ماڊرن ويب فشنگ کان ڪيئن بچجي؟

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 آڪٽوبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ماڊرن ويب فشنگ کان ڪيئن بچجي؟

    شمشير نظاماڻي

    ٽيڪنيڪل يا آءِ ٽي سان لاڳاپيل دوستن کي کپي ته اهي روز مرهه پنهنجي فيلڊ سان لاڳاپيل خبرن يا نيئن آيل ٽيڪنيڪل ٽولز سان رولز جي باري ۾ پڙهندا رهن. ڇو ته آءِ ٽي فيلڊ روز مرهه يا هر روز اپڊيٽ ٿيندو رهي ٿو.
    سو اڄ لکان پيو ته ويب فشنگ کان ڪيئن بچجي؟

    ويب فشنگ آهي ڪهڙي بلا؟
    ڪيترن دوستن کي خبر هوندي پر ٻيهر ٻڌائيندو هلان ته ويب فشنگ اهڙو ڪرمنل ٽيڪنڪ آهي جنهن جي ذريعي توهان جون سوشل ميڊيا آءِڊيون، موبائيل يا ڪمپيوٽر هيڪ ڪري سگهجن ٿا. ڪجهه سال اڳ فشنگ صرف سوشل ميڊيا اڪائونٽ يا ايميل لاءِ استعمال ڪيو ويندو هيو. پر هاڻ ڪمپيوٽر يا موبائيل به ان ذريعي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
    ان جو طريقو اهو هوندو هيو ته توهان کي هڪ لنڪ موڪلي ويندي هُئي ڪرمنلز جي طرفان فيسبڪ آءِ ڊي يا ڪنهن به سوشل ميڊيا جي انباڪس ذريعي ته براءِ مهرباني اسان جو پيج لائيڪ ڪيو، يا وغيره وغيره، جڏهن اوهان ان لنڪ کي کوليندا هُئا ته هڪ ساڳيو ئي فيسبڪ لاگن پيج جهڙو ساڳيو پيج، يا ٽوئٽر، جي لاگن فارم جهڙو ساڳيو پيج کُلي ايندو هيو، ڊزائين مان اوهان کي بلڪل فيسبڪ لڳندو هوندو پر اصل ۾ اهو فيسبڪ ناهي هوندو، اصل ۾ اها انهن هيڪر ته نه ٿو چوان پر اسڪيمرن جي ويبسائيٽ هوندي جيڪا اوهان کي هو به هو فيسبڪ لڳندي هُئي. جنهن سان اوهان جڏهن ان تي ايميل پاسورڊ لڳائيندا هُئا ته سڌو انهن جي ويبسائيٽ تي اوهان جي آءِ ڊي ۽ پاسورڊ هلي ويندي هُئي. انهن جي سڃاڻپ صرف يو آر ايل کان ڪئي ويندي آهي، سو اهو ٿيو پراڻو طريقو.
    پر اڄڪلهه اهڙا پيج اوهان کي نظر نه ايندا، اوهان کي لنڪ موڪليندا جيئن اوهان لنڪ تي ڪلڪ ڪندا ته اوهان جي کُليل آءِ ڊي تان پرميشن وٺي سڌو آءِ ڊي ۾ داخل ٿيندا. سو اهڙا موڪليل لنڪ يا ايميل تي ڀروسو نه ڪريو جيڪو اوهان کي فورن لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ لاءِ چوي.

    فشنگ ذريعي ڪميپوٽر يا موبائيل ڪيئن هيڪ ٿيندا آهن؟
    ڪو ماڻهون اوهان کي لنڪ موڪلي چوندو ته هي اسان جو سافٽوئر يا ايپ آهي ان کي انسٽال ڪريو مختلف ڪيٽيگريز جا ايپ هوندا آهن جئين اينٽاءِ وائرس يا ڊائونلوڊرز ايپليڪشن، جيڪي اوهان کي پلي اسٽور تي سرچ ڪندي به نه ملندا.
    خير، جيئن اوهان انسٽال ڪندئو اوهان جي مشين تي اهي ڪم ڪرڻ شروع ڪندا، اوهان کي اهي سافٽوئر سرچ ڪرڻ سان به نه ملندا، نه ئي اسٽال ٿيل سافٽوئر واري لسٽ ۾، نه ئي ونڊوز جي ٽاسڪ مينيجر ۾، هو بيڪ اينڊ پيا هلندا، جيڪي اوهان جي سموري ڊيٽا گڏ ڪندا، برائوزر ۾ سيو ٿيل پاسورڊ کان وٺي، نيٽفليڪس اڪائونٽ يا ڪنهن به آنلائين اڪائونٽن تائين، ويب سرچز، تصويرون سڀ ڪجهه هو حاصل ڪري وٺندا، ان طريقي کي ٽروجن به چوندا آهن، جنهن تي ڪڏهن ٻيهر لکندس.
    اوهان کي موبائيل کي ريسيٽ ڪرڻ کان ۽ ڪمپيوٽر تي نئين ونڊوز ڪرڻ کان علاوه ٻيو ڪو به طريقو ناهي.
    سو براءِ مهرباني اڪيمرز کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو.
    ويب فشنگ کان ڪيئن بچجي. هيٺ ڏنل ايميزون واري تصوير ۾ طريقا ٻڌايل آهن. يا گوگل وارن طرفان ايميل ناهي ڪيو ويو. ان ايميل طرف ڌيان ڏيندو ته هڪ هٿ ٺوڪيو ايميل ٺاهيل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو