سار لھجو پيا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2019۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    رحمان مغل جو ھونءَ تہ ھر ھڪ گيت منھنجي تنھائين ۽ اداسين جو ساٿي آهي، منھنجي ساھ ۾ سانڍيل آهي، مان سندس ڪو نہ ڪو گيت جهونگاريندو رهندو آهيان پر ڪجھ سال اڳ اسان جي ڳوٺ ۾ ٿيل ڪجھ دل ڏکائيندڙ واقعن کانپوءِ سرمد جو ڳايل ڪلام "منھنجي معصوم ٻچڙن جي سار لھجو پيا مونکان پوءِ" ڄڻ تہ منھنجي دل ۾ لھي ويو آهي... ھا ڳوٺ ۾ ٿيا بہ تہ تمام غمگين واقعا ھئا.
    اسان جي ڳوٺ ۾ ھڪ بيواھ عورت نصيبان پنهنجي چئن ٻارڙن سان گڏ رھندي ھئي سندس مڙس ڪجھ سال اڳ پاڪستان ۽ انڊيا جي بارڊر تي ڊيوٽي دوران ٿيل جھڙپ ۾ ڪنھن ھندستاني فوجي جي گولي جو نشانو بڻجي وڃي پنھنجي خالق حقيقي سان مليو ھو تن ڏينهن ۾ مان فرسٽ ايئر ۾ پڙهندو هئس، فوجي غلام حسين جي شھادت تي سڄي ڳوٺ ۾ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڏک ۽ غم جي لھر ڇانيل ھئي پر سندس يتيم ٻارڙن ۽ بيواھ جي حالت ڏسڻ جھڙي نہ ھئي کين ڏسي ڳوٺ جون عورتون بہ روئي پونديون هيون.. سندس وڏو پٽ حسن ستين ڪلاس جو شاگرد هو جنهن جو ڪوماڻيل چھرو ڏسي اسان سڀ دوست بہ اداس ٿي ويندا هئا سين.. پر چوندا آهن تہ وقت آھستي آھستي وڏا وڏا ڏک بہ گھٽائي ٿو ڇڏي، سو وقت سان گڏ اھو غم ۽ ڏک بہ صرف سندن گھر تائين محدود رھجي ويو... ڳوٺ جون عورتون جيڪي شروع ۾ روزانو بيواھ نصيبان جي گھر سندس ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ کيس آٿت ڏيڻ وينديون هيون سي بہ هاڻي گھٽ ئي وڃڻ لڳيون هيون..ھنن جي ۽ اسان جي گھر جي وچ ۾ ٻہ ٻيا گھر ھئا، منھنجي امڙ بہ سندس ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سندن گھر ويندي رھندي ھئي. مائي نصيبان پنهنجي مڙس جي وڇوڙي جي تقريبن ھڪ سال کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اسان جي گھر بہ ايندي هئي ۽ مون ڏٺو ھو تہ ھوءَ امان کي پنهنجا ڏک ۽ پريشانيون ٻڌائي روئي پوندي ھئي ۽ منھنجي امڙ کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي ھئي.
    فوجي غلام حسين جا ٻہ ڀائر هئا غلام محمد کانئس وڏو ۽ غلام علي ننڍو ھو، اھي ٻيئي بہ شادي شده ھئا سندن گھر واريون ھاڻ ڪنھن نہ ڪنھن بھاني سان بيواھ نصيبان سان جھيڙو ڪرڻ لڳيون هيون، کيس مھڻا ۽ تعنا ڏئي سندس ڏکايل دل کي ويتر پيون ڏکائينديون ھيون، غلام محمد ۽ غلام علي سڀ ڪجھ ڏسندي، ٻڌندي ۽ ڄاڻيندي بہ خاموش پئي رھيا انھن جي انھي خاموشيءَ ئي سندن زالن جو مٿو وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو جو ھاڻ انھن نصيبان جي معصوم ٻارڙن سان بہ بدسلوڪي وارو رويو اختيار ڪري ورتو هو، پنهنجي معصوم ۽ يتيم ٻارڙن سان اھڙو ورتاءُ ھوءَ سھي ڪونہ سگھندي ھئي جنھن ڪري اڪثر جھيڙو ٿي پوندو ھو.. ڳوٺ جي وڏڙن غلام محمد ۽ غلام علي کي سمجھائڻ ۽ احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھنن جا ڄڻ تہ احساس ۽ ضمير مري کپي ويا هئا...
    فوجي غلام حسين جي موت جي ڪجھ مھينن کان پوءِ حڪومت طرفان سندس بيواھ کي چڱي خاصي رقم ملي ھئي جيڪا ھن ۽ سندس ٻارڙن جو حق ھئي، اصل ۾ غلام محمد ۽ غلام علي جي انھن پئسن تي ئي نظر ھئي ۽ ھو ان رقم مان وڏو حصو ڦٻائڻ پيا گھُرين جڏهن ان حقيقت جي خبر نصيبان کي پيئي تہ اسان جي گھر اچي ھؤ امان سان ڏاڍو رُني هئي ھُن جي ڇھن سالن جي ڌيءَ بہ پنهنجي امڙ کي روئندو ڏسي سُڏڪا ڀري روئي رهي هئي ننڍڙي فاطمہ کي پرچائڻ لاءِ منھنجي ڀيڻ کيس اتان وٺي اندر ڪمري ۾ ٽي وي ھلائي ڏني تہ ھُن روئڻ بند ڪيو. مان ان وقت گھر ۾ نم جي ڇانوَ ۾ ويهي ڪتاب پڙھي رھيو ھئس.
    "ماسي! تون ئي ٻڌاءِ مان اھي پئسا ڪيئن ڏئي ڇڏيان پنهنجي ڏيرن کي"؟ ھن پنھنجي رئي جي ڪنڊ سان ڳوڙھا اگھندي چيو، "انھن پئسن سان مان ٻچڙن کي سٺي تعليم ڏيارڻ گھُران ٿي، ۽ جيستائين منهنجا پُٽڙا جوان ٿين مونکي انھن پئسن سان ئي تہ گھر جو خرچ پکو هلائڻو آ نہ".
    "ڌيءَ نصيبان! تون ڪو فڪر يا اُلڪو نہ ڪر" امان کيس دلجاءِ ڏيندي چيو، "اللّٰہ سائين غلام محمد جن جي دلين ۾ ضرور نرمي آڻيندو، بس تون پنهنجي ٻچڙن جي ڪري صبر کان ڪم وٺندي رھجانء".
    "ماسي توهان دعا ڪيو تہ منھنجا پُٽڙا خير سان جوان ٿي پون پوءِ مونکي ڪا بہ ڳڻتي ۽ ڪوئي فڪر نہ رھندو، مڙس کان پوءِ ھاڻي انھن بچڙن جي ئي تہ سھاري آئون جيئان پئي". ھُن امان کي وراڻيو.
    "اللّٰہ ڪندو تنھنجا ٻچڙا وڏا ٿي توکي سک ڏيندا..امڙ ! ڏکيا ڏينهن نيٺ گذري ويندا". امان کيس دلجاءِ ڏيندي چيو.
    "ھا ماسي شل رب سائين وٽ توھان جي اھا دعا قبول پوي"، ھن امان کي وراڻيو، "پر ماسي! جي مان اڳ ۾ ئي مري وڃان تہ توهان بہ منھنجي ٻچڙن جي سار لھجو پيا".
    "چري ٿي آھين ڇا"، امان کيس ھلڪي ڇڙٻ ڏيندي چيو، "ڇو ٿي اھڙيون ڳالھيون ڪري پنھنجو جھُريل جيءُ وڌيڪ جھورين"؟.
    "پوءِ بہ ماسي توهان کي مڙيئي پارت ھجي..." هوء امان کي چئي رھي ھئي، ڪجھ دير کانپوءِ ھوءَ امان کان موڪلائي پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي ساڻ ڪري گھر ھلي ويئي.
    مون ڪتاب کڻي پنھنجي ڪمري ۾ رکيا ۽ اچي امان سان گڏ ويٺُس.
    "امان" مون امان کي آھستي ۽ اُداس لھجي ۾ چيو.
    "جيُ پٽ" امان مونکي اداس ڏٺو تہ منھنجي مٿي تي ھٿ رکيو.
    "غلام محمد وارا ايترا پٿر دل ڪيئن ٿي ويا", امان کان پڇيم تہ ھوءَ ڪجھ دير چُپ ٿي وئي.
    "پُٽ ڪڏهن ڪڏهن انسان پئسي جي لالچ ۾ رت جي رشتن کي بہ وساري ويھندو آھي"، امان منھنجي وارن کي سنواريندي چيو "غلام محمد جن بہ پنج ست لک روپين جي لالچ ۾ پنھنجي جگر جھڙي ڀاءُ کي تہ وساري ڇڏيو پر کين غلام حسين جا معصوم ٻارڙا بہ نظر ڪونہ پيا اچن... توبہ منھنجا رب ھي ڪھڙو ظالم وقت اچي ويو آهي".
    "پوءِ نصيبان پنهنجي ٻارڙن کي وٺي پنهنجي ماءُ پيءُ جي گھر ڇو نٿي ھلي وڃي"؟، مون تڪڙ ۾ امان کان پڇي ورتو.
    "پُٽ ھن جا ماءُ پيءُ غريب آھن, پڻس بيمار رھي ٿو، سندس ھڪ ڀاءُ موالي آهي، ٻيو ڀاڻس مزدوري ڪري مڙيئي پيو پيٽ گذر ڪري ۽ باقي سندس ٻہ ڀائر اڃان ننڍا آھن، انھن جو گھر بہ ننڍڙو آهي، پوءِ بہ ڪجھ وقت پھرين ھوءَ پنھنجا ٻارڙا وٺي انھن سان گڏ رھڻ لاءِ ويئي هئي پر اُتي سندس ڀاڄائي ھڪ ٻن مھينن ۾ ئي ساڻس جھيڙو ڪرڻ شروع ڪيو تہ ھوءَ اُتان بہ مايوس ٿي واپس اچي پنھنجي مرحوم مڙس جي گھر ۾ ئي رھي پئي...."
    امان ڳالھائي رھي ھئي پر منھنجو مٿو چڪرائجي رهيو هو ۽ وڌيڪ ڪجھ سمجھ ۾ نہ پئي آيو.
    منھنجي دل اداس ٿي ويئي ۽ مان گھر کان ٻاهر نڪري آيس، ٿڪل قدمن سان سان جمال جي دڪان تي اچي پھتس، اُتي وحيد بہ ويٺل هو، اسان ٽيئي پھرين ڪلاس کان ئي گڏ پڙھيا آھيون ۽ اسان جي دوستي بہ ايتري ئي پراڻي آهي، دڪان ۾ وڏي آواز ۾ رحمان مغل پنھنجي درد ڀري آواز ۾ چئي رهيو هو.
    توکان پوء ڪير اسان جي سُپِرِين لھندو سار
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري
    توکان ٿيندي ڌار
    کلندي کلندي يار.....
    "ھاشم! ڇا ڳالھ آ"؟ سرمد جو گيت پورو ٿيندي ئي وحيد منھنجي ڪلھي تي ھٿ رکي پڇيو، "ڇو اداس آھين ايترو"؟
    "يار اسان جي معاشري کي ڇا ٿي ويو آهي"، مون تکي لھجي ۾ ڳالھايو تہ وحيد کان ڇرڪ نڪري ويو، مون ڄڻ تہ سڄي ڪاوڙ وحيد مان ڪڍي، "اسان جي مٺڙي سنڌ جا ماڻهو اڳ ۾ ايڏا بيرحم تہ ڪونہ ھئا جيئن پاڻ ڪتابن، ڪھاڻين ۽ قصن ۾ پڙھيو آ، اسان کي وڏڙن جيڪي ڳالهيون ٻڌايون آهن اھڙو سلجھيل معاشرو ۽ سٻاجهڙا ماڻهو ڪيڏانهن ويا "؟.
    "ھاشم! اسان جي معاشري ۾ موجود کوڙ سارين ناانصافين ۽ برائين تي تہ پاڻ اڪثر پيا ڪڙھندا ۽ بحث ڪندا رھون ٿا پر اڄ ڪھڙي ڳالھ تي تون ايڏو تپيل آھين جو مون تي بہ ڇوھ ڇنڊين ٿو". وحيد چيو تہ مونکي پنهنجي تلخ لھجي جو احساس ٿيو.
    مون کيس ڪوبہ جواب نہ ڏنو، رڳو سامھون ڀِت ۾ ٽنگيل گھڙيال کي تڪيندو رهيس.
    "ان جو مطلب تہ تون اسان کي ڪجھ نہ ٻڌائيندين". جمال ڳالھايو تہ مون گھڙيال تان نظر هٽائي ۽ ڏانھنس تڪيندي وراڻيو.
    "پاڻ جنهن ناانصافين ۽ سماجي مسئلن تي روز بحث ڪري ٿڪجي ٿا پئون، ھاڻ تہ اھي ناانصافيون پنھنجي ڳوٺ ۾ بہ ڪاھي پيون آهن".
    ھو ٻيئي منهنجي ڳالھ سمجھي چڪا هئا ان ڪري ڪجھ دير دڪان ۾ سانت ڇائنجي وئي.
    "پر پاڻ ان مسئلي تي رڳو افسوس ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪري بہ ڇا ٿا سگھون". وحيد ڳالھايو.
    "ھونئن بہ اھو مسئلو ڳوٺ جي وڏڙن کي ئي حل ڪرڻ گھرجي". جمال چيو
    "جيڪڏهن سڀ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ اسان رڳو وڏڙن جي ڪنڌ ۾ لٽڪائي ڇڏيا تہ پوءِ اسان نوجوانن جو شعور، تعليم ۽ ھي جواني ڪھڙي ڪم جي؟". مون جمال ڏانهن ڏسندي سواليہ لهجي ۾ چيو.
    "تون صحيح ٿو چئين يار ھاشم... پر غلام محمد ۽ غلام علي کي بہ تون چڱي طرح سڃاڻي ٿو تہ ھو ٻيئي ڀائر ڪھڙي قسم جا ماڻهو آھن... خاص ڪري ھو غلام علي تہ ڏاڍو چيڙاڪ ۽ بدتميز آهي". جمال ڄڻ تہ پنھنجي ھار مڃيندي وراڻيو.
    اسان ڪجھ دير جمال جي دڪان تي ويھي ان مسئلي تي ڳالھائيندا رھيا سين پوءِ وحيد ۽ مان جمال کان موڪلائي ڳوٺ جي ڀرسان موجود ميدان تي آياسين جتي اسان ننڍپڻ کان ڪرڪيٽ، ونجھوٽي ۽ ٻيون رانديون کيڏندا رهيا آهيون، ھاڻ بہ ڳوٺ جا ڪجھ ڇوڪرا مختلف راندين ۾ مشغول ھئا. اوچتو منهنجي ذھن تي ماضيءَ جون يادون تري آيون..
    ان ئي ميدان تي جڏهن ڊگھي قد ۽ مضبوط جسم وارو غلام حسين ڊيوٽي تان ڪجھ ڏينهن لاءِ ڳوٺ ايندو هو تہ اسان سڀني کان عمر ۾ وڏو ھجڻ باوجود بہ اسان سان گڏ ڪرڪيٽ، ونجھوٽي يا ٻي ڪا راند کيڏندو هو تہ اسان سڀئي ڏاڍو خوش ٿيندا هئا سين، راند بہ وڌيڪ دلچسپ ٿي پوندي هئي ۽ پوءِ راند پوري ٿيڻ کان پوءِ ميدان ۾ ئي ويھي ھو اسان سڀني کي ڪڏھن سوات جي خوبصورت نظارن، ڪڏهن ڪشمير جي دلڪش وادين ۽ ندين جي باري ۾ تہ وري ڪڏهن گلگت بلتستان جي اوچن پهاڙن ۽ گليشيئرن بابت ٻڌائيندو هو(جتي ھن ڊيوٽي ڪئي ھئي)تہ اسان سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيندو هو ۽ وري جڏهن ھو فوجي ميجرن ۽ ڪرنلن جي ٺٺ ٺانگرن ۽ من مانين بابت بہ ٻڌائيندو هو تہ اسان وائڙا ٿي ويندا هئا سين..
    "ھاشم! ايندڙ آچر جي ڏينهن سعيد وارن جي ٽيم سان پنهنجي ڪرڪيٽ ميچ رٿيل آھي، سو تون بہ کيڏڻ لاءِ تيار رھجان" وحيد مون کي ميچ بابت آگاھ ڪيو تہ مان ماضيءَ کان موٽي حال ۾ آيس.
    "ٺيڪ آ وحيد مان تيار رھندس". مان ھوا ۾ اڏامندڙ ڪجھ پکين کي ڏسي رھيو ھوس جيڪي پنهنجي آکيرن ڏانهن واپس وڃي رهيا هئا. اتي گھڻي دير تائين ويهي مختلف موضوعن تي ڪچهري ڪندي شام ٿي وئي ھئي، اونداهي بہ ڇائنجي رهي هئي، ميدان تقريبن خالي ٿي ويو. ڪجھ دير کانپوءِ وحيد ۽ مان بہ پنهنجي پنهنجي گھرن ڏانهن روانا ٿياسين.
    من ۾ متل مانڌاڻ سبب ڪنهن شيءِ ۾ منھنجي دل نہ پئي لڳي، ننڍپڻ کان طبيعت ۽ مزاج ئي اھڙو رھيو آھي جو ڪنھن جي بہ ڏک ۽ پريشاني کي پنهنجي دل ۾ محسوس ڪندو آھيان، ذھن تي غلام حسين جي بيواھ جا ڏکايل لفظ ۽ ان جي ٻارڙن جو ڏک سوار ھو رات جي ماني بہ ڪونہ وڻي ۽ نہ ئي وري اسٽڊي ڪري سگھيس، سوچيندي سوچيندي خبر ناهي رات جي ڪھڙي پھر ۾ ننڊ آئي، اک کلي تہ موبائل ۾ ٽائيم ڏسي ڇرڪي پيس صبح جا ڏھ لڳي رھيا ھئا، فجر جي نماز ۽ ڪاليج نہ وڃڻ جو پڇتاءُ ٿي رهيو هو، الائي ڇو امان بہ اڄ نماز جي لاء نہ اٿاريو ھو.
    وھنجي نيرن ڪري ٻاھر آيس، ذھن تان بار هلڪو ٿي چڪو ھو پاڻ کي تازو محسوس ڪيم، ان ڏينهن گھڻي وقت کانپوءِ ڳوٺ جون ڳليون، رستا ۽ ٻنيون گھمڻ لاءِ نڪري پيس گھمندي ڦرندي ڳوٺ جي ڏکڻين پاسي اچي بيٺس تہ سامھون ٻيلي تي نظر پئي، ڌرتيءَ جي سونهن جي دشمنن ۽ لالچي ماڻهن ڪجھ ڏوڪڙن لاءِ سوين ايڪڙن تي ڦهليل ان خوبصورت ٻيلي کي چئني طرفن کان وڍي ھاڻ رڳو ٽيھ-چاليھ ايڪڙن تي بچايو ھو ۽ اڃان بہ اھو سلسلو جاري آهي، گھڻي دير تائين گھمندي ڦرندي جڏهن ٿڪجي پيس تہ گھر واپس آيم.
    ائين ڪجھ ڏينھن گذري ويا سڀ ڪجھ معمول موجب لڳي رهيو هو جو هڪ ڏينهن شھر کان گھر جو ڪجھ سامان وٺي شام جو گھر پھتس، موٽرسائيڪل تان سامان لاھي بابا جي ڪمري ۾ رکيم، امان ۽ بابا گھر ۾ نظر نہ پئي آيا پڇڻ تي ننڍي ڀاءُ ٻڌايو تہ غلام محمد جن جي گھر ويا آهن، سمجھي ويم تہ اڄ وري غلام علي وارن بيواھ نصيبان سان ڪنھن ڳالھ تي ضرور جھيڙو ڪيو ھوندو نہ تہ امان ۽ بابو شام جي وقت انھن جي گھر نہ وڃن ھا، وڌيڪ ڪجھ پڇڻ بنا ئي تڪڙو تڪڙو اچي غلام محمد جن جي گھر پھتس، منھنجو خدشو سچ ثابت ٿيو ڏٺم تہ امان ۽ بابا سان گڏ ڳوٺ جا ڪجھ ٻيا بہ مرد ۽ عورتون اتي موجود ھئا، نصيبان پنھنجي ڪمري جي در اڳيان بيٺي روئي رهي هئي سندس وڏو پٽ ھن جي ڀرسان ۽ ٻيا ٻارڙا ٿورو پريان کٽ تي ويٺي رُنا پئي، غلام علي وڏي آواز ۾ الائي ڇا ڇا پئي ويو ڳالھائيندو سڀ عورتون ۽ مرد کيس سمجھائڻ ۽ ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل ھئا پر ھو ڪنھن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نہ ھو، اوچتو ھن سٽ ڏئي ھڪ لٺ کنئي ۽ اڳيان وڌي بيواھ نصيبان جي پُٺن تي وھائي ڪڍي، درد، اذيت ۽ ڏک ۾ نصيبان کان دانھن نڪري وئي ۽ ھوءَ ڪمري اندر ھلي ويئي امان ۽ ڪجھ عورتون سندس پٺيان اندر ويون، شرم ۽ ڪاوڙ منجهان سج بہ ڳاڙهو ٿي ٽُٻي هڻي لڪي ويو، غلام محمد ڀاءُ کي ھڪ ڀونڊو ۽ ٻہ چماٽون وهائيندي گھر کان نڪري وڃڻ لاءِ چيو.
    "ادا! ڀاڄائي کي چئجو تہ سڀاڻي ئي اسان جي گھر مان ھلي وڃي"، غلام علي در کان ٻاهر ويندي چيو "وڃي پنھنجي ماءُ پيءُ جي گھر، ھن گھر ۾ ھاڻ مان وڌيڪ کيس برداشت نٿو ڪري سگھان".
    مون اتان بيٺي ئي ھڪ نظر ڪمري کان ٻاهر پريشان بيٺل غلام حسين جي ٻارڙن تي وِڌي تہ اکين مان ٻہ لڙڪ ڪري پيا ۽ گھر ھليو آيس ڪجھ دير کانپوءِ امان ۽ بابا بہ واپس آيا ڏک ۽ پريشاني سندن چھرن تي صاف ظاهر ھئي، ھو ٻيئي بہ چپ چپ ھئا ۽ مون بہ کانئن ڪجھ پڇڻ جي ھمت ڪونہ ڀانئين، رات دير تائين اکين آڏو غلام علي پاران نصيبان کي ھنيل لٺ وارو ڏکائيندڙ منظر ڦرندو رھيو، فجر جي نماز جي لاءِ امان ننڊ مان اٿاريو ان وقت بابا مسجد ڏانهن وڃي رهيو ھو اوچتو ئي ڳوٺ ۾ دانھن ۽ رڙين جا آواز شروع ٿي ويا جلدي ۾ بابا ۽ آئون گھر کان ٻاهر اچي ڏٺو تہ ڀرپاسي جي گھرن جا ڪجھ مرد ۽ عورتون غلام محمد جن جي گھر اندر پئي ويا اسان بہ انھن جي پٺيان اندر ھليا وياسين اندر پھچندي ئي منھنجي پيرن ھيٺان ڄڻ تہ زمين ئي نڪري وئي، سندن گھر جي آڳر تي بيٺل ٻير جي وڻ ۾ بيواھ نصيبان جو لاش لٽڪي رهيو هو، سڀئي عورتون رُنيون پئي پر ويچارو حسن پنهنجي بيجان جيجل کي چنبڙي ڏاڍيون دانهون ڪري رهيو هو، جلد ئي نصيبان جي لاش کي اتان لاھي کٽ تي رکيو ويو، رات جي ڪنھن پھر ۾ نصيبان ڏکن، جھيڙن ۽ ننڍي ڏير ھٿان ٿيل تشدد ۽ تذليل سبب پنھنجو پاڻ کي وڻ ۾ لٽڪائي زندگيءَ جو ڏيئو ئي اجهائي ڇڏيو ھو، غلام علي تہ کيس پنهنجي ئي گھر مان ڪڍڻ پئي چاهيو پر ھوءَ تہ دنيا ئي ڇڏي ھلي ويئي...
    ٻہ سال گذري چڪا آهن بيواھ نصيبان جي موت کي پر اڄ بہ امان کي چيل سندس لفظ مونکي ياد ايندا آهن تہ دل ڏکڻ لڳندي آهي... "ماسي جي مان مري وڃان تہ منھنجي ٻچڙن جي سار لھجو پيا"..
    اڄ وري ڳوٺ جي ڀرسان ڪنھن ٻني ۾ ھر ڪاھيندڙ ٽريڪٽر جي لائوڊ اسپيڪر مان رحمان مغل جو آواز پئي گونجيو...
    مرض منھنجو وڌي آ ويو
    موت مونکي سڏي ٿو پيو
    تنھن ڪري منھنجي مٺڙن جي سار لھجو پيا مونکان پوءِ
    منھنجي معصوم ٻچڙن جي سار لھجو پيا مونکان پوءِ،
    ھئہ.. سار لھجو پيا مونکان پوءِ...
     
    آخري ترميم: ‏14 آڪٽوبر 2019
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوھان جي سٺي ڪوشش
    وڻي
     
    طاھر پٺاڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    لک قرب اوهان جا سائين محترم
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ادا سٺي ڪوشش آھي، يقيننا اوھان ھڪ ڏينھن سٺا ۽ سنڌ جا مشھور ليکڪ بڻجندا.
    ڪھاڻي واقعي سنڌ جي ڪن علائقن جي عڪاسي ٿي ڪري جتي اڪثر ڪري عورت اڄ بھ مظلوم آھي.
     
  5. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    زبردست، هلال پاڪستان اخبار ۾ پڙهي هئي.
     
  6. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ادا ڪھڙي تاريخ جي اخبار ۾ منھنجي ڪھاڻي شايع ٿي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو