سنجيده مامرن تي حڪومت جي غير سنجيدگي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 آڪٽوبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    هيستائين جي خبرن موجب مولانا فضل الرحمان هاڻي 27 آڪٽوبر جي بدران 31 آڪٽوبر تي پوري تياريء سان اسلام آباد طرف روانو ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪري چڪو آهي.اطلاعن مطابق ڪجهه ڏينهن پهرين مولانا جي ملڪ جي هڪ اهم آئيني ۽ غير سياسي شخصيت سان ملاقات به ٿي هئي جنهن ۾ مولانا کي ملڪ جي هاڻوڪي نازڪ صورتحال ۽ معيشت جي بري حالت کي سامهون رکندي سندس ڌرڻي واري ارادي کان باز رهڻ جي صلاح به ڏني ويئي هئي پر مولانا صاحب ان صلاح کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪندي هر صورت ۾ آزادي مارچ ۽ ڌرڻي واري فيصلي تي عمل ڪرڻ جو چتاء ڏيئي ڇڏيو آهي.سندس چوڻ مطابق جيڪر پاڪ ڀارت جنگ به ڇڙي پوي تڏهن به هو هر صورت ۾ ڌرڻو ضرور هڻندو.تنهن هوندي به اعليٰ رياستي سطح تي مولانا سان ان سلسلي ۾ ڳالهين جو سلسلو اڃا جاري آهي ۽ ڪجهه حلقن طرفان اها اميد ڏيکاري پيئي وڃي ته اهو ڌرڻو ڪنهن نه ڪنهن نموني منسوخ يا ملتوي ٿي ويندو.ٻئي طرف ڪجهه سنجيده حلقن جو خيال آهي ته اهو ڌرڻو اڳواٽ ڪيل منصوبا بنديء جو حصو آهي جنهن جو اصل ڪردار مولانا نه پر ميان نواز شريف ۽ مريم نواز آهن جيڪي مولانا کي ان ڌرڻي ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي جماعت طرفان هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياري چڪا آهن ۽ اهو به چيو پيو وڃي ته ان ڌرڻي لاء گھربل مالي وسيلا مهيا ڪرڻ لاء به ميان صاحب پنهنجن ڪجهه پيارن ڪاروباري دوستن کي چئي ڇڏيو آهي ته جيئن هڪ ڊگھي ڌرڻي جي صورت ۾ مولانا کي ڪي مالي ڏکيائيون پيش نه اچن.انهن حلقن جو چوڻ آهي ته ان ڌرڻي جو مقصد موجوده حڪومتي نظام مان عمران خان کي مائينس ڪرڻ آهي ڇو ته اهو ته مولانا صاحب ۽ سندس اتحادين کي به پتو آهي ته هاڻوڪين حالتن ۾ نيون چونڊون ٿين اهو ناممڪن آهي ان ڪري ان ڌرڻي جا ٻه مقصد ئي ٿي سگھن ٿا.پهريون اهو ته عمران خان کي هاڻوڪي سياسي نظام مان آئوٽ ڪيو وڃي يا وري کيس ايتري دٻاء ۾ آندو وڃي جو هو پنهنجي سياسي مخالفن جون ڪجهه ڳالهيون مڃڻ تي مجبور ٿئي.مولانا ماضيء جي حوالي سان نهايت ئي دانشمند،تجربيڪار ۽ چالاڪ سياستدان رهيو آهي ۽ هو ڪابه اهڙي رسڪ کڻي نٿو سگھي جنهنجا نتيجا هن جي حق ۾ ناڪاري نڪرن.مولانا جنهن اعتماد سان ڳالهائي رهيو آهي انهيء مان لڳي ٿو ته سندس ان تحريڪ پويان ڪا غير معمولي قوت ضرور موجود آهي. حڪومت جي حامي ڪجهه تجزيي نگارن جو خيال آهي ته عمران حڪومت عوام ۾ اڃا تائين ايتري مقبول آهي جو ان قسم جي ڌرڻن جو حڪومت تي ڪوبه اثر پوڻ وارو ناهي،انهيء کان سواء سمورا ادارا ۽ اسٽيبلشمينٽ اڃا تائين هاڻوڪي حڪومت سان گڏ آهي،انهن تجيي نگارن موجب مولانا سان سندس ڪجهه هزار مدرسي جي شاگردن سواء ڪا به ٻي سياسي جماعت سندس ساٿ نه ڏيندي.بد قسمتيء سان خود حڪومت جا وزير ۽ مشير به انهيء خيال سان متفق نظر اچن ٿا جيڪي عمران خان کي اڃا تائين اهو باور ڪرائي رهيا آهن ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي.انهن ”دانشمند“ وزيرن ۽ مشيرن پهرين ته اها راڳڻي ڳائي ته مولانا ڪو ڌرڻو هڻي ئي نٿو سگھي ۽ هو مولانا جي ان الٽيميٽم جو هر وقت مذاق اڏائيندا رهيا پر هاڻي انهن کي به کي ڪجهه احساس ٿيڻ لڳو آهي ته معاملو ايترو سادو ناهي ۽ واقعي معاملو ايترو سادو ناهي.عمران خان جي بدقسمتي اها آهي جو هو هن وقت سندس پارٽيء جي مخلص ۽ سچن ڪارڪنن جي صلاح مشوري کان محروم ٿي چڪو آهي پر تازو گڏيل قومن ۾ ڪيل سندس تقرير تي آيل مثبت عوامي رد عمل سندس گھمنڊ ۽ تڪبر ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري هو حالتن جي شدت ۽ سنگينيء کي صحيح طرح محسوس نه ڪري رهيو آهي.سندس اهي وزير مشير ۽ ترجمان جيڪي هن وقت معاملي جو ڪو مناسب حل ڳولهڻ بدران چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيئي ان باهه کي وڌيڪ ڀڙڪائي رهيا آهن اهي جڏهن به ڏسندا ته عمران خان جي لاء هاڻي خراب وقت اچڻ وارو آهي ته انهن مان ڪوبه ساڻس گڏ نظر نه ايندو جو انهن مان گھڻن جا اڳ ۾ ئي پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ سان ڳجھا لاڳاپا موجود آهن.انهن هيستائين سمورن اهم معاملن ۾ عمران خان کي ڄاڻي واڻي بي خبر رکيو آهي يا کيس مس گائيڊ ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ عمران خان ڏينهون ڏينهن نت نون بحرانن جو شڪار ٿيندو ٿو وڃي جنهن ۾ سندس سياسي مخالفن کان وڌيڪ سندس دوستن جو ڪردار رهيو آهي.سوال اهو ناهي ته مولانا جو ڌرڻو جائز آهي يا ناجائز پر سوال اهو آهي ته انهيء ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاء حڪومت وٽ ڪيتري سنجيدگي،ڏاهپ ۽ حڪمت عملي آهي؟ جيڪر حڪومت کي اهو گمان آهي ته سمورا معاملا طاقت جي استعمال سان حل ڪري سگھجن ٿا ته اها سندن خام خيالي آهي.اسٽيبلشمينٽ ۽ رياستي ادارن جو حڪومت سان تعاون ڪرڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته اهي ماڻهن تي گوليون هلائڻ شروع ڪري ڏيندا.عمران خان کي گھربو هو ته ان معالي کي سنجيده وٺندي اڳ ۾ ئي سمورين سياسي ڌرين سان ڳالهائي ها پر سندس ضد ۽ تڪبر کيس ڪنهن به ڪم جو نه ڇڏيو آهي.هاڻي جڏهن معاملو گھڻو اڳتي نڪري چڪو آهي ۽ ڳالهين جو وقت به ٽري چڪو آهي ته حڪومت طرفان هڪ مذاڪراتي ڪميٽي جوڙي ويئي آهي جنهن جي ميمبرن مان نور الحق قادري اڳ ئي معذرت ڪري چڪو آهي جڏهن ته باقي ميمبرن پرويز خٽڪ ۽ اعظم سواتيء سان مولانا ڳالهائڻ لاء هرگز تيار نه ٿيندو.هئڻ ته اهو گھربو هو جو ان ڪميٽيء ۾ چوڌري شجاعت،جهانگير ترين ۽ شاهه محمود قريشيء جهڙا تجربيڪار سياستدان شامل ڪجن ها پر لڳي ٿو ته اها ڪميٽي جوڙي حڪومت رڳو پنهنجي مٿان ڄڻ ميار لاٿي هجي.هاڻي پهريون سوال سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا واقعي مولانا آزادي مارچ ۽ ڌرڻي واري معاملي ۾ سنجيده آهي يا حڪومت اڃا تائين ان کي ڪا پريشر ٽيڪٽس سمجھي رهي آهي؟ ان جو جواب اهو ته ڌرڻو لڳي رهيو آهي ۽ وڏي پيماني تي لڳي رهيو آهي جنهن ۾ مولانا جي جماعت سان گڏ مخالف ڌر جون ٻيون سموريون پارٽيون شامل ٿي رهيون آهن،ٻيو سوال اهو ته ڇا حڪومت ۾ ان ڌرڻي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت موجود آهي؟ جواب اهو ته جيڪر وڌيڪ نه رڳو پنجاهه هزار ماڻهو ئي اسلام آباد پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته حڪومت انهن سامهون بلڪل ئي بيوس بڻجي ويندي جو بهرحال ان ڌرڻي ۾ مذهب ڪارڊ ضرور استعمال ٿيندو ۽ جڏهن ڪنهن به تحريڪ ۾ مذهبي جذبا ملوث هجن ته انهيء کي روڪڻ اٽڪل ناممڪن هوندو آهي جو خدنخواسته ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي.حڪومت جي ٿوري به غفلت ۽ لاپرواهي يا ڪنهن ٽين ڌر جي ڪا سازش ڪنهن اهڙي اڻ وڻندڙ واقعي کي جنم ڏيئي سگھي ٿي جنهن سان پوري ملڪ ۾ امن امان جو سنگين مسئلو پيدا ٿي سگھي ٿو.انهيء ڪري جتي حڪومت جي اها ذميداري اهي ته اها نهايت دانشمندي،ڏاهپ،تحمل،بردباري ۽ حڪمت عمليء سان سموري معاملي کي مينيج ڪرڻ جي ڪوشس ڪري اتي حڪومت مخالف سياسي ڌرين جو به فرض آهي ته اهي حالتن کي ان بند گھٽيء طرف نه وٺي وڃن جتان واپسيء جو ڪو رستو نظر نه اچي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو