ڪافين جو بادشاھ مصري شاھ امام رضوي ليکڪ عبدالحميد ڪاشيگر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2019۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سيد مصري شاهه جي عرس جي موقعي تي مصري شاهه امام جي شاعري تي لکيل مضمون
    محترم رياض عمراني جي ٿورن سان ڪتابچي ۾ چپيل

    حميد ڪاشيگر

    ضلعي ٽنڊوالهيار ۾ ٽائون جي حيثيت رکندر هڪ ننڍو شهر نصرپور پنهنجي تاريخي حيثيت سان ۽ بڻ بنياد جي حوالي سان صدين جا سفر طئه ڪري چڪو آهي ۽ سنڌ جي هن عظيم تهذيبي سفر ۾ پنهنجي ڀاڱي ڀائيواري ۾ تواريخي صداقتن جو امين آهي. پراڻي زماني کان اهو شهر سنڌ جي ڪاروباري ۽ شاهي حڪمراني جي حوالي سان مختلف دورن ۾ پنهنجي آب تاب ۽ شهري زندگي جا وسيع داستان پنهنجي سيني ۾ دفن ڪري ويٺو آهي. جنهن جي سرڪاري حيثيت هڪ پڙڳڻي جي هئي ۽ انجي جعغرافيائي حدبندين جي ڀيٽ اڄ جي ڪنهن ڊويزن جي پکيڙ کان ڪرڻ نامناسب نه هوندي. هڪ طرف نصرپور جيڪو پنهنجي مرحيلوار شهري اوسر، ڪاروباري وسعتن، هنر ۽ فن جي نيپاج، شهري زندگي جي ڪاروهنوارن جي بدولت سنڌ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيتري وڏن شهرن ۾ شمار ٿيندو هو ، اتي نصرپور جي علمي ۽ ادبي سرگرمين به انهي شهر کي پنهنجي منفرد شناخت يا سڃاڻپ بخشي. تاريخي اعتبار سان هڪ شاندار ماضي جي ڳڀ مان ڦٽندر سوين ڪٿائن سان وابستگي کان سواء ، هتي جي عام شهري وٽ نصرپور کي سنڌ جي يادگار ورثي جي طور بيان ڪرڻ جا ٻه اهم حوالا هوندا آهن. هڪ هتي جي ڪاروباري ۽ معاشي حوالي سان ڏسجي ته هي شهر دستڪاري هنرن جو هڪ وڏو مرڪز رهيو آهي. ايتري قدر جو انگريزن جي دور ۾ هتي جو اڻيل ڪپڙو يورپ ۾ نصرپور جي ڪپڙي جو نالو ڪوٺي ورتو ويندو هو. ته ٻيو هن شهر ۾ شاه عنايت رضوي ۽ سيد مصري شاهه جهڙا بلند پايي جا مثالي شاعرن جو تعلق هن شهر سان هو. نصرپور جي انيڪ موضوعن جي قطع نظر هتي اسان جو موضوع سنڌ جو ڪافين جو بادشاهه جي لقب سان مشهور شاعر سيد مصري شاهه آهي. جيڪو انگريزن جي دور جو شاعر هو. انهي دور ۾ سنڌي ادب ۽ زبان سان گڏ علمي ترقي جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. جنهن ۾ سنڌي شاعري جي ڪيترين صنفن ۾ ترقي ٿي.
    سيد مصري شاه بطور هڪ تخليقار شاعر، پنهنجي موضوع ۽ هيئت سان شاعري جي مختلف صنفن تي طبع آزمائي ڪري، سندس دور کان اڳئين شاعرانه روايتن جي براقراري سان گڏ پنهنجي همعصر جدت پسندي جي رجحانن جو تسلسل هو. جنهن جي شاعري ۾ عشق جي مام ۾ متل دل جون درماندگيون آهن، فراق زده آنهه سان لبريز ارمامن جو سرور آهي، ته سونهن ۽ سندرتا ۾ اوتيل نغمي سرائي سان سندس شاعري جي رچنا آهي. بطور شاعر سندس لفظن جي چترڪاري احساسن ۽ جذبن جي اپٽار سان فڪري توڻي جمالياتي آسودگين جو موجزن آهن.
    “ڪافي“ شاعري جي سڀ کان مشڪل ترين صنف طور ڄاتي ويندي آهي. جنهن ۾ شاعر کي ڪلام تي دسترس ۽ کيس لفظن جي هڪ وسيع ذخيرو هئڻ جي سڌ پوندي آهي. گڏوگڏ راڳ ۽ سماع جي فني ۽ پيچيدگين جي مناسب ڄاڻ به گهربل هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن صنف تي تمام گهٽ شاعر طبع آزمائي ڪندا آهن.

    ڪجهه محقق لفظ ’’ڪافی‘‘ جو ماخذ قافیہ ٻڌائين ٿا جڏهن ته موسیقي جا دانا ڪافي کي ـ’’راڳ‘‘ سمجهن ٿا ۽ هن جي معنی ــ’’تڪمیل‘‘ یعنی ’’،پورو ۽ مڪمل ‘‘ جي مراد وٺن ٿا۔ بهر حال ’’ڪافی‘‘ صوفيانه موضوعن لاء اختیار ڪئي ويندي آهي۔ڪافي سنڌ ۾ سرائيڪي شاعري ذريعي آيل آھي. غزل وانگر ڪافي محبوب سان ڳالهين ڪرڻ جو شاعرانه انداز آهي. جنهن ۾ رومانوي مزاج ذريعي متنوع عشقيه احساسن ۽ جذبن جو ورد لفظن جي پيرايه ۾ سمايل هوندو آهي. جنهن جو جمالياتي ادراڪ مجموعي جذباتي رواني ۽ ترنم سان انوکو سنگم آهي . سيد مصري شاهه سنڌي شاعري جي انهي صنف کي ڪمال اوج تي پهچايو. ڪافي جي جمالياتي تسڪين جا عنصر موسقيت جي عنصرن سان مشروط آهن. غزل وانگي هن جي موضوعن جي هڪجهڙائي هئڻ باوجود صنفن جا الڳ الڳ ضابطا ۽ اصول طئه آهن.
    مصري شاهه جون ڪافيون انهي گهرجن جي پورائو ۾ پنهنجي نوعيت ۾ مثال آهن. مصري شاهه جي شاعرانه فني خوبين جو جائزو وٺجي ته سندس بيت، ڏوهيڙا، وايون، ۽ ڪافيون ڇند وديا جي متن تي ٺهيل آهن. پر ڪافيون ۽ غزل علم عروض تي به آهن. جن ۾ لازوال استعارا، بي مثال تشبيهون، ڪنايا، تجنيس حرفي ۽ ٻيون شعري صنعتون موجود آهن.
    سندس هيٺين ڪافي سندس فن جو بهترين مثال آهي:

    کنيائون کلي نيڻ گهرا گلابي،
    ڀريل ٻاجهه نرگس عجب نيم خوابي.

    1- ذري سونهن يوسف کي بازار نيو،
    بنا ملهه مُقَيدَ خريدار ڪيو،
    مصر ۾ نه منظور ٿيو ماهتابي.

    2- پيو پرتوو طور تي نور جو،

    نه ماهر ٿيو موسيٰ تنهن مذڪور جو،
    کڻن بار بيشڪ ڀلي بوترابي.

    3- اکين جي اَڻين نو طبق کي تپايو،
    جلدي ويا جبل عشق آڙاه مچايو،
    وڳي نينهن نوبت ڀڳي حد حسابي.

    4- ڪيو معراج مردن مڱر مچ مچائي،
    هو راز رندي منجهان منجهه نه مائي،
    اٿئي مهل مصري سگهو ڪرشتابي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو