ڏاڏا سائين ۽ عربياڻي سان عشق جو قصو

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    حساب ڪتاب لڳائجن ٿا هي جهونو 1915 کان 1920ع وچ ۾ ڄائو هوندو جڏهن ملڪاڻي (هاڻوڪي ضلعي بدين جو ڳوٺ) جو تَر ضلعي ٿرپارڪر جو حصو هو ۽ هن خِطي تي انگريزن جي حڪومت هُئي. تَر ۾ تعليم جو رواج ته هونئن ئي گهٽ هو پر جيڪي مدرسا وغيره هُئا تِن ۾ به هن کي نه موڪليو ويو. سندس والد ٻڪراڙ هو جڏهن ته چاچا ڪم ڪار کان آجو مولود پڙهڻ جو شوقين هو. ٻن ويلهن جي مانيءَ لاءِ پريشان هن جي خاندان کيس پنجن سالن جي عُمر ۾ مدرسي/اسڪول بجاءِ ٻڪرين ۽ رِڍن جي ولر سان جهنگ حوالي ڪري ڇڏيو. صبح سج اُڀرڻ کان اڳ راتوڪي ماني جا بچيل ڀورا بصر يا قسمت ڀلي هُجي ته ڳُڙ جي ڳنڍ سان کڻي جهنگ منهن ڪرڻو ته وري شام جو سج لاهي گهر موٽڻو. وقت گُذرندو رهيو پر حالتون نه بدليون. هڪ وڏي آسودي گهراڻي جي ڇوڪري جو ٻي آسودي گهر ۾ ٿيل رِشٽو ٽُٽي پيو ته اُها ڇوڪري هن جي نصيب ۾ آئي. نه رُڳو نصيب ۾ آئي پر پنهنجي حصي جو نصيب هن لاءِ پڻ کنيو آئي. جيڪو زرعي زمين جي 36 ايڪڙن تي مُشتمل هو. ايئن حالات ڪُجهه بهتر ٿيا. اهو آهي منهنجي ڏاڏا خان محمد عرف حاجي خانو جي ننڍپڻ جو احوال.
    ڏاڏا سان اڪثر ڪچهري ۾ 1947ع وقت ورهاڱي جا احوال ٿين ٿا، ڏاڏا جي هڪ ئي ڳالهه ته ٻي خبر ناهي بس سِک ڀڄڻ لڳا هُئا. مطلب ته هيڏي وڏي تاريخي واقعي جو علائقي تي ڪو به فرق نه پيو هو سواءِ ان جي ان تر ۾ رهندڙ سِکن هتان ڀڄڻ ۾ عافيت سمجهي هُئي. ملڪاڻي هندستان ۾ هو ۽ هڪ رات ۾ پاڪستان ۾ اچي ويو پر ڪنهن تي ڪو فرق نه پيو. ايئن به نه هو ته سکن کي هتان جي مقامي ماڻهن مان خطرو هو يا ڪنهن کين چيو ته هاڻ هي مُسلمانن جو مُلڪ آهي ۽ هتان نڪري وڃو، پر شايد هو پاڻ ئي سُر سمجهي ويا هُئا. ٿي سگهي ٿو هو ڪاروبار ۽ ٻني ٻاري ۾ هوشيار هُئا تيئن حالات کان به باخبر هوندا. کين خبر پئي هوندي ته وڏن شهرن ۾ بي گُناهه سِک ماريا پيا وڃن جيڪو هتي پڻ ٿي سگهي پيو. ڏاڏا ڳالهه ڪري ٿو ته ”اسان جوان هُئاسين تِن ڏينهن ۾. اسان کي ته ڏُک پئي ٿيو اهو سڀ ڏسي ته ڪنهن کي به نه ڏکوئيندڙ محنت مزدوري ڪندڙ سِک پنهنجو گهر گهاٽ ۽ ذري گهٽ سڀ مال متاع ڇڏي اچانڪ هندستان روانا ٿي رهيا آهن.“ ڏاڏا جو ساهورو امين محمد کين جهُڏي جي ريل گاڏيءَ تي ڇڏي آيو. ڏاڏا موجب سِک به وڃڻ وقت ڏاڍا ڏُکايل هُئا.
    ڏاڏا طبيعتن سخت مزاج ته اڄ به آهي پر بابا اڃان تائين ڏاڏا جي مار جو ڏاڍو ذڪر ڪندو آهي. هڪ دفعي ڏاڏا کي اچي ڪنهن چيو تنهنجو پُٽ علي نواز (بابا) رات سمن سرڪار جي ميلي ۾ ناچو ڇوڪرين کي پئسا پئي ڏنا. ڏاڏا جو اهو ٻُڌڻ ۽ وڃي ٻني ۾ ويٺي گاهه ڪندڙ بابا کي لٺ سان ڪُٽڻ شروع ڪيو. بابا کي سبب پُڇڻ جو موقعو به نه مليو ۽ پاڻ سُڄائي جڏهن گهر آيو ته ڏاڏِي صدقو ٿيندي پُڇيس ڇا ٿيو ته احوال ڏنائين. ڏاڏا گهر آيو ته ڏاڏي وجه پُڇي. جڏهن ڏاڏا سمن جي ميلي ۾ پئسا اُڏائڻ جي ڳالهه ڪئي ته ڏاڏي چيس،
    ”ڪُجهه ته هوش ڪر. هن وٽ پئسا ايندا ڪِٿان جو ڏيندو؟“ ڏاڏا کي ڳالهه دِل سان لڳي. اهڙي چُغلي کڻندڙ همراهه ڏاڏا سان ان ڏينهن ئي سچي ڪئي ته مون مڙئي رونشي خاطر اهو ڪيو. ٻي ڏينهن ڏاڏا ان جي ازالي لاءِ بابا کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪم سانگي نئون ڪوٽ شهر ويندي گهُمائڻ وٺي ويو. عيد تڏهن ٿي وئي جڏهن بابا کي جُتي وٺي ڏنائين. بابا کان پُڇيم جُتي وڻي؟
    چئي ”بس ابا ڪهڙي جُتي. واپسي ۾ روشن آباد ۾ ريل گاڏيءَ تان لهي ملڪاڻي تائين چار ميل پنڌ ڪرڻ دوران گاڏيءَ جي ٽائر مان ٺهيل جُتي پيرن ۾ لڦون وجهي ڇڏيون پر جُتي جي خوشي پوءِ به هُئي.“
    پر هن همراهه جنهن ننڍي هوندي کان ڪم ڪم ۽ بس ڪم ئي ڪيو هو تنهنڪري مصيبتن سان جهڙو ياري ٿي ويس. اڳتي هلي اولاد سعودي ڪمائڻ وئي ته اوکا ڏينهن ويندا رهيا پر هي مال جي واپارين سان هيلپر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. مال ڪاهي ڪراچي وڃن ته واٽ تي ٽرڪ ۾ فرش تي بيٺل ننڍين رِڍن کي سيٽ ڪري ته مٿي کٽ جي واڻ جيان ٺهيل ڄاريءَ ۾ ٽنگون فاسائي ويهاريل وڏيون رڍون پيون هن مٿان مُٽن ته به هن لاءِ خير جهڙي ڳالهه هُجي. هڪ دفعي بابا ملڪاڻي اچي واپس سعودي وڃي رهيو هُجي ته ڏاڏا چيس ڪراچيءَ تائين مون سان گڏيو هل. هرو ڀرو بس تي وڃي ڀاڙو ڀريندين. بابا ٽرڪ ۾ ويٺو ته سهي پر رستي ۾ اهو لڪاءُ ڏسي رهيو نه ٿيس ته ڏاڏا جي ان مان جان ڇڏائي. سخت مزاجي جيڪا ننڍپڻ کان بابا سَٺي هُئي ان ڪري ڊپ به هُئس. پر رستي ۾ لهي چانهه پيئڻ هڪ هوٽل تي ويٺا ته ڏاڏي جي ويجهو ويهڻ ئي ممڪن نه هو. سڄو رڍن جي پيشاب مان آلو ٿيو ويٺوهو ۽ وڏي بدبو هُئي.
    بابا ويندي ئي سعودي مان خط لکڻ شروع ڪيا ۽ ڏاڏا کي چوڻ لڳو ته هتي اچ. عُمرو ڪر. گهُم ڦِر. پر ڏاڏا چئي آءُ ته نه ڪو اچان. نيٺ ڏاڏِي به هتان وڃي اُتي پُهتي ۽ ڪي سال گُذري ويا پر ڏاڏو پڙ ڪڍي ويٺو ته نه ايندس ته نه ايندس. بابا به ڏاڏا جي رڳ رڳ جو واقف هو. خبر هُئس ته هن کي ايئن چئبو ته مڃيندو ڪونه نيٺ هڪ اٽڪل سُجهيس ۽ سعودي مان خط لکيائين ته اسان جي هتي پگهار ٿوري آهي گُذارو ناهي. امان کي هڪ گهر ۾ نوڪرياڻي ڪري رکيو اٿئون. ڏاڏا جو اهو ٻُڌو ته وس نه پُڄيس ته پنهنجي پُٽن وٽ اُڏامي پُهچي ۽ مار ڏئي. بابا جي ان اٽڪل جو نتيجو بابا جي مرضيءَ موجب ئي نڪتو. ڏاڏا سعودي اچڻ لاءِ تيار ٿي ويو. خير سان جڏهن پُهتو ته ايئرپورٽ کان نڪرندي ئي بابا کي دڙڪا ڏيڻ لڳو چئي ”اسان عُمر گُذاري بُکيون ڪٽيون پر مُڙس ٿي منهن ڏنوسون. اوهان ۾ ايتري همت ناهي جو ٻه ويلها ماڻهين کي ماني کارايو. نوڪرياڻي ڪري بيهاريو اٿو؟“ بابا ڪُجهه چوي ها پر موقعو ئي نه ڏنس. جڏهن اڳيان آيا ته ڏاڏي بيٺي هُئي. حال احوال ٿيا ته خبر پئي اهڙو ڪُجهه ٿيو ئي ڪونهي. ڏاڏِي کي به اها خبر نه هُئي ته بابا ڪا اهڙي اٽڪل ڪئي آهي. جڏهن خبر پيس ته ڏاڏا کي دڙڪا ڏنائين ته نه ڏسين ٿو نه ٻُڌين ٿو بس شروع ٿيو وڃين.
    ڏاڏا سعودي اچڻ لاءِ تيار نه هو پر آيو ته مزو اچي ويس. جهنگ جو ماڻهو اُتي جي جهنگ ۾ هليو ڦريو ته چئي هتي ته مزو لڳو پيو آهي. شداد (مڪي ۽ طائف جي وچ وارو علائقو) جي وادين ۾ مال چاريندڙ بدوئن سان ياري ٿي ويس. پر هڪ پريشاني اچي ورايس ته هتي نماز جي پابندي جام آهي. ڏاڏا کڻي نالي ۾ مسلمانن جي گهر ۾ ڄائو هو پر ايندو ڪلمو پڙهڻ به ڪونه هُئس. بابا اڄ به ڏاڏا جي نماز سکڻ جا قصا ٻُڌائيندو آهي ته کل پئي ايندي آهي. ظاهر آهي اُتي ڪو مولوي يا ٻيو ڪو وڏو عالم ته هو ڪونه جيڪو کيس نماز سيکاري ها. اهو خير جو ڪم به بابا کي ئي ڪرڻو هو جيڪو ظاهر آهي ڏاڏا جي حساب سان بابا صحيح نه پئي ڪيو. دڙڪا داٻا ۽ شايد هڪ اڌ مار کائي بابا مُشڪل سان ڏاڏا کي نماز پڙهڻ سيکاري ته همراهه کي ڪو ايڏو سُڪون مليو جو اسان کي ياد ناهي اڄ تائين ڏاڏا ڪا نماز ڇڏي هُجي. نه رُڳو اهو پر بدوئن سان ياري ۾ سلوار قميص ڇڏي اُنهن وارو جُبو پائڻ شروع ڪيائين جيڪو اڄ تائين به پائي ٿو. اڪثر مهمان تائي اچن ته اسان ننڍڙن کان به پيا پُڇن هي همراهه ڪير آهي جيڪو هن جُبي ۾ پيو هلي. ڏاڏا کي انهي پوشاڪ الائي ڪهڙو سُڪون ڏنو جو باقي حياتي جُبي ۾ گُذارڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيس.
    ڏاڏا سعودي پُهچي به واندو بس ڪُجهه ڏينهن ئي ويٺو هو. پهريان ته سُڃاڻي نه سُڃاڻي ان کي رضاڪارانه سروسز ڏيندي سڄو ڏينهن مفت جي مزدوري ڪندو رهيو. منع ڪرڻ ۽ چوڻ جي همت ته ڪنهن ۾ هُئي ڪانه. بابا کان اهو ڏٺو نه ٿيو ته سوچيائين واپس موڪليانس پر ڏاڏا جيئن هتان اوڏانهن وڃڻ لاءِ راضي نه هو تيئن وري اُتان واپس هيڏانهن اچڻ لاءِ به صفا پڙ ڪڍي نه ڪري ويٺو هو.
    ڏاڏا ڪُجهه وقت گُذاريو ۽ رولاڪي لاءِ علائقن جي رينج وڌندي وئي. اهڙن اهڙن جاين تان ٿيو اچي جيڪي ڪڏهن اُتان جي لوڪل ماڻهن به گهُمي نه ڏٺيون هُجن. ايئن رولاڪين ۾ گهڻن گهرن ۾ ته هن جا فئملي ٽرمز به ٿي ويا. اچ وڃ جي انهي سلسلي دوران ”متران“ نالي هڪ عرب ڳڀرو عورت سان پيچ لڙائي ويٺو. مزي جي ڳالهه ته عشق هڪ طرفه نه هو. هوءَ به هن تي فدا ٿي پئي. ڏاڏا اُتي وڏن جي نظرداريءَ ۾ ته هو ڪونه جو ڪنهن کان لهرائي يا ڊڄي ها. جلدي ۾ بي خوف ٿي چئي ويٺو ته ”اهو سڀ ٿي چُڪو اٿؤ“. ڏاڏِي جي ماٺ کيس وڌيڪ حوصلو ڏنو ۽ ڳالهه وڃي شادي تائين پُهتي. ڳالهيون اڳتي وڌيون ۽ ذري گهٽ طئي ٿيو ته رشتو پڪو آهي. متران جو عجيب ضد ته شاديءَ کان پوءِ سعودي ۾ نه رهبو پر تنهنجي مُلڪ پاڪستان هلبو. ڏاڏا کي عشق کان پوءِ پنهنجي پرينءَ جو پهريون شرط ئي اوکو لڳو. سخت مزاج همراهه عشق جي چوٽ ۾ ميڻ ٿي پيو. پيار سان سمجهائيس پيو ته هي مُلڪ عظيم آهي. ماڻهو سڪندا آهن هن مُلڪ ۾ رهڻ لاءِ. ڏاڏا جنهن ڪڏهن اولاد سان به نرم ٿي نه ڳالهايو تنهن پنهنجي پر ۾ وس ڪيا پر متران هڪ نه ٻُڌس. ملڪاڻيءَ جي علائقي جا تفصيل ڏيندي هِتي جا سور ٻُڌايا ته به چوڻ لڳي ”هتي وري ڪهڙو ڪوهه قاف آهي. جهنگ ۽ ويران واديون ئي ته آهن“. متران کي اهو به شڪ ورايو ته همراهه کي مون سان گڏوگڏ هن مُلڪ سعودي سان به اوترو ئي پيار آهي. شاديءَ کان پوءِ هو کيس پنهنجي مُلڪ پاڪستان کڻي وٺي به وڃي پر وري نه واپس سعودي وٺي اچي تنهنڪري خاطريءَ لاءِ شرط ۾ توسيع ڪيائين ته ڪعبي تي هٿ رکي قسم کڻ ته شادي ڪري هلنداسين ته واپس نه اينداسين.
    لاڙ جو ضدي ٻڪراڙ ۽ سعودي عرب جي وادين جي حسينا پنهنجي رومانس دوران اهو وساري ويٺا ته سعودي عرب جا ماڻهو ان زماني ۾ (شايد هاڻي به) نياڻيون ايئن مفت ۾ ڪونه پرڻائي ڏيندا هُئا. ان وقت به هڪ سڱ جو 5000 ريال جو اگهه هو. ڏاڏا اهو ٻُڌي صفا ٿڌو ٿي ويو. متران جي سونهن ۾ ڪمي ڪانه هُئي پر ڏاڏا جو هٿ به اوترو ئي تنگ هو. ڏاڏا کان پئسا نه پئي ٿي سگهيا نه وري بابا وارن جي به خوشي انهي ۾ هُئي ته کيس ايڏي وڏي رقم جوڙي ڏين ها. ايئن ڏاڏا جي انهي عشق جو انجام ٿيو ۽ متران ڪنهن ٻي عرب 6000 ريال ۾ وٺي ورتي. متران جي شاديءَ جي رات ٻئي خوب رُنا هُئا. ڪي ڏينهن ڏاڏا اُداس پيو هلندو هو. رهيو نه ٿيس ته هڪ ڏينهن همت ڪري ان عرب جي گهر هلي ويو جنهن سان متران جي شادي ٿي هُئي. عرب جڏهن ڀاڪر پاتس ته پريان بيٺل متران اشاري سان چيس زور ڏينس، زور ڏيئي ساهه ڪڍينس. ان مان ظاهر هو ته متران ڏاڏا کي شاديءَ کان پوءِ به اوترو ئي پيار ڪيو ٿي جيترو پهرين هُئس. پر ڏاڏا جيڪو اڄ به سچائي ۽ ايمانداريءَ جا درس ڏي ٿو،اُن تي پاڻ به پورو لهندو رهيو آهي، چوندو آهي وري آءُ متران جي گهر نه ويس ته متان هو ڪا اهڙي حرڪت ڪري جو ڪجهه غلط ٿي پئي. پر اڄ به متران جي ذڪر تي جهوني جا ٿڌا شوڪارا گواهي ڏين ٿا ته عشق سچو هو.
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    واھ! ڏاڏا سائينءَ جي عشق کي سلام.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو