سنڌ جو سوشلسٽ باغي صوفي شاهه عنايت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سارنگ جويو طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2019۔

  1. سارنگ جويو

    سارنگ جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي، ڪراچي
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي، سنڌ.
    سنڌ جو سوشلسٽ باغي صوفي شاهه عنايت


    سارنگ جويو


    سنڌ جو باغي شاھ عنايت شھيد اصل ذات جو لانگاھ ھو، سندس وڏا ۽ پاڻ به اصل سنڌ جي تخت گاھ رھندڙ ملتان جا ھُئا. سنڌ جو ھي پھريون سوشلسٽ باغي ھُيو، جنھن سنڌي قوم جي غريب ۽ پيڙھيل طبقن لاءِ حق جو آواز بُلند ڪيو ۽ پنھنجي ھزارين ايڪڙ زمين غريب ھارين ۾ ورھائي ڇڏي ۽ چيائين ته زمين اللہ جي آھي، جيڪو ان کي کيڙيندو اهو ئي اُن جو مالڪ آهي ۽ ھي نعرو ڏنائين ته، ” جو کيڙي سو کائي“، جنھن نعري ھيٺ ھزارن جي تعداد ۾ غريب ۽ پيڙھيل ھاري ان وقت جي زميندارن، وڏيرن، پيرن، سيدن ۽ پليجن سان گڏ ڪلھوڙن جي زمينن کي ڇڏي شاھ عنايت وٽ اچي زمين کيڙي سوشلسٽ انقلاب جو عملي روپ ورتائون، جنھن تي ان وقت جي ڪلهوڙا حڪمرانن يار محمد ڪلھوڙي، نور محمد ڪلهوڙي، مقامي پيرن ۽ زميندارن جي چُرچ تي شاھ عنايت جي شڪايت ٺٽي جي صوبيدار اعظم خان جي ذريعي مغل بادشاهه فرخ سير تائين دھلي پُهچايو ته، ”شاھ عنايت ماڻھن کي باغي پيو بڻائي ۽ مغلن سان بغاوت ٿو ڪرڻ چاھي“، جنھن تي مغلن يار محمد ڪلھوڙي، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ اُتان جي وڏيرن کي فوجي مدد ڏياري موڪلي، جن شاھ عنايت ۽ ان وٽ گڏ ٿيندڙ ھزارين ھارين خلاف جنگ ڪئي، جنھن تي شاھ عنايت حق جو نعرو ھڻي مغل سامراج خلاف بغاوت جو عَلم بُلند ڪيو، اُن بغاوت ويڙھ جي صورت اختيار ڪئي، ۽ اها جنگ پنھنجي دور جي گوريلا طرز جي واحد جنگ ھُئي. تاريخ ۾ آيو آھي ته اُھا ويڙھ مغل فوج، ڪلھوڙا فوج ۽ مقامي زميندارن ملي ڪري شاھ عنايت ۽ ان جي ساٿين سان ميرانپور جھوڪ ۾ وڙھي، جيڪا ويڙھ ساندھ ڇھ مھينا ھلي، جنھن ۾ ھڪ اندازي موجب 24 ھزار شھيد صوفي شاھ عنايت جا ساٿي شھيد ٿيا پر پوءِ به اُھي شاھ عنايت کي شڪست نه ڏئي سگھيا ته پوءِ انھن دغا سان نور محمد ڪلهوڙي، نور محمد پليجي، حمل جت، مير شهداد ٽالپر، عبدالواسع شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اڇا جھنڊا ۽ قرآن شريف ھٿن ۾ کڻي ٺاھ ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت وٽ آيا، جنھن تي شاھ عنايت قرآن مجيد کي مان ڏيندي انھن سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو، جڏھن ته شاھ عنايت ۽ ان جا ساٿي اھو سمجھن پيا ته ان جي پُٺيان ڪا نه ڪا سازش ضرور آھي، پر شاھ عنايت قرآن شريف تي يقين ڪندي ٺاھ ڪرڻ لاءِ انھن سان گڏ ويو، ۽ اُتي دوکي سان شاھ عنايت کي اڏيءَ تي سِر رکي شھيد ڪيو ويو.

    تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آھي ته شاھ عنايت شھيد ٿيڻ کان ڪجھ وقت اڳ فارسي ٻوليءَ ۾ ھي شعر پڙھيو ھو ته،


    ” سِر يار قدم، فدا شُد، چہ بجا شُد،

    اين بارِگران، بُود ادا شُد چہ بجا شُد“


    مطلب؛ سِرُ يار جي قدمن تي فدا ٿيو، سُٺو ٿيو،

    اھو ڪُلھي تي وڏو بارُ ھو، ادا ٿيو سُٺو ٿيو.

    اھڙي عظيم شخصيت جنھن پنھنجي قوم جي آزاديءَ لاءِ ۽ انھن جي غربت مٽائڻ لاءِ کلندي مُرڪندي موت کي قبول ڪيو پر اُن جا پونئر ۽ ان جي گاديءَ جا گادي نشين سندس فڪر ۽ فلسفي کي وساري ويٺا آھن ۽ ان جي اُبتڙ عمل تي پيرا آھن، جڏھن ته صوفي شاھ عنايت بغير رنگ نسل، ذات پات، اوچ نيچ ۽ مذھبي تفرقي جي انسانيت جي خدمت ڪئي، ايتري قدر ته پاڻ ھندو توڙي مسلم گڏ ويھاري انھن سان گڏ ھڪ ئي پاٽ ۾ ماني کائيندا ھُئا. سندس ان تحريڪ بابت سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن پر انهن مان پروفيسر محمد علي مانجهي جو ’صوفي شاهه عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘، صوفي حضور بخش جو ڪتاب ’شاهه عنايت‘، دانش نواز گهانگهرو جو ’شهيد صوفي شاهه عنايت‘ اهميت جا حامل آهن، جن ڪتابن جي مطالعي مان اسان کي صوفي شاهه عنايت جي فڪر، فلسفي ۽ سندس جدوجهد بابت تفصيل ملن ٿا.
     
    پير محمد نوناري ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو ليک

    شاہ عنايت جي شخصيت سنڌ مان هارين لاءِ اٿندڙ هڪ زبردست تحريڪ هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو