اوهان ڪهڙي گرهه تي وڃڻ پسند ڪندا؟

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اوهين فرض ڪريو ته اسان انسانن گھربل خاص اوزارن سواء خلا ۾ ساهه کڻڻ سکي ورتو آهي ۽ شمسي نظام جي ڪنهن به گرهه تي وڃڻ جو طريقو به ڄاڻي ورتو آهي توڙي جوويجھي مستقبل ۾ ايئن ٿيڻ ممڪن نظر نٿو اچي تنهن هوندي به ڪهڙي خبر ته خلا ۾ عام ماڻهن جو سفر اسان جي سوچ کان پهرين ئي جاري ٿي وڃي.اچو ته ڏسون ته حفاظتي اوزارن سواء شمسي نظام جي مختلف گرهن تي پهچڻ جي صورت ۾ انسان ڪيئن محسوس ڪندو؟ جيڪر اوهان کي نظام شمسيء جي گرهه ”عطارد“ جو دورو ڪرڻ جو ڪڏهن موقعو ملي ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کان بچڻ لاء وقت جي ڌار سان گڏ هلڻو پوندو.عطارد ۾ گرميء جو درجو نهايت ئي تيزيء سان بدلبو آهي.ڏينهن جو گرميء جو درجو6. 426 سينٽي گريڊ تائين وڌي سگھي ٿو ۽ رات جي وقت اهو منفي 8. 178 سينٽي گريڊ تائين ڪري سگھي ٿو.عطارت سست رفتاريء سان گھمندو آهي ان ڪري بچاء جو رستو اهو آهي ته ان جڳهه تي رهجي جتي ڏينهن ۽ رات جي اچڻ جي وچ ۾ گرميء جو درجو وچثرو رهي ٿو.اها جڳهه بدلبي رهندي ۽ وچثري علائقي ۾ ترسڻ لاء اوهان وٽ رڳو نوي سيڪنڊ هوندا.

    جيڪر اوهان کي ٻئي گرهه ”زهرا“ تي پير گھمائڻ جو موقعو ملي وڃي ته اوهان وٽ ان مان مزو حاصل ڪرڻ لاء رڳو هڪ سيڪنڊ هوندو.هتي ”مزو وٺڻ“ جو لفظ ڀوڳ طور استعمال ڪيو ويو آهي نه ته يقين سان نٿو چئي سگھجي ته هڪ سيڪنڊ ۾ ڪهڙي شيء اوهان کي موت جي واديء ۾ وٺي وڃي.ان گرهه جي اٺانوي سيڪڙو فضا ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ گئس تي مشتمل آهي ۽ زمين جي ڀيٽ ۾ ان جو داٻ نوي سيڪڙو وڌيڪ آهي.ان جو پورو مٿاڇرو گھاٽن ڪڪرن سان ڍڪيل آهي جيڪي سلفيورڪ ايسڊ جي برسات وسائيندا آهن.مطلب ته اهو تمام گھڻو گرم آهي جتي سراسري طور تي ٽيمپريچر 426 سينٽي گريڊ جي لڳ ڀڳ آهي.

    خلا ۾ انسانن کي اباد ڪرڻ جو پهريون اميدوار ”مريخ“ آهي تنهن هوندي به اتي اوهان رڳو 80 سيڪنڊن تائين رهي سگھو ٿاان جي فضا ۾ پنجانوي سيڪڙو ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ آهي.مريخ نهايت ئي ٿڌو آهي.ان جي گرميء جو درجو ڪاٽو 153 کان 20 سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهي ٿو.

    نظام شمسيء جو سڀ کان وڏو گرهه ”مشتري“ اوهان سان فقط هڪ سيڪنڊ ئي نڀائي سگھي ٿو، اهو ڳرو جسم رکندڙ گھرهه اوهان کي سندس هوائن ۽ طوفانن سان سنهڙو ۽ هلڪڙو ڪري ڇڏيندو. انهن جو مقابلو ڪرڻ انساني جسم جي وس جو روڳ ناهي.هي گرهه بنيادي طور تي هائيڊروجن ۽ هيليم سان ٺهيل گئسن سان گھيريل آهي.ان کان سواء اتي ايندڙ ڀنور گرم گئسن کي گرهه جي مٿاڇري تي آڻي امونيا جا ڄميل ڪرسٽل ٺاهي ٿو.اهو سوچڻ ئي محال آهي ته ان حد تائين خطرناڪ ۽ زهريلي ماحول ۾ ڪو زندهه رهي به سگھندو.

    ”زحل، به شمسي نظام جو هڪ وڏو گرهه آهي ۽ اهو اوهان کي پنهنجي مٿان هڪ سيڪنڊ کان به گھٽ وقت ترسڻ جي اجازت ڏيندو.گئسن جي ڪڪرن سواء اتي نهايت ئي تيز هوائون لڳن ٿيون جيڪي 1800 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار تي پهچي وڃن ٿيون.انهيء جي مٿاڇري تي ايترا ته خطرناڪ الا بڻجن ٿا جو اک ڇنڀڻ کان اڳ اوهان پاڻ ڌوڙ بڻجي اڏامي ويندا.

    ”يورينس“ به هڪ گرهه آهي جنهن کي پاڻي،ايمونيا ۽ ميٿين جي گرم مرڪبن وڪوڙي رکيو آهي.اوهان کي شايد ان تي قدم رکڻ جو ئي موقعو نه ملندو،اوهان ان وقت ئي ان مرڪب ۾ ڳري ويندا.هتان جي زمين به اهڙي ناهي جو ان تي اوهان پير ڄمائي سگھو.

    ”نيپچون“ نالي گرهه تي زندهه رهڻ لاء انسان وٽ وقت هڪ سيڪنڊ کان به گھٽ آهي،هتان جون خوفناڪ حالتون هڪڙي ساعت اندر ڪنهن به شيء کي تباهه ڪري سگھن ٿيون.ان جو سبب هتان جون نهايت ئي تيز رفتار هوائون آهن.نيپچون جي خوفناڪ هوائن جي رفتار ڪڏهن ڪڏهن آواز جي رفتار کان به وڌي وڃي ٿي.

    جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن سائنسدان اسان جي شمسي نظام ۾ سفر ڪرڻ ۽ سمورين زهريلي گئسن،خوفناڪ هوائن ۽ سخت گرميء جي درجي سان مقابلو ڪرڻ جو حل تلاش ڪري وٺن ٿا ته پوء اوهان ڪهڙي گرهه تي وڃڻ پسند ڪندا؟ڪنهن کي خبر ته ڪڏهن اهو ممڪن بڻجي.ڪجهه سال پهرين تائين ته انسانن جي مريخ تي وڃڻ جي باري ۾ به سنجيدگيء سان غور نه ڪيو ويو هو پر هاڻي لڳي ٿو ته ايئن ممڪن ٿي سگھي ٿو.ان ڪري شايد اسان کي اهو نه چوڻ کپي ته ”اهو ناممڪن آهي.“ بلڪه اهو چوڻ گھرجي ته ”في الحال اهو ممڪن ناهي!“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو