ڇا ڀٽائي به بيقدري مان گذريو هو؟

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 آڪٽوبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,858
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇا ڀٽائي به بيقدري مان گذريو هو؟

    عزيز ڪنگراڻي

    مهان ۽ ڏاها شاعر ۽ اديب پنهنجي دور ۽ سماج تي گهري نظر رکندڙ حساس ماڻهو هوندا آهن. جيڪي ڏات ڌڻي پنهنجي عام ماڻهن جي ڌُر بڻجي پنهنجي ڏات جي جوت جي اوت ڪندا آهن اهي هر دور ۾ پنهنجي ماڻهن جا ئي رهندا آهن. جيڪڏهن سماج ۾ سندن ڏات ۽ ڏانءُ کي ڪا هاڪاري يا مثبت موٽ نه به ملندي آهي ته به مايوس نه ٿيندا آهن. پنهنجي طئي ٿيل آدرشن تان هٿ نه کڻندا آهن ۽ نه ئي پنهنجي موقف تان هٽندا آهن. شاھ عبداللطيف ڀٽائي به پنهنجي وقت جو ڏاهو، مفڪر، قوم ۽ عوام جي ڌُر بڻيل عظيم شاعر رهيو ۽ آهي. سندس شاعري،سنڌي سماج، ٻوليءَ سان گڏ عوام دوستي ۽ انسان ذات جي ترجمان عالمگيري فڪر جو اولڙو آهي. هن پنهنجي شعر ۾ پنهنجي معمولي مشاهدي کي سموهيندي شعر ۾ غير معمولي ۽ لازوال فڪر سمائي ڇڏيو.
    جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کير ريءَ
    مٿئين بيت تي غور ڪجي ٿو ته شاھ لطيف ذاتي طور کاهوڙين سان پنڌ ڪيو هوندو ۽ ڪٿي سُڃ، رُڃ يا ڪنهن ويراني ۾ سج لٿو هوندو ۽ رات پوڻ ڪري ترسيو هوندو. اهي کاهوڙي سياري سبب يا کاڌ پِيت خاطر باھ ٻاري ويٺا هوندا. لطيف ان معمولي يا عام مشاهدي جي اظهار ۾ لازوال ۽ غير معمولي فڪر سمائي ڇڏيو جنهن جي گهري ۽ ڳُوڙهي فڪر ۾ سماج جي اعلي آدرشي انسان جو عزم ۽ حوصلو سموهيل آهي. اهڙي ريت سندس سموري شاعري ۾ سندس مشاهدن جي اعلي اڻت ۽ انهن مشاهدن جي اڻت ۾ فڪر انگيز خيالن جون روشنيون شامل آهن جيڪي سنڌي سماج جي پهلوئن کي روشن ڪن ٿيون ۽ ڪنديون رهنديون. سندس مشاهدو سمنڊ هو جنهن ۾ هن خيالن جي اونهائي سمنڊ کان به گهرِي اوتي ڇڏي. شاھ لطيف جي شاعري ۾ اهڙن مشاهداتي پهلوئن جا ڪيئي مثال موجود آهن.
    شاھ لطيف پنهنجي دور ۾ جيڪا عوام ۾ پذيرائي حاصل ڪئي سا به سندس عوام دوستي، انسان دوستي ۽ عالمگيري سوچ فڪر جي اظهار جي ڪري ملي. تاريخ ۾ موجود روايتن موجب وقت جي حڪمران کيس ڪنهن طريقي سان مارائڻ جا حيلا هلايا پر ڪرامتن سبب لطيف بچندو رهيو پر مونکي ايئن نظر اچي ٿو ته لطيف جي عوام ۾ وڏي پذيرائي هئي. لطيف عوام جو ۽ عوام لطيف جي ڌُر بڻيل هو جنهن ڪري حڪمران يا ان جو طبقو کيس ڪجھ نه ڪري سگهيو. شاھ لطيف جي عوام ۾ پذيرائي واري سگھ ني سندس ساڻي رهي هوندي.
    لطيف سان اسهپ هڪ طرف حڪمران طبقي پاران نظر اچي ٿي ته ٻئي طرف سندس دور جي شاعراڻي لڏي جي به اسهپ کي کيس منهن ڏيڻو پيو هوندو. ان بيقدري جي روئداد جا اولڙا ۽ عڪس سندس شاعري ۾ موجود آهن. شاھ لطيف جو ڪمال اهو آهي جو هن اهڃاڻ جو فن اعلي نموني ڪم آندو جنهن ڪري سندس اظهار آفاقي ويس به اوڍيو ته جدت ۽ ڪلاسيت کي به ڇُهيو. هن بظاهر ڪنهن کي اهميت نه ڏيڻ واري سوچ تحت به ڪيو هجي پر سندس تخيلاتي ڏاهپ اهڃاڻ جي صورت ۾ هر ماڻهو ۽ هر دور جي آرسي بڻجي وئي.
    عوام جي ڌُر هئڻ ۽ عوام ۾ مقبوليت سبب شاھ لطيف پنهنجي دور ۾ ڪن ماڻهن يا ڪنهن خاص طبقي جي بيقدري جو شڪار بڻيو هوندو. کيس حاسد سوچن طرفان تڪليف پهتي هوندي. جنهن جو اظهار سندس شاعري ۾ موجود آهي.
    ” قدر وارا ڪم ٿيا، کٽا خريدار“
    يا
    ” جي لوھ ڪُٽين لوهار، تن کي ڪهڙو قدر سون جو.“
    يا
    ” محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي به مئا،
    چڙيءَ جيئن چهنج ۾، لڏيائون لئا،
    حُباب ئي هئا، انهيءَ وادي وچ ۾. “
    شاھ صاحب جي مٿين شعرن ۾ سندس زندگيءَ ۾ ساڻس روِش ۽ سندس قد ڪاٺ سان بيقدري واري ورتاءُ جو مشاهدو لَکائي سگهجي ٿو. شاھ لطيف جي اهڃاڻي اظهار ان خيال کي هر دور جي سماجي قدرن سان سلهاڙي ڇڏيو پر ان جي پسمنظر ۾ سندس ذاتي مشاهدو ۽ بيقدري واري رَوِش ئي جهلڪندي نظر اچي ٿي. ڪنهن ساڻس ننڍي وڏي شاعر يا گائڪ هجڻ جو ذڪر ڪيو هوندو يا کيس معياري شاعر نه هجڻ جو طعنو هنيو هوندو يا اهڙي راءِ ڪنهن ذريعن کان وٽس پهتي هوندي ته چئي ڏنائين ته محروم ئي مري ويا مطلب وقت جي دز ۾ لٽجي ويا. مڃتا ماڻي نه سگهيا ڇو ته وٽن ڏات جو وکر جهرڪيءَ جي چهنب ۾ ڪکن جيترو هو. اهي زندگيءَ ۾ جَرُ تي ڦوٽي جيان هئا ظاهر ٿيندي گمنامي جي ور چڙهي ويا. سندس ان مشاهدي پٺيان وقت جي حڪمران طبقي جي بيقدري جو عنصر هجي يا ڪنهن ڌُر يا شخص جي بيقدري واري رَوِش هجي پر اهو واضع ٿئي ٿو ته شاھ لطيف جهڙو عظيم شاعر به پنهنجي دور يا حياتي ۾ نظر اندازي ۽ بيقدري واري ورتاءُ منجهان گذريو هوندو جنهن ڪري اهڙن خيالن جو اظهار ڪيائين.

    روزاني پنهنجي اخبار 14 آڪٽوبر 2019 ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو