ڪاري ڪڪر هيٺ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2019۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪهاڻي
    ” ڪاري ڪڪر هيٺ “
    نثـــارابــڙو

    هو انٽر لاڪ کولي جيئن ئي داخل ٿيو ته سامهون وڏو ڀاڻس ... سلام ڪري پاڻ کڻي ڪرسيءَ تي ڇڏيائين ... هٿ ورائي مٿي کي ٽيڪ ڏئي ... ٽنگون سڌيون ڪري ... اکيون بند ڪري ٽيڪجي رهيو ...
    ”سائينءَ جن ٻڌائڻ جي زحمت ڪندا ته ٻه ٽي ڏينهن ڪٿي هئا؟“ ڀاڻس ٽوڪيندي چيو
    ”دوستن سان هيس“ بند اکين سان ئي جواب ڏنائين
    ”ڪالهه فون ڪري تو وارن يارن کان پڇيو هو، خبر پئي ته يونيورسٽيءَ ويو آهين“
    ”جي ادا ! يونيورسٽي هيس ! “ ننڊاکڙيون اکيون اڌ جيتريون کوليندي چيائين
    ” يونيورسٽي ... ههڙن حالن ۾ ! خاڪي جيڪٽ هيٺان ٿلهو سوٽر پاتل ... ڪپڙا ميرا ... پيرن ۾ راندين وارو جوتو ... ڏاڙهي وڌيل ... اکين ۾ ننڊ !، يونيورسٽيءَ ۾ گڏهن وارو ڪم ڪندا آهيو ڇا؟، سچ ٻڌاءِ ڪٿي هئين ... رات واري ڌاڙي ۾ ته شامل نه هئين“ ... ڀاڻس سندس هيٺ کان مٿي واري حالت جي تصوير ڪشي ڪندي چيو...

    ”ڌاڙو ... ڇا ٿا چئو ادا سائين؟“ پوريون اکيون کولي ڀاءُ کي گھوريائين

    ” ها ها ڌاڙو ! رات جي پوئين پهر يونيورسٽيءَ ۾ لڳو آهي ... هي اخبار ڏِسُ ...“ ٽيبل تي پيل اخبار ڏانهن اشارو ڪيائين

    يونيورسڻي پر تين سؤ هٿياربند ڊاڪؤن ڪا حملا

    ”قومي ٻوليءَ جي قومي اخبار جي مکيه سرخي“

    ”ڪوڙا ... ڪوڙ ٿا لکن ... ٽي سئو ڌاڙيل ڌاڙو هڻن ته اسٽيٽ بئنڪ کي هڻن ... حبيب بئنڪ کي هڻن ... نيشنل بئنڪ کي هڻن يا وري يونيورسٽيِءَ کي هڻي ڪتابن جون ڀريون ڀريندا ... انهيءَ کي چوندا آهن زرد بلڪه ڪاري صحافت ... “ اخبار وارن تي سخت ڪاوڙجندي چيائين

    ” مونکي پڪ هئي ته تون ان چڪر ۾ آهين، ڏس ڀاءُ ! اسين محنت ڪري توکي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ جا ڳاٽي ڀڳا خرچ برداشت ڪري رهيا آهيون ته من ڪو پنهنجي خاندان ۾ به آفيسر پئدا ٿي پوي ۽ تون آهين جو نانگن جي ٻرن ۾ وتين هٿ وجھندو ...“ ڀاڻس ڳوٽ ڀڃندي چيو ...

    ”جي ادا سائين احساس اٿم پر جي ڪو ڳلو پڪڙي ساه ڪڍي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ ... ڳلو ته ڇڏائڻو ئي پوندو نه “

    ”آخر ٿيو ڇا ؟ ڪجھه مونکي به ته ٻڌاءِ ...“

    ”بس ڙي ادا ، وڏڙن جون غلطيون ... ڀوڳڻو پاڻ کي آهي ! ڪجھه عرصو اڳ جي مسلمان ڀائر، مسڪين بڻجي هجرت ڪري آيا سي اڄ مالڪيءَ جون ڳالهيون ڪندي هتان جي اصل وارثن کي ماري، ڌڪي ٻاهر ڪڍڻ چاهنٿا ... ڪنهن کين چوچڙي ڪئي ته ساڻن ظلم ٿي رهيو آهي ... پهريان پٺاڻن سان وڙهيا پوءِ پنجابين سان ... پوءِ وري ڪنهن چرچ ڪئي ته باقي قومون ته هت مهمان آهن ... اڄ يا صبح هليون وينديون، اصل وارث ته سنڌي آهن کين ماري مات ڪريو ته اوهانجا ٻيڙا پار ...
    جنهن ڏينهن سنڌ اتحاد پاران سنڌين جي حقن لاءِ جلوس ڪڍيو ويو ان ئي ڏينهن هنن يونيورسٽي جي سنڌي شعبي تي حملو ڪيو ... استادن سان بدتميزي ۽ بيحيائي سان پيش آيا ... سنڌي شاگردن کي اغوا ڪيائو ... شعبي جي لائبريري مان سنڌي ڪتاب ڪڍي باه ڏنائون ... ايئن جيئن ترخانن ٺٽي شهر جا علمي خزانا ساڙيا هئا ... هاسٽلن مان سنڌي شاگردن جو سامان ڪڍي چڱو چڱو کڻي ويا ۽ باقي ساڙي ڇڏيائون ... “

    ” اها ته مورڳو ناانصافي ٿي “ ڀاڻس شڪايتي لهجي ۾ چيو

    ” منهنجا ڀاءُ ! اهو ئي نه پر سنڌ جي پيامبر، انسانيت جي علمبردار شاه ڀٽائي جي رسالي کي درندن جيئان ڦاڙي باه ڏئي ڇڏيائون ...“

    ”ڇا ؟ شاه جي رسالي کي باهه ! “ پنهنجي ئي چپ ۾ چڪ هنيائين

    ” ها ها، رسالي کي باهه ڏئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي نعرا هڻندي اعلانيه چوندا رهيا ... اڄ کانپوءِ يونيورسٽي ته ڇا پر سنڌين کي سنڌ مان به ڀڄائي ڪڍبو ... “

    ” ظالم ... وحشي ... درنده ... جاهل ڪنهن جاءِ جا ... کين سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ ناهي ... اهڙا ڪيئي آيا ڪيئي ويا ... هي، سنڌين کي ٿا سنڌ مان ڪڍن ! “ ڀاڻس تپي باهه ٿي ويو ۽ ايئن ٿي لڳو ته اجھو ڪهاڙي کڻي جهاد جو اعلان ڪندو ...

    ” پوءِ نيٺ اوهان ڇا ڪيو؟ “

    ” يونيورسٽيءَ مان اوچتي نيڪالي کانپوءِ ... پاڻ ڀر واري انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ پناهه وٺي مورچا ٺاهيا ... پنهنجن ساٿين کي ڇڏائڻ خاطر هنن جا ٻه ڪارڪن باندي بڻائي کين نياپو ڪيو ته پنهنجن ساٿين کي نقصان پهتو ته سندن ساٿين جو به خئير ناهي ... “

    ” چڱو ٿيو ! پوءِ ڇا هنن اسانجي ڇوڪرن کي ڇڏيو؟ “

    ” ها ڪجھه ويرم کانپوءِ پنهنجا ساٿي واپس آيا ته هنن جي ڇوڪرن کي به آزاد ڪيوسين “

    ” کين گوليون هڻي ... لاش ڪتن حوالي ڪيونِ ها ...“

    ” نه ڀاءُ نه ... پاڻ اصول پرست آهيون ... جنگ جا به ڪي اصول ٿين ٿا ...“

    ” خئير اڳتي ٻڌاءِ ...“ ڀاڻس جو تجسس وڌندو ٿي رهيو

    ” دهشتگرد يونيورسٽي تي قبضو ڪري مورچا ٺاهي ويهي رهيا ... سنڌين جي داخلا بند ... پاڻ انتظاميه کي دانهيو ... VC صاحب لاچاري ڏيکاريندي چيو ته يونيورسٽي هلي پئي ۽ ڪجھه شاگردن لاءِ هو يونيورسٽي بند نه ڪندو ... ضلع انتظاميه کي اطلاع ڪيوسين ته DC ۽SPشاگردن جو مسئلو چئي چپ ٿي ويا ... ڪنهن شاگرد جو زخمي ٿيڻ يا موت کين مهانگو پئجي وڃي ها ... “

    ” يا الله ! هي انڌير ؟ هيڏي وڏي يونيورسٽي ۾ ڌرتيءَ وارثن سان اهڙو ظلم ... نه داد نه فرياد ...“ ڀاڻس، دريءَ کان نظر ايندڙ آسمان ڏانهن ڏسندي چيو ...

    ” ادا سائين چواڻي آهي ته ”تنگ آيد جنگ آيد“ ، همٿ مردان مدد خدا ڪري وڙهڻ جو فيصلو ڪيو... پڪ هئي ته ” سچ جي فتح ٿيڻي آهي، ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ “ ... فلسطيني دوست کان مدد ورتيسون ... جنهن يونيورسٽي ۾ موجود دهشتگردن جي تعداد ۽ طاقت مطلق ڄاڻ ڏني ... هو تعداد ۾ ٻه سئو کان به مٿي ... مڙوئي هٿياربند ... ويڙهه جا ڄاڻون ۽ ماهر ... هونءَ ته پوري يونيورسٽي تي قابض هئا پر سندن اهم مورچا فيڊرل هڪ (Federal -1) ۽ ايم.بي.اي (MBA) هاسٽل ۾ هئا ...

    يونيورسٽي ڪيمپس جي اوڀر اتر ۾ رهائشي ڪالوني ۽ VC جو گھر آهي ... اولهه ڏکڻ ڏانهن شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽلون ... اولهه طرف سائنس فيڪلٽي ۽ MBA جي عمارت آهي ... پاڻ جنهن هاسٽل ۾ پناهه ورتي هئي، اُنَ ۽ دهشتگردن جي مورچن وچ ۾ تقريبن اڌ ڪلوميٽر جو فاصلو ۽ ان سموري پنڌ سان ديوي ٻٻر جا گھاٽا وڻ آهن، جن جو فائدو به ٿيو ته نقصان به، ڊگھن نوڪدار ڪنڊن نه فقط پير پر ٻانهون ۽ پٺا پڻ ٿي رهڙيا ... تنهن هوندي به فائدو گھڻو ٿيو جو راتاهي ۾ لِڪُ ضروري هوندو آهي ... دشمن تي اوچتو ۽ غير متوقع حملو سندس مَتِ منجھائي وجھي ٿو ۽ هو هارائڻ تي مجبور ٿيو پوي ...

    اسين ڪل ويهار کن هئاسون ... هٿيار ڪي گھڻا ڪونه پر جذبا بي انداز ... فقط منزل تي نظر رکيسون ... ڪي خون ڪرڻا ڪونه هئا يا ڪنهن به هڪ شخص جا ذاتي دشمن نه هئاسين ... پنهنجي قومي عزت جي بچاءَ ۽ بقاءَ خاطر پئي وڙهياسون...

    ويهارو ئي نوجوان ڪٺي ٿياسون ... هٿيار سنڀاليه ... جاچ ڪئي ... هڪٻئي ڏانهن نهاريو ...

    ” سڀ طع آهي “

    ” جي طع آهي “ سڀني هڪ آواز ٿي وراڻيو

    ” پوءِ اچو ته دشمن جي ويجھا ٿيون ۽ کين اهڙي سيک ڏيون جي ٻيهر سنڌين تي حملي ڪرڻ جي جرئت نه ڪن “

    قطار ٺاهي .. اڳ کان طع ٿيل رٿ مطابق وڌڻ لڳاسون ... گھڻو ڪري اڌ ڪلاڪ جي اندر انڌيري ۽ ڪنڊن ڀريل راهه پار ڪري اقبال هاسٽل جي پوئين پاسي واري ڀت تائين پهتاسين ... ڀت ۾ موجود مڙس جيڏي سوراخ مان گذري ننڍن ننڍن ٽولن ۾ ورهائجي پنهنجي پنهنجي مقرره جڳهه تائين پهچي وياسون ...

    هڪ گروهه اهڙو ٺاهيو ويو جنهن وٽ ظاهري ڪوبه هٿيار نه هو ... سندن ڪم هو ته عام شاگردن کي تسلي ڏين ۽ کين ٻڌائن ته هي ڪهڙي ۽ ڪنهنجي ويڙهه آهي ...

    ٻيو هڪ اهم ٽولو ٺاهيو ويو، جنهنجو ڪم مکيه ويڙهو ٽولن وچ۾ جلد رابطي جو هو ... اڳيان پٺيان پيدا ٿيندڙ حالتن جو جائزو ۽ خبر ڏيڻ ... هٿيارن جي ردوبدل ۽ رسد ... ٻاهران مدد ڪندڙ ساٿين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ وغيره ...

    مکيه وڙهندڙ ٽولا ٽن ٽن جا چار ٺاهيا ويا ته جيئن چار مکيه مورچا سنڀالي، دشمن تي اچانڪ حملو ڪري، هيسائي، سندن مورچن تي قبضو ڪري وٺجي ... دشمن کي زنده باندي بڻائي کانئن پڇا ڪجي ته اسان کين ڪهڙو نقصان رسايو آهي جنهنجو هي بدلو ڏئي رهيا آهن ... ڇا کين گھر نه ڏناسون؟ روزگار نه مليو؟ پنهنجائپ نه ڪئيسون؟ رشتا نه ڏنا نه ورتا ... سندن لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو؟ پوءِ به هي ظلم !!!

    هُنَ ٿڌو ساه ڀري هوا ۾ ڦهلائي ڇڏيو ... اکيون بند ڪري ٻنهي هٿن جي آڱرين سان زور ڏئي گرم ڳوڙها ڪڍي اکيون اگھي ڀاءُ کي گھوريائين ... چپ ۾ چڪ هڻي چپ ٿي ويو ... سندس ڪڙن جذبن جي ڪڙي سور سندس ئي لفظن تي ڪڙا چاڙهي ڇڏيا ...

    ڀاڻس جون سموريون همدرديون هاڻ هن سان گڏ هيون ... سندس اندر ۾ اڀاميل اڌما پروڙي ورتائين ... جھٽ ڏئي فرج مان پاڻيءَ جي بوتل ڪڍي، گلاس ڀري هن ڏانهن وڌائيندي چيائين ... ” پاڻي پي ڇڏ “

    گلاس وٺي هڪ ئي ساهيءَ ۾ پي ويو ... اندر جي آڳ الن کي ڪجھه هلڪو ڪيائين

    ڀاڻس وڌيڪ تفصيل ٻڌڻ لاءِ بيچين ٿيندي چيو ” معاف ڪر يار! مون توکي غلط سمجھيو ... اوهين ته هن دور جا دودا، دولهه ۽ هوشو آهيو ... جن پنهنجي سرن جا نذرانه ڏئي سنڌي قوم جو ڳاٽ هميشه لاءِ اوچو ڪيو آهي “

    هو ڪجھه گھڙين لاءِ سوچ ۾ گم ٿي ويو ... ڄڻ ته معرڪي ۾ موٽي ويو هجي ...

    ” پاڻ سڀ لڳ ڀڳ هڪ ئي وقت اک ڇنڀ ۾ طع ٿيل مورچن تي پهچي وياسون ... هڪ ٽولو ايوان قائد ته ٻيو اقبال هاسٽل ته ٽيون وري cafe-de-union تائين پهتو، چوٿون ۽ اهم ويڙهو ٽولو فيڊرل 2 هاسٽل جي ڀت سان وڃي ٽيڪيو ... دهشتگردن جو ٽن طرفن کان گھيراءَ پڪو ڪري، مخصوص طع ٿيل نعرو هڻي هڪٻئي کي اشارو ڪيوسين ته ويڙهه لاءِ هر ٽولو تيار آهي ... بس پوءِ هٿيارن جا منهن کلي ويا ... يونيورسٽي ٻرندڙ جبل جو ڏيک ڏيڻ لڳي ... رات جي پوئين پهر، اوچتو ئي اوچتو، ايڏو وڏو حملو پاڻ ڪري ٿي سگھياسون، شايد ڪنهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هو ...“

    فيڊرل 2 جي ڀت سان بيٺل ٽولو فائرنگ ڪندو هاسٽل جي اندر گھري، دشمن جي اهم مورچي جي ويجھو چند قدمن جي فاصلي تي وڃي پهتو ... فيڊرل 1 ۾ دشمن ته پاڻ وري فيڊرل 2 ۾ ۽ ٻنهي هاسٽلن وچ۾ چئن قدمن جو فاصلو ...

    قائد ايوان ۽ cafe-de-union واري ٽولي خبرداري ۽ ڦڙتيءَ سان دهشتگردن جي هڪ ٻئي وڏي مورچي MBA-Campus ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو ۽ سڏ پنڌ تي موجود پاڻيءَ جي حود جي پناهه ۾ مورچو ٺاهي ورتو ...

    ايوان اقبال واري ٽولي پڻ فيڊرل 1 جي اوڀر ڏکڻ واري پاسي کان دهشتگردن جي چرپر کي قابو ڪري ورتو ... مطلب ته رٿيل سٽاءَ مطابق دشمن ڪنهن به ٻاهرين مدد کان ڪٽجي چڪا هئا ...

    اوچتي ۽ غير متوقع حملي دشمن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ... کين هرطرف موت نظر اچڻ لڳو ... پنهنجن مورچن کان نڪرڻ جي همٿ ڪري نه سگھيا ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي حماقت ڪئي به ته پنهنجن ساٿين جي ڄار ۾ اچي زخمي ٿيو يا وري ڀڄي پوئتي ٿيو ... ڪئي دهشتگرد اهڙي طرح زخمي پڻ ٿيا ...“

    سندس ٿڪل جسم ۾ ٻيهر جان پوڻ شروع ٿي ... اکين جي لالاڻ ڪاوڙ جي ترجماني ڪري رهي هئي ... چهري جي بدلجندڙ تاثرات مان ايئن ٿي لڳو ته اڃان هو ويڙهه جي ميدان ۾ زخمي شينهن جيئان وڙهندو هجي ...

    ” منصوبه بندي ۽ ان تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ ئي پنهنجي ڪاميابيءَ جي ضمانت هئي ... دهشتگرد هاڻ انڌاڌنڌ فائرنگ ڪرڻ لڳا ... فيڊرل 1 ۽ 2 جي وچ۾ جيتوڻيڪ چار قدمن جو فاصلو هو پر اهو طع ڪرڻ ڄڻ ته جان تان هٿ کڻڻ ... 2 کان نڪري ا تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ وارن ساٿين کي دشمن جي خودمختار هٿيارن جو نشانو ٿيڻو ٿي پيو ...

    پاڻ حود واري مورچي وارن ساٿين ڏانهن نياپو ڪيو ته MBA-Campusوارن دهشتگردن تي ڇتو حملو ڪن ... بس نياپي پهچڻ جي دير هئي، ساٿين اثرائتو حملو ڪري هاسٽل کي ڇاڻي ڪري وڌو ... ان حملي ۾ دشمنن جو ڪو چڱو مڙس زخمي ٿيو يا جھنم وڃي پهتو، ان ڪاهه جي دٻ برداشت نه ڪندي دهشتگرد مورچو ڇڏي ڀڄي نڪتا ...

    فيڊرل 1 وارن دشمنن جو سمورو ڌيان MBA-Campus ڏانهن ٿيو ته پاڻ انجو فائدو وٺندي فيڊرل 2 کان ڪلٽيون کائيندا وڃي 1 تي ڪڙڪياسون ... دشمن هيٺين منزل کان ڀڄي وڃي ٻي منزل تان ڇت ڪتائيءَ وارا حملا ڪرڻ لڳو ... هن حملي ۾ غلطيءَ سبب پنهنجي هڪ ساٿيءَ جي گوليءَ پنهنجي ئي هڪ اهم دوست کي ڌڪي وڌو .. ويڙهو ۽ بهترين دوست ناڪاره ٿي پيو ... خئير پاڻ هيٺين منزل تي پورو قبضو ڪري ورتو .. زخمي دوست کي محفوظ هنڌ ڏانهن اماڻيوسون ۽ ان جي جڳهه تي پويان واري مورچي ۾ موجود هڪ دوست کي اشارو ٿيو جو فائرنگ ڪندو ڦيٿي جيئان ڦرندي پهچي ويو ...

    فيڊرل 1 جي ٻي منزل تي پهچڻ لاءِ صرف هڪ ئي ڏاڪڻ هئي ... پاڻ هڪ ٻه ڪوشش ڪئي مٿي چڙهي وڃڻ جي پر دشمنن هٿيارن جا منهن ڏاڪڻ طرف کولي ٿي ڇڏيا ، دوستن کي ڪجھه ڏکيائي ٿي ٿي ... آخر ٻين مورچن جي فاتح دوستن کي نياپو ڪيوسين ته هو هاسٽل جي پويان وڏو حملو ڪن ته جيئن دشمن جو توجهه انطرف ٿئي … پاڻ ڏاڪڻ ٽپڻ جي تياري ڪري ويٺاسون ۽ هاڻ آمهون سامهون ويڙهه جو مرحلو آيو ٿي ... خطرناڪ هٿيارن وچ۾ آمهون سامهون وڙهڻ وڏي مهارت ۽ شينهن گڙدي جو ڪم آهي ... جنهن ۾ دشمن کي نشاني ڪرڻ سان گڏ پاڻ کي به سندن نشاني کان بچائڻو هوندو آهي ...

    هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجھيان ئي مرڪ
    وجھن تان نه فرق، رڪ وهنديءَ راند ۾


    ٻاهرين ساٿين نياپي ملڻ کانپوءِ ايئن ئي ڪيو ... پوئين پاسي کان ۽ فيڊرل 2 جي ڇت تان دهشتگردن تي سخت وار ڪيو ... ان حملي ۾ دهشتگردن جا ٻه کن ساٿي زخمي ٿيا ۽ اسانجي هڪ نوجوان کي مٿي کان گولي رهيڙيندي وئي ... پاڻ وارو دوست ويڙهه جي جذبي سان سرشار سو ڪنهنکي پنهنجي زخمي ٿيڻ جو نه ٻڌائيندي وڙهندو رهيو پر ڪنهن ساٿيءَ سندس وهندڙ رت جي ڏسڻ تي کيس پوئين پاسي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ... ان حملي جي آڙ ۾ پنهنجا ٻه ساٿي فائرنگ ڪندا ڏاڪڻ ڪڏندا وڃي ٻي منزل پهتا ۽ هڪ پاسي کان قبضو ڪري دشمن ڏانهن هٿيارن جا منهن کولي هيٺ وارن ٻين ساٿين کي پڻ مٿي اچڻ جو اشارو ڪيائون ... ٻيا ٻه ساٿي پڻ مٿي چڙهي ويا ۽ منهان منهن جھيڙو شروع ٿي ويو ... پنهنجو هڪ اهم ويڙهو ساٿي دشمن طرف ڪاهه ڪندي سخت زخمي ٿي پيو جنهنکي پنهنجي هڪ ساٿيءَ ڪلهن تي کڻي هيٺ لاٿو ....

    آمهون سامهون جي ويڙهه ... گولين جي بارش ... دوستن جا نعرا ... يونيورسٽيءَ جون عمارتون وڄندڙ دهل ٿي پيون ... دشمنَ پنهنجو موت ڏسي سمورا هٿيار استعمال ڪرڻ لڳا ... ان حملي ۾ دشمنن جا ڪجھه ساٿي پڻ زخمي ٿيا جو هيٺ ايمبولينس جي آواز ٿي آئي ... پنهنجون گوليون ختم ٿيڻ لڳيون ... اطلاع آيو ته ٻاهر وارن دوستن وٽ گوليون پڻ ختم آهن ۽ رسد پهچڻ جي ڪا اميد ناهي ... پوليس، رينجرس ۽ فوج پڻ آهسته آهسته گھيراءُ ڪندي ويجهو ٿي رهي آهي ...

    ڪجھه اهم دوستن جي زخمي ٿيڻ ... اسلحي جو ختم ٿيڻ ۽ پوليس جو گھيراءَ ... مٿان وري باک ڦٽڻ ... پاڻ فيڊرل 1 جو هڪ پاسو خالي ڪري هيٺ اچي ڀت جي اوٽ وٺي وقفي وقفي سان فائرنگ ڪندا رهياسون ... پنهنجي پوئتي اچڻ سان دشمن به ٻي پاسي کان مورچا خالي ڪري ڀڄي ويا ... سندن ڀڄي وڃڻ جي خبر تي دوستن خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ فتح جو نشان ٺاهي، يونيورسٽيءَ مان نڪري وڃڻ جي راهه ورتي ...

    آءُ پنهنجي هڪ ساٿي سميت اتي ئي رهجي پيس ... هڪ عرب دوست جي ڪمري ۾ وڃي سمهي رهياسون ... مونکي ننڊ ڪٿي ٿي آئي ... لڇ لوچ کانپوءِ اٿي سڌو ڇت تي چڙهي ويس، جت ٻيا به ڪجهه شاگرد رات واري واقعي جي واردات جاچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ... پوليس طرف نگاه ڪيم ته اڃان ڪافي پري هئي ... فيڊرل 1 ڏانهن نگاه ڪيم ته نظر وڃي دشمن جي لڳل جھنڊن تي پئي ... وڄ جيئان خيال آيو ” پنهنجي فتح کانپوءِ به دشمن جا جھنڊا !!! “

    ڊوڙ پائي ايوان اقبال تان لهي فيڊرل 1 جي ڇت تي چڙهي، جھنڊا لاهي آيس ... باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ريشمي ڪپڙي کي ماچيس جي باهه نه ٿي ورتو ... سامهون نگاهه وڃي بيٺل موٽر بائيڪ تي پئي، جھٽ ڏئي پئٽرول واري نليءَ مان جھنڊا آلا ڪري باهه ڏنم ... پويان هو مون وارو دوست پڻ پهچي ويو، جنهن چيو ” هي سڀ بيٺل گاڏيون دشمنن جون آهن جي هو ڀڄندي ڇڏي ويا آهن ... بس پوءِ ته ٻنهي ملي ڪري موٽر بائيڪ جون نليون ڇڪي کين گاڏين تي اڇلائي، باهه ڏنيسون...

    اوچتو هرطرف کان تاڙين جي گونج ٿي ... يونيورسٽي جا تمام شاگرد اسانجي فتح تي خوش ٿيندي تاڙيون وڄائي رهيا هئا ۽ انهن تاڙين جي گونج ۾ پاڻ کين الوداع چيو ...

    هاڻ سندس اکيون بند ٿيڻ لڳيون ... ڀاڻس جي دل چاهيو ٿي ته اٿي کيس سلامي ڏئي ...

    ” سنڌ جي سورهين کي سلام جي پنهنجي جان جا نذرانه ڏئي قوم جو ڳاٽ اوچو ڪنٿا “
     
    آخري ترميم: ‏2 آڪٽوبر 2019

هن صفحي کي مشهور ڪريو