ملڪ توتا خان ڪلمتي ؛ چوڪُنڊي قبرستان ، ميمڻ ڳوٺ ، ضلعو ملير، ڪراچي ، سنڌ.

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جو يو امين طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2019۔

  1. جو يو امين

    جو يو امين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2017
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي
    [​IMG]


    مَلڪ توتا خان ڪَلمتي، چوڪنڊي قبرستان (ميمڻ ڳوٺ، ضلعو ملير، سنڌ)

    امين جويو

    ريسرچ ايسوسيئيٽ سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي

    تحقيق جي ڀَري، مَٿي ريءَ رَکيجُ،

    ٻانهُون ٻيئي لاهي ڏيئي، ڪُشتي ڪمائيجُ،

    سَنڌَنئُون ساري، ٽَنگنئُون ٽاري، ڄَنگهُن ريءَ ڄُليجُ،

    جا هَاجَ هَٿَن ريءَ نهَ ٿِئي، سا ٺُونٺُو ٿي ڪَريجُ،

    هَڪلَ حقيقت جي، ٻوڙو ٿي ٻُڌيجُ،

    اَنڌو ٿي پَسيجُ، مُشاهدو محبوب جو.


    (سُر کاهوڙي، شاهه لطيف)


    تَتُ

    جيڪڏهن اسان مان هر هڪ ماڻهو، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي شهر يا پنهنجي علائقي ۾ پنهنجي حصي جو سماجي ۽ اخلاقي ڪم ڪري، ۽ مسئلن کي پنهنجو ذاتي مسئلو سمجهي حل ڪري، ته هُوند سموري سنڌ سون ورني ڌرتي ٿي پوي. پر بحرحال اڄ ڪلهه ائين ٿئي ڪو نه پيو، بس اهي سُٺيون سُٺيون ڳالهيون صرف ڪتابن تائين محدود ٿي ويون آهن ۽ هر هڪ کاتي جي حالت ڏاڍي خراب لڳي پئي آهي. اهڙيءَ طرح هر ضلعي جا قديم آثار پڻ بلڪل تباهيءَ جي ڪناري تي پُهچي چُڪا آهن. انهن ۾ ضلعي ملير وارو ميمڻ ڳوٺ جو، چوڪنڊي قبرن وارو ماڳُ پڻ هڪ آهي.

    مُنهنجي هن تحقيقي مضمون لکڻ جو مقصد هيءُ آهي ته آئون هن مضمون ذريعي وَسَ وارن (ثقافت کاتي) تائين اهو پيغام پُهچايان ته صرف ٿوري احتياط ۽ ٿوري بجيٽ خرچ ڪرڻ سان اسان سنڌ جي صدين تي ٻَڌَل تاريخي ورثي کي نه صرف محفوظ ڪري سگهون ٿا پر اسان پنهنجي ايندڙ نسلن کي به فخر سان، پنهنجي تاريخ ۽ فنِ تعمير بابت ٻُڌائي سگهون ٿا ته ڪيئن نه چار صديون اڳ، پورهيت ڪاريگرن وڏي محنت ۽ جفا ڪشيءَ سان پٿرن کي ڪَٽي ڪوري، اُنهن تي مختلف ڊزائينون ٺاهيون آهن جو ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن ٿيون.


    مَلڪ توتا خان جو ڊٿل چوڪنڊي چبوترو

    مشهاداتي دورو

    12 جنوري 2019 تي صبح سوير سائين گُل حسن لاکي ۽ سارنگ جويي سان گڏ ڳوٺ مُراد ميمڻ ، ضلعي ملير ۾ وڃڻ ٿيو، جيڪو ملير کان 11 ڪلوميٽرن تي اُتر اوڀر طرف آهي. هتي شاهڪار قسم جون 400 کن چوڪنڊيون قبرون موجود آهن، جن تي بهترين قسم جي اُڪر جو ڪم ٿيل آهي ۽ مختلف قبرن تي الڳ الڳ ڊزائينون ٺهيل آهن. جن ۾ رَليءَ جون ڊزائينون ۽ زيورن جون ڊزائينون نهايت مُنفرد ۽ نفاست واري انداز سان اُڪريل آهن. اهڙي ڪاريگري ڏسي اسان سنڌ جي اُنهن هُنرمندن کي نِمي سلام ڪيو، جن اُهي محنت سان ٺاهيون هونديون. بحرحال پوءِ اسان اُتي موجود ماڻهن کان هن ماڳ بابت ڄاڻ وٺڻ لڳاسين.

    هيءُ ماڳُ ميمڻ ڳوٺ کان اُتر طرف، ٿڌي نئين جي ڪناري تي هڪ مٿانهين پوٺي تي ٺهيل آهي، هتي موجود مقامي ماڻهن اسان کي ٻُڌايو ته، ”هيءُ قبرستان 44 ايڪڙن تي ٻَڌَل آهي ۽ هن ۾ تقريبن 400 کن اُڪر واريون قبرون ٺهيل آهن جيڪي جوکين، بُرفتن ۽ ڪلمتين جون آهن، ۽ اِهي سترهين ۽ ارڙهين عيسوي صديءَ جو شاهڪار فن تعمير آهن."

    بهرحال اهو ميدان اسان پاڻ ماپڻ جو وچن ڪيو ۽ قبرن جي ڳڻپ شروع ڪئيسين، مون تصويرون ڪڍڻ ۽ ماپون وٺڻ شروع ڪيون ۽ سارنگ ۽ سائين گُل حسن فيس بُڪ تي لائيو ٿيا ۽ هن تاريخي ماڳ بابت ڳالهائيندي، ڏسڻدڙن ۽ ٻُڌندڙن تائين ڪارائتي معلومات پُهچائڻ لڳا. مون جڏهن چوڪنڊي قبرن تي ڪجهه غور ڪيو ته اُتي گهڻين ئي قبرن تي نالا اُڪريل نظر آيا، جيڪي وقت جي گُذرڻ ۽ مقامي ماڻهن جي هٿ چُراند جي ڪري هاڻي پڙهڻ جوڳا نه رهيا آهن پر اڃان به ڪُجهه چوڪنڊين تي نالا پڙهي سگهجن ٿا. جيڪي اسان پڙهيا ۽ انهن جون تصويرون پڻ ڪڍيوسين.




    هتي ٻه عدد رائنڪون، هڪ مسجد ۽ هڪ ڊٿل چوڪنڊي چبوترو ڏسڻ وٽان آهن. سنڌ جي جاکوڙي مُحقق سائين گل حسن ڪلمتيءَ مطابق اهو چبوترو ڪلمتين جي راڌا ملڪن جي چڱي مُڙس ملڪ توتا خان جو آهي. هڪڙي رائنڪ ۾ اندر 11 ننڍيون وڏيون چوڪنڊيون قبرون ٺهيل آهن، جن تي خوبصورت اُڪر جو ڪم ٿيل آهي. هتي مون ٻنهي رائنڪن ۽ ڪجهه چوڪنڊين جون ماپون ورتيون، جيڪي هن ريت آهن؛

    هڪڙي رائنڪ جي ماپ 39*38 آهي، جيڪا رستي جي اُتر اوڀر طرف آهي ۽ ٻي رائنڪ جي ماپ 36*38 آهي، جيڪا ڏکڻ اولهه طرف آهي. اهي ٻئي رائنڪون تقريبن هم چورس آهن، جڏهن ته اُتي موجود مسجد انهن ٻنهي رائنڪن کان ننڍي هُئي پر وقت جي گهٽتائيءَ جي ڪري آئون اُن جون ماپون نه وٺي سگهيس. هتي موجود چوڪنڊين جي سراسري ڊيگهه 3 کان 8 فُٽ هُئي، جڏهن ته اوچائي 3 کان 12 فُٽ هُئي.

    اڳ ۾ ٿيل تحقيق

    هن قبرستان بابت علي احمد بروهي صاحب پنهنجي ڪتاب ’سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مُقبرن جي پٿرن تي اُڪريل تاريخ‘ ۾ هن ريت لکيو آهي ته، ” ملير ڇانوڻيءَ واري ايراضيءَ ۾ ميونسپل واٽر ورڪس جي ويجهو هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي، جيڪو ميمڻ ڳوٺ سڏجي ٿو، اُنهيءَ ۾ چڱو موچارو قبرستان آهي، جنهن ۾ سوين قبرون آهن، جيڪي جُنگشاهيءَ جي تراشيل پٿرن مان ٺهيل آهي. قبرُن جي پٿرن تي سُهڻي نموني گُلڪارين ۽ ٻين نمونن سان اُڪر ٿيل آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته اهي قبرون بُرفتن جون آهن. بُرفتن بابت عام طرح سان چيو وڃي ٿو ته اهي نومڙين يا نومڙن جو ذيلي قبيلو آهن، جن جو ڪوهستان واري ايراضي ۽ بلوچستان ۾ سورهين ۽ سترهين عيسوي صديءَ ۾ وڏو اثر رسوخ هو.“ (بروهي، 2016)

    اڳتي هلي بروهي صاحب هن قبرستان بابت وڌيڪ واضح نموني سان هن طرح سان لکي ٿو ته،”ميمڻ ڳوٺ جا مقبرا اسلامي روايتن مُطابق زمين دوز تدفين تي ٻَڌَل آهن، ڪن مُقبرن جي چوٽيءَ تي هڪ ننڍو نشان ڪناري کان اُڀريل اشارو هوندو آهي. مرد جي قبر جي چوٽيءَ تي تاجَ جو نشانُ پَڳَ جي علامت هوندو آهي. انهن مُقبرن جي تراشَ جو نمونو ۽ انهن تي گُلڪاري ۽ جاميٽريءَ جا نمونا اهڙا ساڳيا ئي آهن، جهڙا چوڪنڊي ملير واري قبرستان ۾ آهن. مختصر اهوته هتي اُهو ساڳيو ئي نمونو ۽ ساڳي ئي ڪاريگري آهي، سواءِ ڪجهه علامتي نمائندا نشانين جي.“(بروهي،2016)

    ڪراچيءَ جي موجوده جاکوڙي ڪردار سائين گُل حسن ڪلمتيءَ پنهنجي ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئيءَ ۾ هن طرح سان لکيو آهي ته،”ڪراچيءَ ۾ ٻيو نمبر گهاڙي قبرن وارو مُقام ’بلوچ ٽومبس‘ جي نالي سان مشهور آهي. جيڪو ميمڻ ڳوٺ ويجهو ٿڌي نئين جي ڪنڌيءَ تي هاشم جوکيو ڳوٺ ۽ فيروز ڳوٺ لڳ ديهه کرکُريءَ ۾ آهي. هن قبرستان جو نالو مقامي ماڻهن ۾ ’مَلڪ توتا جي چوڪنڊي‘ يا ’راڌن مَلڪن جي چوڪنڊيون‘ مشهور آهي.حمزي خان ٻاهوٽ مُطابق مَلڪ توتا خان قبيلي جو سردار هو ۽ انهن مَلڪن جي ڏاڏي جو نالو ’راڌو‘ هو، تنهن ڪري اهي راڌا مَلڪَ سڏجڻ لڳا.“ (ڪلمتي، 2014)

    اڳتي هلي گُل حسن ڪلمتي وڌيڪ لکي ٿو ته،” اسماعيل ميمڻ، مَلڪ اسحاق بن مَلڪ حاجي خان جو وزير هو، ان جي اولاد جي نالي ميمڻ ڳوٺ (مُراد ميمڻ ڳوٺ) سڏجي ٿو. اسماعيل ميمڻ جي قبر به انهيءَ قبرستان ۾ آهي، جنهن تي سندس نالو ’ اسماعيل ممن‘ اُڪريل آهي. ملير جي مَلڪن ۽ ڪلمتي راڄن جو شاهاڻو مُقام، جيڪو مَلڪُ توتا خان جو مُقامُ سڏجي ٿو، سو ملير ضلعي جي ڳوٺ مُراد ميمڻ جي اُتر طرف ٿڌي نئين جي لڳ واقع آهي. اُنهيءَ ۾ وڏيون شاهي گهاڙي قبرون آهن، جيڪي پَٿر جي سنگتراشيءَ جو اعليٰ نمونو آهن. سال 1960 تائين مَلڪن جي شاهي ڇَٽي (چوڪنڊي) بيٺل هُئي، جيڪا پوءِ گهڻي مينهن پوڻ سبب ڊهي وئي.

    مَلڪ توتا خان تي، اها خوبصورت چوڪنڊي سندس ڀائٽيي مَلڪ زردار خان جوڙائي هُئي، جيڪو مَلڪ توتا خان جو نياڻو هو. اهي راڌا مَلڪَ سڏبا هُئا، تنهن ڪري سندن تاريخي قبرستان تي نالو ’راڌن واريون گهاڙيون‘ پيو. مَلڪ سُهراب خان، مَلڪ ابراهيم ثاني، مَلڪ اشرف، ۽ مَلڪ بدو بن مَلڪ ببر خان هن قبرستان ۾ آرامي آهن. سندن گهاڙي قبرن تي نالن وارا ڪُتبا اُڪريل آهن.“(ڪلمتي، 2014)

    اُن کان علاوه سنڌ جو نالي وارو آرڪيالاجسٽ ، سائين حاڪم علي شاهه بخاري پنهنجي ڪتاب ’’ سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري’’ ۾ هن طرح لکيو آهي ته،’’هي قبرستان تيرهين عيسوي صديءَ جو آهي ،جيڪو چوڪنڊي قبرستان( ملير) کان به اوائلي آهي ، هي ملڪ توده خان ڪرمتي جي نالي پويان سڃاتو وڃي ٿو. هن قبرستان جي اُڪر سادي آهي، هي هڪ وڏو قبرستان آهي جنهن ۾ 125 قبرون اهڙيون آهن جن جي ڪتبن کي پڙهي سگهجي ٿو . ڪنهن زماني ۾ ڪوهستان تي چار سردار پنهنجي سرداري هلائيندا هيا ؛ 1. ڄام جوکيه (چوڪنڊي قبرستان اُنهن جو آهي) 2. ڪرمتي ملڪ سردار 3. برفت ملڪ سردار يا باپڙاڻي 4. برفت ملڪ سردار هملاڻي. هن قبرستان ۾ ملڪ توتا خان ڪلمتي جي قبر به موجود آهي. هتي هڪ چوڪنڊي تي سن 966 هه لکيل آهي.’’ (بخاري، 2008).

    مواد جي ڇنڊڇاڻ

    مون مٿي سائين علي احمد بروهي ، سائين گل حسن ڪلمتي ۽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري جي ڪتابن مان، هن ماڳ بابت حوالا ڏنا آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ آئون اُن نتيجي تي پهتو آهيان ته سائين حاڪم علي شاهه بخاري جي راءِ وڌيڪ وزندار آهي،جيئن ته سائين سنڌ جوجهونو سيلاني آهي ۽، سنڌ ۽ بلوچستان جي قديم آثارن تي وڏي ڄاڻ رکي ٿو. هُن سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري لکي سنڌ جي صدين تي ٻڌل تاريخ ، ثقافت ۽ هنر کي اجاڳر ڪيو آهي ۽ اسان جهڙن ماڻهن کي اُتساهه ڏنو اٿائين ته اسان اُنهن ماڳن ،مڪانن تي وڃون ۽ اڃان وڌيڪ تحقيق ڪيون. ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته بخاري صاحب پاڻ ، پنهنجي سر ماڳن تي وڃي اتي مشاهدو ڪري، مقامي ماڻهن کان ڄاڻ حاصل ڪري پوءِ لکندو آهي. ان ڪري آئون سندس ان راءِ سان مُتفق آهيان ته اهي چوڪنڊي قبرون بُرفتن جون نه پر (ڪرمتين) يعني ڪلمتين جون آهن، ڇو ته اهو قبرستان جتي موجود آهي، ان جي آس پاس ۾ ڪلمتين جا ڳوٺ اڄ به موجود آهن ۽ ان کان علاوه ڪيترين ئي قبرن تي جيڪي نالا لکيل آهن، انهن ۾ وڏي اڪثريت مَلڪن جي آهي.

    رايا ۽ تجويزون

    هاڻي اچون ٿا سڀ کان اهم ڳالهه طرف يعني راين ۽ تجويزن طرف، جنهن ڪري مون هيءُ تحقيقي مضمون لکيو آهي.

    1. اسان کي سڀ کان وڌيڪ تڪليف تڏهن ٿي، جڏهن اسان هن اهم تاريخي قبرستان جي وچ ۾ هڪ ڪچو رستو ڏٺو، جتان هر قسم جون ننڍيون وڏيون ڪارون، ٽريڪٽر ٽراليون، گڏهه گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون جَهجَهي تعداد ۾ اچي ۽ وڃي رهيون هُيون؛ جنهن سان هن شاهڪار گُلڪاريءَ وارين چوڪنڊين کي سخت نقصان ٿي رهيو آهي. ۽ ڪافي چوڪنڊين جو ته رنگ ئي مَٽِجي ٿي ويو آهي. تنهنڪري اسان جِي وَسَ وارن (ثقافت کاتي) کي پُرزور اپيل آهي ته اهو رستو قبرستان وچان ختم ڪرائي ڳوٺ وارن کي ڪو ٻيو مُتبادل رستو ڏنو وڃي.

    2. هن انتهائي اهم ۽ تاريخي چوڪنڊي قبرستان ۾ اندر ٻار ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا هُئا، جنهن سان آثارن جي ڪافي لتاڙ ۽ قبرن جي بي حُرمتي ٿي رهي هُئي ۽ اُتي موجود چوڪنڊين قبرن مان ڪجهه قبرن جا حصا ٽُٽي هيٺ پَٽَ تي ڪِريا پيا هُئا. ان ڪري اسان جي ٻي گُذارش اها آهي ته انهن ٻارن کي ميمڻ ڳوٺ اندر ڪنهن ٻي جاءِ تي گرائونڊ ٺاهي ڏنو وڃي ته جيئن هن صدين پُراڻي ثقافتي وِرثي کي محفوظ بڻائي سگهجي.

    3. هِن وقت، هِن چوڪنڊي قبرستان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪمزور لوهي تارون ڏنل آهن،جيڪي پڻ ڪيترن ئي هنڌن تان ٽُٽل آهن، جنهن ڪري هر وقت جانور قبرستان کي نقصان پُهچائيندا رهندا آهن. تنهن ڪري هن قديم قبرستان کي جلد کان جلد مضبوط چئوديواري ڏياري وڃي ته جيئن هِي قيمتي سرمايو محفوظ رهي سگهي.

    4. هِن چوڪنڊي قبرستان جي بلڪل شروعات ۾ اوڪاف کاتي پاران هڪ بورڊ لڳايل آهي، جنهن تي رُڳو بلوچ ٽومبس لکيل آهي، انهيءَ اڻ چٽي بورڊ سان ڪا به وضاحت نه ٿي ٿئي ته اندر ڪهڙن قبيلن جا ماڻهو دفن ٿيل آهن؟ ، اندر ڪيتريون چوڪنڊي قبرون ٺهيل آهن؟، هيءُ ماڳُ ڪيترو قديم آهي؟ ۽ ڪيترن ايڪڙن تي پکڙيل آهي؟ وغيره. تنهن ڪري اُتي هڪ نئون معلوماتي بورڊ لڳرايو وڃي، جنهن تي مٿي ٻُڌايل سموري بُنيادي ڄاڻ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکي وڃي ته جيئن گهمڻ لاءِ ايندڙن کي صحيح ۽ چِٽي ڄاڻ ملي سگهي.

    5. هِن قديمي قبرستان ۾ ٻه رائنڪون ۽ هڪ قديم مسجد پڻ ڊٿل حالت ۾ موجود آهن، جن کي پڻ اصل حالت ۾ بحال ڪجي ته هن تاريخي ماڳ جي اهميت وڌيڪ اُجاڳر ٿيندي.

    6. مَلڪ توتا خان جي چوڪنڊي وارو چبوترو بحال ڪيو وڃي، جيڪو 1960 تائين بلڪل دُرست حالت ۾ هو، پر هاڻي ڊٿل حالت ۾ آهي ۽ ان جا ٿنڀا ۽ ٻيا اُڪريل پٿر اُتي ئي ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. اِها چوڪنڊِي ٺهڻ کان پوءِ ڏاڍي شاندار لڳندي ۽ هن تاريخي ماڳ جي سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪندي.

    نتيجو

    مٿي ڏنل راين ۽ تجويزن ۾ ٻُڌايل ڪم ايترا ڏُکيا ۽ مهانگا به ناهن، جو سنڌ سرڪار جو ثقافت کاتو نه ڪرائي سگهي. بحرحال آئون پنهنجي ڳالهه اهو چئي پوري ڪريان ٿو ته، وَسَ وارن کي تُرت هن ماڳ جي سنڀال ڪرڻ گهرجي ۽ مٿي ڏنل راين تي عمل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن صديون اڳي، سنڌ جي پورهيتن جو پٿرن تي ڪيل، هي شاندار اُڪَر وارو پورهيو ضايع نه ٿي سگهي.

    حوالا

    بخاري ، حاڪم علي شاهه .(2008). ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري’سنڌي لئنگويج اٿارٽي’ .حيدرآباد. ص.43،44

    بروهي،علي احمد.(2016). ’سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مُقبرن جي پٿرن تي اُڪريل تواريخ‘، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ص.25.

    ساڳيو، ص.27.

    ڪلمتي، گل حسن.(2014). ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘، نئون نياپو پبليڪيشن، ڪراچي، ص. 648.649.

    شيخ، ٻانهون خان.(2012). ’شاهه جو رسالو‘، سُر کاهوڙي، داستان ٽيون، بيت. 16، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ص.24.

     
    سليمان وساڻ ۽ سارنگ جويو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو