومل هجي يا موتي پرڪاش يا وري ٻيا انڊيا جا سنڌي انهن جو روح اڄ به سنڌ تڙپندو هوندو. انهن جي هڪ هڪ گهڙي سنڌ کي ياد ڪندي گذري ٿي، انهن جي هر لکڻي ۾ سنڌ جهلڪي ٿي. انهن جو هر حوالو سنڌ ۽ سندن ڳوٺ هو. اسان جا مهان سنڌي ليکاري هتان سوچي ته اهيو ويا هئا ته هو حالتون سهي ٿيندي ئي واپس پنهنجي جنم ڀوميءَ ڏي موٽي ايندا پر انهن اتي وڃڻ بعد هي شعر سرجيو ۽ حالتون به اهڙيون رهيون؛
    الائي ته ڪهڙي گهڙيءَ شيام ان مان نڪتاسين،
    وطن ورڻ ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي!

    Email: hosh6292@yahoo.com

    احساس مئگزين جي آگسٽ سيپٽمبر 2019 جي شماري ۾ دادا موتي پرڪاش جي ورسي جي حوالي سان ڇپيل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو